Hot News
Loading...

Article Of A Shafi Burfat Chairman JSMM (Latest)

Terrorist Country Pakistan
By Shah Adam


6 فيبروري 2009ع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد اسلم آءِ ايس آءِ جي اشاري تي جمعي جي ڏينهن پاڪستان جي ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر قدير خان کي آزاد شهري قرار ڏئي ان جي نظربندي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، آمريڪا ان عدالتي فيصلي جي مذمت ڪئي هئي. وڪي ليڪس ۾ شايع ٿيندڙ آمريڪي خفيه سفارتي پيغامن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان عدم استحڪام جي وڌندڙ صورتحال باوجود ايٽمي هٿيارن جي ذخيري ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيو آهي. هڪ اعليٰ برطانوي اهلڪار ميرئيٽ ليسلي 2009ع ڌاران آمريڪي سفارتڪارن کي ٻڌايو هو ته برطانيا کي پاڪستاني ايٽمي هٿيارن جي ذخيري تي ۽ هٿيارن جي سيڪيورٽي ۽ حفاظت تي شديد پريشاني آهي.اڄ کان اٺ مهينا اڳ پاڪستان ۾ مقرر ڪيل آمريڪي سفير اين ڊبليو پيٽرسن واشنگٽن کي ٻڌايو آهي ته اسان جي لاءِ سڀ کان وڏي پريشاني جي ڳالهه اها نه آهي ته هڪ اسلامي دهشتگرد مڪمل جوهري هٿيار چوري ڪندو پر درحقيقت خطري جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت پاڪستان جي ايٽمي منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪو به فرد آهستي آهستي ايترو مواد چوري ڪري، جنهن سان آخر ۾ هڪ ايٽمي هٿيار ٺهي پوي. 2008ع جي رپورٽ موجب آمريڪي انٽيليجنس جي بريفنگ جي متعلق هڪ خفيه پيغام ۾ چيو ويو آهي ته زيرغور اقتصادي تباهي جي باوجود پاڪستان ايتري قدر تيزي سان ايٽمي هٿيار تيار ڪري رهيو آهي، جو دنيا جو ٻيوڪو به ملڪ ايترا هٿيار تيار نه ٿو ڪري. برطانوي اخبار گارڊئين ۾ ڇپجندڙ تازي خفيه سفارتي پيغامن جي مطابق روس پاڪستان متعلق آمريڪا ۽ برطانيا کي چيو آهي ته مذهبي عنصر پاڪستان ۾ صرف اقتدار ئي حاصل ڪرڻ نه ٿا چاهين پر ايٽمي مواد ۾ به هٿ وجهڻ جي ڪوشش ۾ آهن، ان وڌيڪ چيو ته هن وقت پاڪستان جي ايٽمي ۽ ميزائيل پروگرام مان هڪ لک 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو سڌاسنوا وابسطا آهن ۽ انهن جي ڪا به ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي ته اهي اعتدال پسندي سان گهڻي حد تائين وفادار به هوندا. هن پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان ايٽمي هٿيار جي حفاظت لاءِ جن ماڻهن کي ڀرتي ڪيو هو، انهن جا سخت انتهاپسند مذهبي عقيده آهن. اهي حال ۾ ئي پاڪستان جي تعليمي ۽ ثقافتي سطح تائين سرايت ڪري ويا آهن. بهرحال آمريڪا جي دفتر خارجه جو چوڻ آهي ته پنهنجي ڊيٽا بيس کي ملٽري نيٽ ورڪ کان عارضي طور تي منقطع ڪيو وڃي. اهي قدم انهن ڪوششن جي تحت کنيا ويا آهن، جن جي تحت وڌيڪ تعداد ۾ خفيه معلومات کي منظرعام تي آڻڻ جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اهو صرف آمريڪا تي نه پر پوري دنيا تي حملو آهي.جرمن اخبار درسپگل نيويارڪ ٽائمز وڪي ليڪس ۾ پاڪستان جي حوالي سان لکيو آهي ته پاڪستاني قيادت جي بار بار پڪ ڪرائڻ جي باوجود طالبانن سان تعلقات ختم نه ڪيا آهن، نه ئي القاعده سان رشتا ٽوڙيا آهن، منظرعام تي ايندڙ دستاويزن موجب افغانستان کان ٻاهر پاڪستان جي خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ طالبان جي سڀ کان قريبي ۽ بهترين ساٿي آهي. دستاويزن جي موجب افغانستان ۾ افغان سيڪيورٽي فورسز آمريڪين ۽ ان جي حمايتين جي خلاف جنگ پاڪستان سان ئي وڙهي پئي وڃي، جرمن اخبار وڪي ليڪس دستاويزن جي حوالن سان لکي ٿي ته طالبانن جي پاڪستان محفوظ پناهه گاهه آهي، اخبار لکي ٿي ته نوان رنگروٽ پاڪستان کان افغانستان ۾ داخل ٿين ٿا، جن ۾ عرب، چيچن، ازبڪ ۽ يورپي مسلمان شامل آهن،

Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment