image05 image06 image07

300x250 AD TOP

FREEDOM VOICE

Contact Form

Name

Email *

Message *

AD (728x60)

Like us

Subscribe

Follow by Email

Ad Scene

Social Icons

Popular Posts

Featured Posts

.

Feature Label Area

Friday, 27 March 2015

Tagged under:

JSSF (JSMM) Chariman Appeal to Sindhi Nation



ﺟﺴﺎﻑﺟﺴﻤﻢ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮﺭﺳٽﻲ ﺟﻲ
ﺍﺳﺘﺎﺩﻥ ﮐﻲ ﮔﺬﺍﺭﺵ ڪﺮﻱ ﭤﻲ ﺗﻪ ﮬڪ ﭔﻲ ﺟﺎ
ﭘﻴﺮ ڪﮃﮠ ﺑﺠﺎﺀِ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﻘﺪﺱ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ
ﺍﺩﺍﺭﻱ ﮐﻲ ﺭﻳﻨﺠﺮﺯ ﮬﭥﺎﻥ ﺗﺒﺎﻩ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻥ
ﺑﭽﺎﻳﻮ، ﺗﻮﮬﺎﻥ ﺟﻲ ﻗﻠﻢ ۽ ﺷﻌﻮﺭ ﺟﻲ ﺯﺑﺎﻥ
ﮬﻦ ﻣﻘﺪﺱ ﺍﺩﺍﺭﻱ ﮐﻲ ﺑﭽﺎﺋﻲ ﺳﮕﮭﻲ ﭤﻲ.
ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ﺳﺎﺯﺷﻦ ﺟﻲ ﻭﺭ ﭼڙﮬﻲ ﮬڪ ﭔﻲ
ﺳﺎﻥ ﻭڙﮬﻦ ﺑﺠﺎﺀِ ﺍﭼﻮ ﺗﻪ ﺍﺻﻞ ﻗﻮﻡ ۽
ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﺩﺷﻤﻦ ﺳﺎﻥ ﺟﻨﮓ ڪﻴﻮﻥ ﺟﻨﮭﻦ
ﺟﻲ ﻗﻮﻡ ﺍﺳﺎﻥ ﮐﺎﻥ ﺗﻘﺎﺿﺎ ڪﺮﻱ ﭤﻲ.
ﺳﻤﻮﺭﻱ ﺳﻨﮅﻱ ﻗﻮﻡ ﺟﻴﺎﻥ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮﺩ
ﺍﭲ ﭔﻲ ﻭﺍﮬﺎ، ﻻﭼﺎﺭ ۽ ﻻﻭﺍﺭﺛﻦ ﺟﻴﺎﻥ ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ
ﻋﺘﺎﺏ ﺟﻮ ﺷڪﺎﺭ ﭤﻲ ﺭﮬﻴﺎ ﺁﮬﻦ. ﺟﺴﺎﻑ
ﺟﺴﻤﻢ ﺳﺎﻣﺮﺍﺟﻲ ﻧﺎﭘﺎڪ ﺍﺭﺍﺩﻥ ﺍﮘﻴﺎﻥ ﺳﻴﻨﺎ
ﺗﺎڙﻳﻮ ﭘﻨﮭﻨﺠﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺑﻘﺎﺀ ﺟﻲ ﺳﺎﮐﻲ ﮬﺠﮡ
ﺟﻮ ﺛﺒﻮﺕ ڏﻳﻨﺪﻱ 31 ﻣﺎﺭﭺ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ
ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﺍﺩﺍﺭﻥ ۾ ﺳﻨﮅﻭﺩﻳﺶ ﺟﻮ ڏﮬﺎڙﻭ
ﻣﻠﮭﺎﺋﻲ ﺭﻳﺎﺳﺘﻲ ﺟﺒﺮ ۽ ﻇﻠﻢ ﺟﻲ ﺧﻮﻑ
ﻭﺍﺭﻱ ڪﻮٽ ﮐﻲ ڊﺍﮬﻲ ﻣٽﻲ ۾ ﻣﻼﺋﻲ
ﮀڏﻳﻨﺪﻱ.
ﺣﻔﻴﻆ ﭘﻴﺮﺯﺍﺩﻭ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ﺟﺴﺎﻑ ﺟﺴﻤﻢ

Wednesday, 25 March 2015

Tagged under:

JSSF (JSMM) Chairman Press Release 25th March 2015


جساف(جسمم) سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ڪاليجن، 


ورسٽن ۽ ضلعي ھيڊڪوارٽن اندر 31 مارچ ’سنڌوديش 


.جو ڏھاڙو‘ ڀرپور انداز ۾ ملھائڻ جو اعلان ڪري ٿي.


رينجرز ۽ ڳجھن ادارن ڄامشوري جي تعليمي ادارن اندر اھڙو 


ماحول جوڙيو آھي جيئن وانا ۽ وزيرستان ۾ ضرب عضب 


آپريشن ڪري رھيا ھجن.ھر آئي ڏينھن تي معصوم شاگردن مٿان 


تشدد، گرفتاريون، گمشدگيون، شھادتون، 


ھاسٽل جي ڪمرن تي چڙھايون، ڀڃ ڊاھ معمول بڻيل آھي. پر 


سنڌ جي ميڊيا ۽ ساڃاھ وندن جي اک ڄامشوري 


جي تعليمي ادارن ۾ جاري رياستي جبر ۽ ظلم تي نٿي پوي. 


جساف(جسمم) سنڌ يونيورسٽي ھاسٽل تي رينجرز 


جي لشڪرڪشي جي مذمت ڪري ٿي.


حفيظ پيرزادو


(چيئرمين جساف جسمم)

Sunday, 19 October 2014

Tagged under:

پريس رليز: جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت جو پريس بيان

جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت جو پريس بيان


________________________________________

اقوام متحده عالمي ادارا مهذب جمهوري ملڪ سنڌ جي سياسي قومي ڪارڪنن جي رياستي ادارن ۽ ايجنسين جي هٿان گم ڪرڻ، مارڻ ۽ غير انساني تشدد ذريعي چچريل لاشن ڏيڻ جو نوٽيس وٺن..
جيئي سنڌ متحدا محاذ طرفان شهيد ضامن جي جي ڀاءَ پريل شاهه ۽ شهيد افضل پنهورجي والد منور پنهور سميت سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن آصف پنهور ، واجد لانگها، سرويچ پيرزادو، فهيم ڀٽو، روحيل لغاري اله وڌايو مهر جي گرفتارين گم شدگين ۽ سنڌ جي ڳڀرو پٽن جي رياستي قتل عام خلاف 21 ،22،23 آڪٽوبر تي سنڌ ۾ احتجاج ڪري عالمي برادريءَ کي اپيل ڪئي ويندي ته اها سنڌ ۾ رياستي ادارن هٿان سنڌ جي قومي آواز کي ڪچلڻ لاءِ قومي ڪارڪنن جي مارڻ گم ڪرڻ ۽ چچريل لاشن جي ذريعي آزاديءَ جي سياسي تحريڪ کي روڪڻ جي چال ۽ حرڪت خلاف آواز بلند ڪن..
اهڙخيالن جو اظهار جيئي سنڌ متحدا محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.هن چيو ته قومي سياسي ڪارڪنن جي جبري گم شدگي مارجڻ مٿن رياستي ادارن جو غير انساني ٽارچر تشدد ۽ چچريل لاشن جو روڊن تي اڇلڻ وارو مسئلو سموري سنڌي قوم ۽ قومي تحريڪ جو گڏيل ۽ مشترڪه مسئلو آهي ان ڪري ان اهم مسئلي تي سموري قومي تحريڪ جي سياسي ڪارڪنن کي هڪ يڪ آواز ٿي پنهنجي سياسي جدوجهد ڪرڻ گھرجي.هن چيو ته جسمم سنڌ جي قومي تحريڪ کي عوامي ميمبرشپ ذريعي جيڪو 5 لک ميمبر شپ ڪرڻ ۽ سنجيدا تنظيم سازي جو اعلان ڪيو هئو ان بعد جسمم جي قومي ڪارڪنن کي رياستي ادارن جي هٿان جبري گم شدگي ڪرڻ مارڻ ۽ چچريل لاشن ڏيڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي هن چيو ته عالمي ادارا اقوام متحدا آمريڪا يورپي يونين کي اپيڪ ٿا ڪريون ته اهي جسمم خلاف رياستي ظلم ڏاڍ ۽ جبر جو نوٽيس وٺن هن چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به قوم جي آزاديءَ جي تحريڪ جي رياستي رتوڇاڻ مارا ماري ۽ تشدد ذريعي ختم نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته سنڌ جا دانشور اديب صحافي ۽ سڄاڻ ڌرين کي قومي ڪارڪنن جي مارججڻ ۽ چچريل لاشن جو نوٽيس وٺڻ گھرجي.هن چيو ته جسمم هڪ سنجيدا سياسي قومي پارٽي آهي جنهن ڪري رياست سنڌ جي قومي تحريڪ جي ان سنجيدا سياسي ڌر خلاف گھڻي وقت کان وٺي غير انساني تشدد ،ٽارچر ۽ آپريشن جاري رکيو آهي هن چيو ته هي 21 صديءَ جو زمانو آهي جتي ڪنهن به قوم جي آزاديءَ جي حق کي ڪچلي نٿو سگھجي هن چيو ته جسمم سنڌ جي اندر سياسي قومي جدوجهد ۽ پنهنجي شهيدن گم ٿيل ڪارڪنن جي حياتين بچائڻ لاءِ سموري قوم ۽ دنيا جي اڳيان پنهنجي ڪيس رکڻ سان گڏ سياسي تهرڪ ۽ جدوجهد جو پڻ اعلان ڪري ٿي هن چيو ته قومي ڪارڪنن کي تنظيم سازي سان گڏ گم ٿيل ڪارڪنن ۽ سنڌ جي اهم قومي مسئلن تي سياسي تحرڪ ۽ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو پڻ شروع ڪريو ٿو وڃي جنهن لاءِ ڪارڪن تيار رهن ۽ گم ٿيل ۽ شهيد ٿيل اڳواڻن جو ڪيس قوم جي هر باشعور باضمير سنڌيءَ تائين پهچائين. هن وڌيڪ چيو ته قوم جي ڳڀرو جوانن ۽ ٻچن کي سنڌ جو نالو وٺڻ جي ڏوهه ۾ بي درديءَ سان ماريو پيو وڃي عالمي ادارا انساني حقن جون تنظيمون آمريڪا يورپي يونين ۽ مهذب جمهوري ملڪ نوٽيس وٺن ،سنڌ جي اديبن دانشورن صحافين کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان جي مائن ڀينرن پوڙهن والدين جي جھولين کي پٽن جي وجود کان خالي ڪندڙ هن وحشي رياست جي ظلم ۽ جبر خلاف پنهنجوآواز بلند ڪن.
.آزاديءَ جي عظيم مقصد لاءِ پٽن جي حياتين جا ٻليدان پيا پيش ڪيو چچريل لاشن جي ڪيس اقوام متحده ۽ عالمي ادارن تائين پهچائڻ لاءِ سياسي احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيون ٿا سنڌي ميڊيا ساٿ ڏئي. هن قتل غارت گريءَ ۽ موت اڳيان ڪنڌ نه جهڪائينداسين، جيڪي ڪنڌ دشمن اڳيان نه جهڪندا آهن اهي ئي ڪٽجندا آهن، اسان کي ان ڪري ماريو پيو وڃي جو اسان دشمن جي اڳيان هار نٿا مڃون، پنهنجي مقصد تي ڪلهه به بيٺل هئا سين اڄ به اٽل ارادن سان بيٺل آهيون. شهادتن جا ڏاج مليا آهن انهن کي پنهنجي جهوليءَ ۾ وڌو آهي رت جي آخري ڦڙي تائين ثابت قدم رهنداسين. موت اسان کي مات نٿو ڏئي سگهي ابن ڏاڏن جي عظمتن کي شرمندو نه ڪنداسين هر ظلم، ڏاڍ، غلامي ۽ ذلت جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکنداسين.

Monday, 13 October 2014

Tagged under:

JSSF (JSMM) student activist killed in Karachi By Security Agency ISI & M.I


A Sindhi sub-nationalist student activist, who was abducted on 5th of October in the day of Eid, has been brutally killed and his body has been dumped near the Malir Military Cantonment in Karachi. The Sindhi sub-nationalist named Shakeel Konhare was a student in the Sindh University where he was studying in the department of Social Work. He belonged to the student union Jeay Sindh Student Federation (JSFF) affiliated to the Jeay Sindh Muttahida Mahaz (JSMM).
This first year student was celebrating Eid when he was abducted by reportedly religious fanatics and Pakistani nationalists abducted. For entire 5 days his whereabouts were unknown. Since the day one the JSMM leaders were blaming an intelligence hand in his abduction. The JSMM General Secretary Sajjad Shar alleged, “It was the notorious Pakistani intelligence agency Inter Services Intelligence (ISI) that is behind all the kidnappings including this one.” He expressed fear that he might be killed using most brutal methods of torture available.
Dr. Shar sough examples of a hundreds of Sindhi sub-nationalists belonging to JSQM and JSMM who were abducted and subsequently killed through torturous methods. Today the dead body of Comrade Shakeel Konhare has been found dumped near Malir Military Cantonment in Karachi. This is the same place where the bullet-riddle mutilated body of Comrade Muzaffar Bhutto was also found. The Sindhi separatist leaders are putting direct blame of ISI involvement and military backing in such extra-judicial assassinations sponsored by the state.
The JSMM leadership once again decided to go to human rights organizations to raise this matter. However in condition of anonymity one of the Sindhi sub-nationalist leaders belonging to JSMM said that they actually feel no hope from the human rights organizations in Pakistan which he claims to be stooge of the military establishment. When asked where they will raise their concern, he replied, “Asian Human Rights Commission (AHRC)”. AHRC has raised such issues in past as well

Sunday, 21 September 2014

Tagged under:

Article on: متحده سربراهه الطاف حسين کي سائين محمد ابراهيم جويو جو جواب



الطاف، مهاجر کي وزير اعليٰ بڻائڻ جي ڳاله ڪري ٿو پر 12 سالن کان مقرر سندن گورنر جر ڳالهه ڇو نٿو ڪري؟
انتظامي يونٽ ٺاهڻا آهن ته پهرين سنڌ کي آزاد رياست طور بحال ڪريو: محمد ابراهيم جويو
47ع ۾ سنڌ اصلوڪي رياست طور بحال نه ٿي، اڄ به 1857ع کان اڳ واري حيثيت ماڻڻ لاءِ واجهائي پئي
ملڪ اندر صوبا ٺهندا آهن پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته صوبو قرار ڏنل سنڌ ۾ بيو صوبو ٺاهيو وڃي!
متحده سربراهه موجب مهاجر آبادي بنياد تي صوبو ڏنو وڃي ته پوءِ مهاجر ته ڪا قوم ئي نه آهي
سنڌ جا ماڻهو مطالبو ڪن ته ڪراچي کي سنڌ جي پاڻي فراهمي بند ڪئي وڃي ته ڇا اهو ممڪن آهي؟
ڇا ٿر وارا ڪوئلو نڪرڻ جي بنياد تي مطالبو ڪن ته ٿر کي صوبو قرار ڏنو وڃي؟ سنڌ جي ڏاهي جو بيان ۾ اظهار
حيدرآباد(پ ر) سنڌ جي برک ڏاهي محمد ابراهيم جويو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ اڄ به 1857ع کان اڳ واري آزاد حيثيت ماڻڻ لاءِ واجهائي رهي آهي، 1947ع ۾ سنڌ کي صوبي جو درجو ڏيڻ بدران ان جي اصلوڪي آزاد رياست جي حيثيت ۾ بحال ڪرڻو هو، جيڪو نه ٿي سگهيو، اهو هڪ وڏو الميو آهي، سنڌ کي جديد غلامي ۾ ڌڪيندي صوبي جي حيثيت ڏني وئي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اڳ ۾ ئي صوبو قرار ڏنل سنڌ اندر ٻيو صوبو ٺاهيو وڃي، ملڪ اندر صوبا ٺهندا آهن پر صوبن ۾ صوبا نه ٺهندا آهن، جيڪڏهن سنڌ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻا آهن ته پهرين سنڌ کي رياست طور 1940ع جي قرارداد موجب بحال ڪيو وڃي، پوءِ ان ۾ ڀلي انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن. ايم ڪيو ايم جو چوڻ آهي ته شهري آبادي ۾ احساس محرومي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم 22 سالن کان وڌيڪ اقتدار ۾ رهي آهي، آمرن جي حڪومت جو حصو پڻ رهي آهي، گورنر، وزيرن، مشيرن، ناظمن، ڪائونسلرن ۽ ڪامورن سميت حڪومتن جو حصو رهيا آهن ۽ کربين رپيا تقرياتي ڪمن جي مد ۾ کين بجيٽ ملي آهي، جنهن جي اڄ ڏينهن تائين آڊٽ به نه ٿي سگهي آهي، هي چون ٿا ته ڪراچي 90 سيڪڙو روينيو ڏئي ٿو، ان ڪري ڪراچي انتطامي يونٽ ڪيو وڃي پر جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو اهو مطالبو ڪن ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته پاڻي سنڌو درياءَ مان ٿو اچي، ڇا اهو ممڪن آهي؟ ڇا ٿر وارا ڪوئلو نڪرڻ جي بنياد تي مطالبو ڪن ته ٿر کي صوبو قرار ڏنو وڃي؟ ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ شهر قومن جا معاشي ۽ اقتصادي سگهه ٿينٿا، دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو مثال ناهي ته ملڪن کي يا صوبن کي شهري ۽ ٻهراڙي جي بنياد تي ورهايو وڃي ته پوءِ سنڌ کي ڇو، سڄي پاڪستان کي ورهائي ڇڏيو، شهري پاڪستان الڳ ۽ ٻهراڙي پاڪستان الڳ ٺاهي ڇڏيو، هن چيو ته متحده سربراهه موجب مهاجر آبادي جي بنياد تي صوبو ڏنو وڃي ته پوءِ مهاجر ته ڪا قوم ئي نه آهي، ڪراچي ۾ صرف اردو ڳالهائيندڙ نه پر پشتو، بلوچ ۽ ٻيون قومون به آباد آهن، سڀاڻي اهي ڪراچي کي ٽوڙي پنهنجا صوبا ٺاهڻ جا مطالبا ڪري سگهن ٿا.هن چيو ته متحده جي ڪراچي ۾ سياست ناڪام ٿي رهي آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ اهڙا مطالبا ڪري رهي آهي، ساڳئي وقت سنڌي عوام ردعمل ۾ پ پ جي حمايت ٿي ڪري، اُهي ٻئي ڌريون اقتدار جا مزا ماڻي رهيون آهن، الطاف حسين مهاجر کي چيف منسٽر بڻائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ ڪراچي ۾ سنڌي ناظم بڻائڻ ۽ 12 سالن کان سندن گورنر هئڻ جي ڳالهه ڇو نٿو ڪري؟ محمد ابراهيم جويو چيو ته شهر ڪنهن به قومن جا اقتصادي ۽ معاشي سگهه هوندا آهن، ڪابه قوم مرڻ ۽ جيئڻ جي جتن کانسواءِ پنهنجي شهرن تان هٿ ناهي کڻندي.

Wednesday, 3 September 2014

Tagged under:

Article on: قومي ليڊر.....جيڪو نظرياتي موقف سان گڏ سياسي حڪمت عملي.تدبير ۽ ادراڪ کي سمجهڻ جي صلاحيت ۽ اهليت رکندو هجي.


سنڌي قوم جيئن فڪري حوالي سان سيد اعظم سائين جي ايم سيد کي قومي رهبر تسليم ڪرڻ تي اتفاق ڪندي متفق آهي ساڳيءَ طرح سنڌوديش جي آزاديءَ لاءِ سياسي قومي جدوجهد جي حوالي سان سموري سنڌي قوم جي باشعور ماڻهن کي قومي جدوجهد ڪرڻ لاءِ هڪ قومي ليڊر جي نالي تي پن متفق عيندي اتفاق ڪرڻ اڄ جي حالتن ۽ وقت جي اهم ترين ضرورت بنجي ويئي آهي.
قومي ليڊر.....جيڪو نظرياتي موقف سان گڏ سياسي حڪمت عملي.تدبير ۽ ادراڪ کي سمجهڻ جي صلاحيت ۽ اهليت رکندو هجي.
قومي ليڊر.....جيڪو عالمي صورتهال جي مدنطر پنهنجي قومي مفادن جو دفاع ڪرڻ ۽ سنڌ جي قومي ڪيس،آواز ۽ جدوجهد کي عالمي برادري اقوام متحده ۽ دنيا جي مهذب جمهوري قومن ملڪن تائين سياسي جدوجهد ذريعي نه صرف ڪيس پڄائي پر سموري دنيا جو ڌيان پڻ ڇڪائي سگھڻ جي اهليت ۽ صلاحيت پڻ رکندو هجي.
قومي ليڊر.......جيڪو نه قرف قومي پاليسي جوڙڻ ۽ ڏيڻ جو سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ رکندو هجي بلڪه قومي تحريڪ کي سگھارو منظم ڪرڻ لاءِ انقلابي تنظيم سازي ڪرڻ جي اهل پڻ هجي .
قومي ليڊر......جيڪو رياست جي سازشن،حرفتن،مڪارين،دڙڪي دهمان ظلم جبر کي ڏاهپ تدبر،عقل ۽ فهم سان وقت ۽ حالتن تحت قومي مزاحمت ۽ سياسي فيصلن عملن ذريعي منهن ڏيڻ جي جرعت،بهادري ۽ ڏيا سان گڏ ثابت قدم ڪردار ادا ڪرڻ جي ڏات جو مالڪ پڻ هجي.
قومي ليڊر.......جيڪو پنهنجي قول،فعل،ڏاهپ،ادراڪ،سوچ،سمجھ ۾ هڪ ڀرپور شخصيت ۽ ذهن جو مالڪ هجي.
قومي ليڊر....جيڪوپنهنجي وسيع تدبر،بردباري،برداشت معاملا فهمي ڏاهپ سبب سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ويٺل سمورن سنڌين کي قومي آزادي جي تاريخي سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ قومي پليٽفارم تي منظم ۽ متحد ڪرڻ سموئڻ ۽ قومي پارٽي جي ادارن ۾ کين گڏ کڻي هلڻ جي اهليت ۽ ارادو رکندو هجي.
قومي ليڊر....جيڪو پنهنجي پاليسين حڪمت عملين ۽ سياسي جدوجهد ۾ دشمن جي سمورين چالن،چالبازين، مڪارين،منافقتن،حرفتن چالاڪين کي مات ڏيئي دنيا ۽ سنڌي قوم جي اڳيان دشمن جي اصل مڪروح بدنيتي 7 منحوس چهري کي وائکو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ڏاءَ پڻ رکندو هجي.
قومي ليڊر .....جيڪو رياست جي ظلم جبر فاشزم بربريت رتوڇاڻ مارا ماريءَ جي باوجود نه جھڪي ۽ هر قسم جي لالچ،خوف کي مات ڏيڻ جو عشق،ايمان،ارادو ۽ جرعت رکندو هجي ۽ ثابت پڻ ڪري.
قومي ليڊر.....جيڪو قومي آزادي جي مقصد ۽ فڪر تي هر حالت ۾ ثابت قدم ٿي بيهي ۽ دنيا جي انقلابن جي سياسي جدوجهد ۽ حڪمت عملين جيئن پنهنجون قومي پاليسيون ۽ فيصلاڪرڻ جي ڏات جو ڌڻي هجڻ سان گڏ ميدان عمل تي قوم جي حقيقي سياسي فڪري عملي نمائيندگي ڪندڙ پڻ هجي.
قومي ليڊر جيڪو........قوم جو ويساه سياسي جدوجهد زاتي ڪردار ۽ عملي قربانين جي صورت ۾ نه صرف بحال ڪري پر ان کي قائم پڻ رکندو هجي ۽ قوم جي سياسي قيادت ۽ اڳواڻي ڪرڻ جي اهل پڻ هجي.
....ان کانسواءِ اهي سموريون صلاحيتون،ڏاهپ،گڻ ۽ عملي خوبيون،خصلتون ۽ جدوجهد جون سموريون تقاضائون پوريون ڪرڻ جي جرعت ۽ اهليت پڻ منجھس هجي....
ڇا سنڌ جا سياسي قومي ڪارڪن،باشعور سنڌي دانشور اديب سنڌ جي موجودا حالتن ۾ اهو اتفاق ڪن ٿا ته اسان کي هنن حالتن م سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هڪ باشعور،متحرڪ بااخلاق باصلاحيت باعمل ڏاهپ ۽ بهادريءَ جي گڻن واري قومي ليڊر تي اتفاق ڪرڻ گھرجي جيڪو سنڌ ۽ سنڌي قوم کي پنجابي سامراج جي بدترين قومي غلاميءَ مان آزادي ڏياري سگھڻ جو قومي فرض اداڪري سگھي.....جيڪڏهن ها ته پوءِ توهان سنڌ جي قومي قيادت ليڊر شپ لاءِ ڪهڙي نالي تي اتفاق ٿا ڪريو ايمانداريءَ سچائيءَ ۽ قومي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي راءِ ڏيو........هنن نالن مان توهان ڪهڙي نالي تي سنڌ جي قومي مفادن تحت قومي ليڊر طور اتفاق ڪريو ٿا.......
عبدالواحد آريسر...شفيع محمد برفت....ثنان خان قريشي،،،،،صفدر سرڪي....رياض چانڊيو....خالق جوڻيجو....شفيع ڪرناڻي....يا ڪو ٻيو نالو توهان جي ذهن ۾ هجي ته اهو به لکي ٿا سگھو.....
مهرباني ڪري پنهنجي راءِ کي سنڌ جي موجودا حالتن ۽ تاريخ جي اهم قومي ذميواريءَ کي سامنهون رکندي ڏيندا

Tuesday, 2 September 2014

Tagged under:

Article on Pakistan Protection Ordinence By Hussain Bux Thebo


هي به هڪ نڪته نظر آهي
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
هي تشويشناڪ صورتحال پاڪستان جهڙي نڀاڳي ملڪ ۾ ايسين تائين هلندي جيسين تائين سنڌي ۽ بلوچ پنهنجي آزادي نٿا وٺن ۽ هن سامراجي رياست جو خاتمو نٿو اچي۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اسلام آباد جو تماشو چئن چورن جو ملاکڙو آهي جيڪي پاڪستان جي چئن استحصالي طبقن ۽ حلقن جي نمائندگي ڪن ٿا۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
1۔ مذهب ۽ جاگيرداري جي انسان ذات خلاف هونئين ته صدين کان هلندڙ ڳٺ جوڙ آهي پر پاڪستان اندر اها وڌيڪ شدت سان رهي آهي ان جو ماڊريٽ پوز هڻندڙ ملان تُرلي (طاهر القادري)
2۔پٺاڻن جي ابدالي اسٽائل قبضي گيريءَ جي نمائندگي ڪندڙ پشاور کان ڪراچيءَ تائين پنجابين سان ڳٺ جوڙ ۾ پٺاڻن جي قبضي جا خواب ڏسندڙ نڀاڳو نسوار خان (عمران خان)
3۔ واپارين مان ترقي ڪري سرمائيداري ۾ داخل ٿيندڙن جي نمائندگي نواز شريف ٿو ڪري، هي پنجاب جي سامراجي سوچ جو نشامبر آهي۔
4۔ پنجابي سامراج جي اصل قوت پاڪستاني فوج۔ جيڪي جنرل جڏهين ڪنهن ڌاريئين ملڪ خلاف وڙهندا آهن ته پنهنجون گيليون ورديون ڇڏي ڀڄندا آهن پر پاڪستان کي بار بار فتح ڪندا آهن۔
پوءِ هنن جي ويڙھ جو اصل معاملو ڇا آهي؟
اصل معاملو سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن مان ملندڙ بي حساب دولت جي ونڊ ورڇ آهي تي حصي پتيءَ جو آهي
..........................................................................
جيڪي پنجابي سامراج ٻاهر ايڪسپوڙت ڪري اربين ڊالر ساليانو ڪمائي سگهي ٿو
...........................................................................
۔ توهان رڳو هي محدود اندازو لڳايو ته سنڌ جي 71 سيڪڙو گئس 98 سيڪڙو ڪوئلو (دنيا جو ڇهن وڏن ذخيرن مان هڪ) آف شور توڙي آن شور تيل جا وڏا ذخيرا جوهي واري علائقي مان ملندڙ يورينيم۔ هوڏانهن بلوچستان جي سينڊڪ، رڪو ڊيڪ، چاغي مان ملندڙ ڪروڙين ٽن ٽامو، هزارين ٽن چاندي چار هزار ٽن سون ملڻ جي اميد آهي۔ ان کان سواءِ سينڊڪ ۽ رڪو ڊيڪ جي ٻنهي کاڻين مان تازي سروي ڪيل محدود اندازي مطابق 800ٽن سينڊڪ+1800ٽن رڪو ڊيڪ ؛؛ ڪل 2600 ٽن سون ملندو رڪو ڊيڪ دنيا ۾ سون پيدا ڪندڙ پنجن مان هڪ آهي چاغي جي سروي هلي پئي جتان انهن جيترا سون جا ذخير ملڻ جي اميد آهي بلوچستان مان 1952 کان 11 ٽريلين ڪعب فُٽَ سُئي گئس کي پنجاب استعمال ڪري رهيو آهي جنهن پنجاب جي شهري ترقي ۽ سرمائيداري نظام کي بي حساب هٿي ڏني آهي اڄ ڏينهن تائين 7 ٽريلين ڪعب فُٽ گئس خرچ ٿي چڪي آهي اڃان باقي اتي 5 ٽريلين ڪعب فُٽَ گئس ٽيهن سالن تائين جي آهي۔ هن حساب ڏيڻ جو مقصد هي ٻڌائڻ آهي ته ڪوهلو ڪاهان بلاڪ مان هڪ اوائلي محدود سروي مطابق 24 ٽريلين گئس جا ذخيرا دريافت ڪيا ويا آهن (سوئي گئس جي ڪل دريافت گئس کان ڪوهلو ڪاهان گئس جا ذخيرا ٻيڻ کان به وڌيڪ آهن) جيڪي پنجابي سامراج ٻاهر ايڪسپوڙت ڪري اربين ڊالر ساليانو ڪمائي سگهي ٿو۔ اتي تيل جا به تمام وڏا ذخيرا آهن۔ آهن ان کان سواءِ سنڌ وانگر بلوچستان جي سامونڊي علائقي ۾ به تيل جا ذخير دريافت ٿيا آهن۔ 
................................................................................................
" تحفظِ پاڪستان" جي ڪاري قانون جي ڇانوَ هيٺ هاڻي چئوڪ چئوڪ تي وطن دوستن جون ڦاسيون انڊونيشيا وانگر ٽنگبيون۔
...............................................................................................
بلوچستان ۾ هلندڙ هٿيار بند ويڙھ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنجاب سامراج انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي عورتن ٻارن پوڙهن ۽ غير فوجي بلوچن تي هوائي زميني آپريشن وسيلي ختم ڪرڻ لاءِ وسندين جون وسنديو صفحي هستي تان مٽائڻ جون ڪوششون هلي رهيون آهن۔ ان صورتحال ۾ منهنجي راءِ آهي ته هي سڀ حرامي سنڌين ۽ بلوچن کي فنا ڪرڻ لاءِ گڏ آهن۔ جيڪڏهين نواز شريف کي اقتدار ۾ رهڻ ڏنو ويو ته پوءِ هي خطرناڪ صورت جنم وٺندي۔
1۔ ايران افغنستان انڊيا ۽ آمريڪا جا معاملن سان گڏ پرڏيهي دفاع وغيره هاڻي ڪنهن به رنڊڪ کان سواءِ فوج جي حوالي هوندا۔
2۔ سنڌ ۽ بلوچستان جي خلاف " تحفظِ پاڪستان" ڪاري قانون جو مڪمل نفاذ فوج شروع ڪندي جنهن جي خلاف ڪو به قانون ڪورٽ يا سياسي پريشر آڏو نه ايندو ان مطابق هاڻ چئوڪ چئوڪ تي وطن دوستن جون ڦاسيون انڊونيشيا وانگر ٽنگبيون۔
3۔ انڊيا خلاف جنگي جنون شديد کان شديد ڪيو ويندو جيئن امن جي ڪا به صورت پيدا نه ٿيئي جنهن سان وڏي فوج رکڻ جي جواز کي ڪو ڇيهو پهچي سگهي۔
4۔ فوجي خرچن ۽ هٿيارن جي خريداري جي مڪمل ڇوٽ هوندي جنهن سان ڪڪ بيڪس ڪميشنن جي اربين ڊالرن جي آمد وڏي پئماني تي قائم رهندي۔ ان تي اختياري جمعدار جاڙي خان جي قائم رهندي ان لاءِ کيس مناسب وقت تي ايڪسٽينشن پڻ ڏني ويندي جيئين دنيا جو رڪارڊ برقرار رکي سگهي ته دنيا جا شاهوڪار ترين جنرل پاڪستاني آهن
5۔ ملڪ جو خرچ ڪاغذي نوٽ چپائي ملڪ جو خرچ هلائڻ جي ڪوششن ۾ روپئي جي قيمت افغانستان جي روپئي جي سطح تي اچي بيهندي۔ ماڻهو نوٽن جي ٻوري ڀري ڀاڄي جي ٿيلهي وٺي اچبي
6۔ هي تشويشناڪ صورتحال پاڪستان جهڙي نڀاڳي ملڪ ۾ ايسين تائين هلندي جيسين تائين سنڌي ۽ بلوچ پنهنجي آزادي نٿا وٺن ۽ هن سامراجي رياست جو خاتمو نٿو اچي۔ 
نه ته انتظار ڪريو ته ڪاري ڍڳي جو اصل وردي پوش مالڪ ڄاڻ ٿو ٽي وي تي ڪلف لڳل وردي سميت اچي چوي "اسلام عليڪم هموطنو۔۔۔۔۔۔۔ اوئي کهوتي دي پترو "
(حسين بخش ٿيٻو)