Hot News
Loading...

Article on: قومي ليڊر.....جيڪو نظرياتي موقف سان گڏ سياسي حڪمت عملي.تدبير ۽ ادراڪ کي سمجهڻ جي صلاحيت ۽ اهليت رکندو هجي.


سنڌي قوم جيئن فڪري حوالي سان سيد اعظم سائين جي ايم سيد کي قومي رهبر تسليم ڪرڻ تي اتفاق ڪندي متفق آهي ساڳيءَ طرح سنڌوديش جي آزاديءَ لاءِ سياسي قومي جدوجهد جي حوالي سان سموري سنڌي قوم جي باشعور ماڻهن کي قومي جدوجهد ڪرڻ لاءِ هڪ قومي ليڊر جي نالي تي پن متفق عيندي اتفاق ڪرڻ اڄ جي حالتن ۽ وقت جي اهم ترين ضرورت بنجي ويئي آهي.
قومي ليڊر.....جيڪو نظرياتي موقف سان گڏ سياسي حڪمت عملي.تدبير ۽ ادراڪ کي سمجهڻ جي صلاحيت ۽ اهليت رکندو هجي.
قومي ليڊر.....جيڪو عالمي صورتهال جي مدنطر پنهنجي قومي مفادن جو دفاع ڪرڻ ۽ سنڌ جي قومي ڪيس،آواز ۽ جدوجهد کي عالمي برادري اقوام متحده ۽ دنيا جي مهذب جمهوري قومن ملڪن تائين سياسي جدوجهد ذريعي نه صرف ڪيس پڄائي پر سموري دنيا جو ڌيان پڻ ڇڪائي سگھڻ جي اهليت ۽ صلاحيت پڻ رکندو هجي.
قومي ليڊر.......جيڪو نه قرف قومي پاليسي جوڙڻ ۽ ڏيڻ جو سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ رکندو هجي بلڪه قومي تحريڪ کي سگھارو منظم ڪرڻ لاءِ انقلابي تنظيم سازي ڪرڻ جي اهل پڻ هجي .
قومي ليڊر......جيڪو رياست جي سازشن،حرفتن،مڪارين،دڙڪي دهمان ظلم جبر کي ڏاهپ تدبر،عقل ۽ فهم سان وقت ۽ حالتن تحت قومي مزاحمت ۽ سياسي فيصلن عملن ذريعي منهن ڏيڻ جي جرعت،بهادري ۽ ڏيا سان گڏ ثابت قدم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڏات جو مالڪ پڻ هجي.
قومي ليڊر.......جيڪو پنهنجي قول،فعل،ڏاهپ،ادراڪ،سوچ،سمجھ ۾ هڪ ڀرپور شخصيت ۽ ذهن جو مالڪ هجي.
قومي ليڊر....جيڪوپنهنجي وسيع تدبر،بردباري،برداشت معاملا فهمي ڏاهپ سبب سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ويٺل سمورن سنڌين کي قومي آزادي جي تاريخي سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ قومي پليٽفارم تي منظم ۽ متحد ڪرڻ سموئڻ ۽ قومي پارٽي جي ادارن ۾ کين گڏ کڻي هلڻ جي اهليت ۽ ارادو رکندو هجي.
قومي ليڊر....جيڪو پنهنجي پاليسين حڪمت عملين ۽ سياسي جدوجهد ۾ دشمن جي سمورين چالن،چالبازين، مڪارين،منافقتن،حرفتن چالاڪين کي مات ڏيئي دنيا ۽ سنڌي قوم جي اڳيان دشمن جي اصل مڪروح بدنيتي 7 منحوس چهري کي وائکو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ڏاءَ پڻ رکندو هجي.
قومي ليڊر .....جيڪو رياست جي ظلم جبر فاشزم بربريت رتوڇاڻ مارا ماريءَ جي باوجود نه جھڪي ۽ هر قسم جي لالچ،خوف کي مات ڏيڻ جو عشق،ايمان،ارادو ۽ جرعت رکندو هجي ۽ ثابت پڻ ڪري.
قومي ليڊر.....جيڪو قومي آزادي جي مقصد ۽ فڪر تي هر حالت ۾ ثابت قدم ٿي بيهي ۽ دنيا جي انقلابن جي سياسي جدوجهد ۽ حڪمت عملين جيئن پنهنجون قومي پاليسيون ۽ فيصلاڪرڻ جي ڏات جو ڌڻي هجڻ سان گڏ ميدان عمل تي قوم جي حقيقي سياسي فڪري عملي نمائيندگي ڪندڙ پڻ هجي.
قومي ليڊر جيڪو........قوم جو ويساه سياسي جدوجهد زاتي ڪردار ۽ عملي قربانين جي صورت ۾ نه صرف بحال ڪري پر ان کي قائم پڻ رکندو هجي ۽ قوم جي سياسي قيادت ۽ اڳواڻي ڪرڻ جي اهل پڻ هجي.
....ان کانسواءِ اهي سموريون صلاحيتون،ڏاهپ،گڻ ۽ عملي خوبيون،خصلتون ۽ جدوجهد جون سموريون تقاضائون پوريون ڪرڻ جي جرعت ۽ اهليت پڻ منجھس هجي....
ڇا سنڌ جا سياسي قومي ڪارڪن،باشعور سنڌي دانشور اديب سنڌ جي موجودا حالتن ۾ اهو اتفاق ڪن ٿا ته اسان کي هنن حالتن م سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هڪ باشعور،متحرڪ بااخلاق باصلاحيت باعمل ڏاهپ ۽ بهادريءَ جي گڻن واري قومي ليڊر تي اتفاق ڪرڻ گھرجي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم کي پنجابي سامراج جي بدترين قومي غلاميءَ مان آزادي ڏياري سگھڻ جو قومي فرض اداڪري سگھي.....جيڪڏهن ها ته پوءِ توهان سنڌ جي قومي قيادت ليڊر شپ لاءِ ڪهڙي نالي تي اتفاق ٿا ڪريو ايمانداريءَ سچائيءَ ۽ قومي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي راءِ ڏيو........هنن نالن مان توهان ڪهڙي نالي تي سنڌ جي قومي مفادن تحت قومي ليڊر طور اتفاق ڪريو ٿا.......
عبدالواحد آريسر...شفيع محمد برفت....ثنان خان قريشي،،،،،صفدر سرڪي....رياض چانڊيو....خالق جوڻيجو....شفيع ڪرناڻي....يا ڪو ٻيو نالو توهان جي ذهن ۾ هجي ته اهو به لکي ٿا سگھو.....
مهرباني ڪري پنهنجي راءِ کي سنڌ جي موجودا حالتن ۽ تاريخ جي اهم قومي ذميواريءَ کي سامنهون رکندي ڏيندا

Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment