Hot News
Loading...

Article on Pakistan Protection Ordinence By Hussain Bux Thebo


هي به هڪ نڪته نظر آهي
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هي تشويشناڪ صورتحال پاڪستان جهڙي نڀاڳي ملڪ ۾ ايسين تائين هلندي جيسين تائين سنڌي ۽ بلوچ پنهنجي آزادي نٿا وٺن ۽ هن سامراجي رياست جو خاتمو نٿو اچي۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اسلام آباد جو تماشو چئن چورن جو ملاکڙو آهي جيڪي پاڪستان جي چئن استحصالي طبقن ۽ حلقن جي نمائندگي ڪن ٿا۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
1۔ مذهب ۽ جاگيرداري جي انسان ذات خلاف هونئين ته صدين کان هلندڙ ڳٺ جوڙ آهي پر پاڪستان اندر اها وڌيڪ شدت سان رهي آهي ان جو ماڊريٽ پوز هڻندڙ ملان تُرلي (طاهر القادري)
2۔پٺاڻن جي ابدالي اسٽائل قبضي گيريءَ جي نمائندگي ڪندڙ پشاور کان ڪراچيءَ تائين پنجابين سان ڳٺ جوڙ ۾ پٺاڻن جي قبضي جا خواب ڏسندڙ نڀاڳو نسوار خان (عمران خان)
3۔ واپارين مان ترقي ڪري سرمائيداري ۾ داخل ٿيندڙن جي نمائندگي نواز شريف ٿو ڪري، هي پنجاب جي سامراجي سوچ جو نشامبر آهي۔
4۔ پنجابي سامراج جي اصل قوت پاڪستاني فوج۔ جيڪي جنرل جڏهين ڪنهن ڌاريئين ملڪ خلاف وڙهندا آهن ته پنهنجون گيليون ورديون ڇڏي ڀڄندا آهن پر پاڪستان کي بار بار فتح ڪندا آهن۔
پوءِ هنن جي ويڙھ جو اصل معاملو ڇا آهي؟
اصل معاملو سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن مان ملندڙ بي حساب دولت جي ونڊ ورڇ آهي تي حصي پتيءَ جو آهي
..........................................................................
جيڪي پنجابي سامراج ٻاهر ايڪسپوڙت ڪري اربين ڊالر ساليانو ڪمائي سگهي ٿو
...........................................................................
۔ توهان رڳو هي محدود اندازو لڳايو ته سنڌ جي 71 سيڪڙو گئس 98 سيڪڙو ڪوئلو (دنيا جو ڇهن وڏن ذخيرن مان هڪ) آف شور توڙي آن شور تيل جا وڏا ذخيرا جوهي واري علائقي مان ملندڙ يورينيم۔ هوڏانهن بلوچستان جي سينڊڪ، رڪو ڊيڪ، چاغي مان ملندڙ ڪروڙين ٽن ٽامو، هزارين ٽن چاندي چار هزار ٽن سون ملڻ جي اميد آهي۔ ان کان سواءِ سينڊڪ ۽ رڪو ڊيڪ جي ٻنهي کاڻين مان تازي سروي ڪيل محدود اندازي مطابق 800ٽن سينڊڪ+1800ٽن رڪو ڊيڪ ؛؛ ڪل 2600 ٽن سون ملندو رڪو ڊيڪ دنيا ۾ سون پيدا ڪندڙ پنجن مان هڪ آهي چاغي جي سروي هلي پئي جتان انهن جيترا سون جا ذخير ملڻ جي اميد آهي بلوچستان مان 1952 کان 11 ٽريلين ڪعب فُٽَ سُئي گئس کي پنجاب استعمال ڪري رهيو آهي جنهن پنجاب جي شهري ترقي ۽ سرمائيداري نظام کي بي حساب هٿي ڏني آهي اڄ ڏينهن تائين 7 ٽريلين ڪعب فُٽ گئس خرچ ٿي چڪي آهي اڃان باقي اتي 5 ٽريلين ڪعب فُٽَ گئس ٽيهن سالن تائين جي آهي۔ هن حساب ڏيڻ جو مقصد هي ٻڌائڻ آهي ته ڪوهلو ڪاهان بلاڪ مان هڪ اوائلي محدود سروي مطابق 24 ٽريلين گئس جا ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن (سوئي گئس جي ڪل دريافت گئس کان ڪوهلو ڪاهان گئس جا ذخيرا ٻيڻ کان به وڌيڪ آهن) جيڪي پنجابي سامراج ٻاهر ايڪسپوڙت ڪري اربين ڊالر ساليانو ڪمائي سگهي ٿو۔ اتي تيل جا به تمام وڏا ذخيرا آهن۔ آهن ان کان سواءِ سنڌ وانگر بلوچستان جي سامونڊي علائقي ۾ به تيل جا ذخير دريافت ٿيا آهن۔ 
................................................................................................
" تحفظِ پاڪستان" جي ڪاري قانون جي ڇانوَ هيٺ هاڻي چئوڪ چئوڪ تي وطن دوستن جون ڦاسيون انڊونيشيا وانگر ٽنگبيون۔
...............................................................................................
بلوچستان ۾ هلندڙ هٿيار بند ويڙھ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب سامراج انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي عورتن ٻارن پوڙهن ۽ غير فوجي بلوچن تي هوائي زميني آپريشن وسيلي ختم ڪرڻ لاءِ وسندين جون وسنديو صفحي هستي تان مٽائڻ جون ڪوششون هلي رهيون آهن۔ ان صورتحال ۾ منهنجي راءِ آهي ته هي سڀ حرامي سنڌين ۽ بلوچن کي فنا ڪرڻ لاءِ گڏ آهن۔ جيڪڏهين نواز شريف کي اقتدار ۾ رهڻ ڏنو ويو ته پوءِ هي خطرناڪ صورت جنم وٺندي۔
1۔ ايران افغنستان انڊيا ۽ آمريڪا جا معاملن سان گڏ پرڏيهي دفاع وغيره هاڻي ڪنهن به رنڊڪ کان سواءِ فوج جي حوالي هوندا۔
2۔ سنڌ ۽ بلوچستان جي خلاف " تحفظِ پاڪستان" ڪاري قانون جو مڪمل نفاذ فوج شروع ڪندي جنهن جي خلاف ڪو به قانون ڪورٽ يا سياسي پريشر آڏو نه ايندو ان مطابق هاڻ چئوڪ چئوڪ تي وطن دوستن جون ڦاسيون انڊونيشيا وانگر ٽنگبيون۔
3۔ انڊيا خلاف جنگي جنون شديد کان شديد ڪيو ويندو جيئن امن جي ڪا به صورت پيدا نه ٿيئي جنهن سان وڏي فوج رکڻ جي جواز کي ڪو ڇيهو پهچي سگهي۔
4۔ فوجي خرچن ۽ هٿيارن جي خريداري جي مڪمل ڇوٽ هوندي جنهن سان ڪڪ بيڪس ڪميشنن جي اربين ڊالرن جي آمد وڏي پئماني تي قائم رهندي۔ ان تي اختياري جمعدار جاڙي خان جي قائم رهندي ان لاءِ کيس مناسب وقت تي ايڪسٽينشن پڻ ڏني ويندي جيئين دنيا جو رڪارڊ برقرار رکي سگهي ته دنيا جا شاهوڪار ترين جنرل پاڪستاني آهن
5۔ ملڪ جو خرچ ڪاغذي نوٽ چپائي ملڪ جو خرچ هلائڻ جي ڪوششن ۾ روپئي جي قيمت افغانستان جي روپئي جي سطح تي اچي بيهندي۔ ماڻهو نوٽن جي ٻوري ڀري ڀاڄي جي ٿيلهي وٺي اچبي
6۔ هي تشويشناڪ صورتحال پاڪستان جهڙي نڀاڳي ملڪ ۾ ايسين تائين هلندي جيسين تائين سنڌي ۽ بلوچ پنهنجي آزادي نٿا وٺن ۽ هن سامراجي رياست جو خاتمو نٿو اچي۔ 
نه ته انتظار ڪريو ته ڪاري ڍڳي جو اصل وردي پوش مالڪ ڄاڻ ٿو ٽي وي تي ڪلف لڳل وردي سميت اچي چوي "اسلام عليڪم هموطنو۔۔۔۔۔۔۔ اوئي کهوتي دي پترو "
(حسين بخش ٿيٻو)
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment