Hot News
Loading...

Article in The Memories of Shaheed Sameeullah


هينئان مڃ نه هار، هيل به وڙهه تون هيکلو
شهيد سميع الله ڪلهوڙي جي شهادت تي لکيل مظمون
عظيم برطانوي مفڪر جان لاڪ چيو هو ته انسان بنيادي طور تي ڪوري ڪاغذ جيان خالي، نا سمجهه ۽ معصوم ذهن ساڻ کڻي پيدا ٿئي ٿو، معاشرو ان جي خالي ذهن تي جهڙا نقش چٽي ٿو اهو اهڙوئي ٿي پوي ٿو. 
پر منهنجو چوڻ آهي ته انسان ٽيون ڀيرو به پيدا ٿيندو آهي. 
هڪ دفعو جان لاڪ جي تمثيل جهڙو ڪوري ڪاغذ جيان بي سمجهه ۽ معصوم پيدا ٿئي ٿو، ٻيو دفعو تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن ٻوليءَ ذريعي پنهنجي حواسن تي اثرانداز ٿيندڙ فطري معاشرتي ۽ ذهني، روحاني حقيقتن سان آهستي آهستي رشتو ڳنڍڻ شروع ڪري ٿو ۽ پنهنجي چئني پاسن کان پکڙيل طرحين طرحين جي وڻندڙ ۽ بيزار ڪندڙ، نظارن، آوازن، خوشبوئن، ڇهائن، ذائقن جي ردِ عمل ۾ جڙندڙ احساسن، جذبن ۽ تصورن کي تنظيم ڏيندڙ معاشرتي دنيا سان جڏهن سرگرم عمل ٿيندو آهي. 
ٽيون دفعو انسان ٻنهي مرضيءَ کانسواءِ پيدا ٿيڻ وارين بي شعوري، غير اختيار تقدير جهڙي ڪيفيتن جي ابتڙ پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو اختيار يعني آزاد ارادي (Free Will) جي ذريعي پاڻ کي منفرد شخصي سڃاڻپ ذريعي پيدا ڪندو آهي. انسان جو اهو خودمختياريءَ جي شڪل ۾ پاڻ کي ارادي طور ٽيون ڀيرو پيدا ڪرڻ جو عمل فطري ۽ معاشرتي جبريت جي زير اثر پيدا ٿيڻ کان وڌيڪ اعليٰ ارفع، متمدن ۽ مهذب انسان بنجڻ جي علامت آهي.
انهيءَ پسمنظر ۾ انسان شيڪسپيئر جي ڊرامائي تصور واري هن دنياوي اسٽيج تي ٽن قسمن جو ڪردار ادا ڪري ٿو. هڪڙو (Comic) مزاحيه، ٻيو (Real) حقيقي ۽ ٽيون المياتي (Tragic) نوعيت جو ڪردار ادا ڪري ٿو.
ارسطو پنهنجي ڪتاب “Poetics” ۾ ٽن ڪردارن تي ترتيب وار هن ريت روشني وجهي ٿو.
(1) مزاحيه ڪردار (Comic Characters): هي ڪردار ڪنهن حقيقي ڪردار جي ٻين مڙني چڱن پهلوئن کي ڇڏي ڪري ان جي ڪمزور ۽ منفي پهلوئن کي اڀارڻ سان پيدا ٿيندا آهن.
(2) حقيقي ڪردار (Real Characters) : زندگيءَ جي پهلوئن جي غير لچڪدار حقيقي منظر ڪشي ڪندا آهن ۽ 
(3) المياتي ڪردار (Tragic Characters) : حقيقت جي نسبت ۽ لچڪدار قسم جي جدلياتي منظر ڪشي ڪندا آهن.
اهوئي ڪارڻ آهي جو غير رسمي قسم جا المياتي ڪردار رسمي يا حقيقي ڪردارن جي برعڪس غير معمولي ۽ مٿاهين قسم جا (Ideal Character) بڻجي ويندا آهن. جن کان معاشرو نه صرف صدين تائين (Inspiration) وٺندو آهي، بلڪ ارتقائي اعتبار کان رسمي ترقيءَ جون منزلون طئه ڪرڻ سان گڏوگڏ غير رسمي انقلابي تدبيرن جي زير اثر، حالتن ۾ جينياتي قسم جون تبديليون آڻي، قومن جي مقدر کي تاريخي جبر کان بچائي وٺندو آهي. 
ساڳيءَ ريت شهيد سميع الله ڪلهوڙي جو ڪردار به غير رسمي نوعيت جو المياتي ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي وقت جي جلاد فاشي پنجابي سامراجيت جي مقتل گاهه تي، پنهنجي محبوب سنڌي قوم سان پر مقصد ڪمٽمينٽ تي، رتيون رتيون ٿي ويو پر حق ۽ سچ جي راهه تان تِر جيترو به نه هٽيو.
جڏهن موت جو بي رحم پاڇو اونداهين رات جيان سندس شفق جي لالاڻ جهڙي انڊلٺ جي ستن رنگن ۽ ستن سرن کان به خوبصورت زندگيءَ جي ڳراٽڙي پائڻ لاءِ ڏانهس وڌي رهيو هو، تڏهن چئي ڏنو هئائين”جي مون هڪڙي جون اکيون، پنجاب جي پراسرار بگهڙن جي مقتل تي بند ٿين ۽ منهنجي محبوب قوم جون اکيون هن صدين جي گهريءَ ننڊ مان کلي پون ته اهو منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز هوندو.“ بقول سنڌ جي هن پربتن کان سگهارو ازم رکندڙ پرواني جي ته ،”انساني معاشو قائم ئي قربانيءَ جي ڪري ٿيو هو، اها قرباني فرد جي انفرادي ذات کان معاشري جي اجتماعي اڏاوت لاءِ هئي.“ اهو هن آدرشي انسان جو اعليٰ قسم جي آفاقي لاثاني جذبي جو اظهار هو، جيڪو پنهنجي پٺيان لازوال مثال ڇڏي ويو.
جنهن لاءِ اياز چيو آهي ته:
ٻيهر آءُ اڪيلڙو، اونچي آ ديوار،
ڏڪي ويا ڏاڍ کان، ڪلهي ڪوڏيا يار،
هنيان مڃ نه هار، هيل به وڙهه تون هيکلو.
ڄڻ شاهه سائين صديون اڳي سميع ڪلهوڙي جي ڪردار جو مشاهدو ڪندي چئي ويو هو ته:
جوڳيءَ تي جَڙاءُ، نسوروئي نينهن جو،
پتنگ جئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪُنوارن ڪڪوريو.
شاهه سائين شهيد جي قافلي لاءِ چئي ويو آهي ته:
ويون پٻ پيهي، کيرون کاهوڙين جون،
آئون تن ڏوٿين جا، پڇيان پير پئي
رڃن رات رهي، ڏونگر جنين ڏوريا.
يا سندن ازم کان متاثر ٿي چيو هئائين ته:
جت نه پکي پير، تت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيکير ريءَ.
ڪڏهن ڪڏهن تمام وڏا شاعر، مفڪر، فلسفي اهڙيون ٻاراڻيون ڳالهيون ڪري ويندا آهن جيڪي زمانن کي مٿائن کلائيندو رهنديون آهن. 
جيئن ارسطوءَ چيو هو ته سوچڻ دماغ جو نه بلڪه دل جو ڪم آهي يا هڪ ڏاهي پاڻ کي انڌو ڪرائي ڇڏيو هو ته جيئن منجهس ڏاهپ ڀريون خوبيون اڃان به وڌن جيئن ايپڊوڪليس پاڻ کي خدا سمجهي آتش فشان ۾ ٽپو ڏنو. ساڳيءَ طرح اياز پنهنجي ڪتاب،”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ چيو آهي ته مون کي اڃا سوڌو جدلياتي ۽ تاريخي ماديت اهو نه سمجهائي سهي آهي ته هاڪڙو درياهه پنهنجو رخ ڇو تبديل ڪري ويو آهي. اها ڳالهه مون کي 16 سالن جي ڄمار کان وٺي هيڏي وڏي قومي شاعر جي سادگيءَ تي کلائيندي آ ئي آهي. لڳندو ا ٿم ته شاعر بنيادي طور تي جيئن ته هڪ آرٽسٽ هوندوآهي، تنهڪري اهو حقيقت کي ڪڏهن ڪڏهن تصوراتي عينڪ سان ڏسڻ ڪري گهرائي ۾ ڏسڻ جي صلاحيت وڃائي ويهندو آهي، نتيجتاََ اهڙي شاعراڻي لفاظيءَ جي رڃ ۾ ڀٽڪي رهيو هوندو آهي. انگريزيءَ ۾ اهڙيءَ حيرت لاءِ چوڻي آهي ته :”Wonder is the daughter of fool” يعني حيرت بيوقوفيءَ جي نينگر آهي. مون 1986 ڌاران شاهه لطيف لائبريري کولي هئي، دوستن سان ڪچهرين دوران اها شيخ صاحب جي هاڪڙي واري ڳالهه کلي پوندي هئي. دوستن کي گڏهن چوندو هئس ته اهو ته ٻڌائي سگهجي ٿو ته هاڪڙو ڇو بند ٿي ويو يا رخ تبديل ڪري ويو پر مون کي ٿرين جي اها ڳالهه واقعي به مارڪس جي معاشي نظرئي جي ا بتڙ لڳندي آهي ته ا نسان جون سو چون ان جي معاشي مفا د ن جي چوڌاري ڦرنديون آهن ڇو جو ٿري ماڻهو سوين تڪليفن، پريشانين، اهنجن، انيائن، ڏڪارن جي باوجود به ڀٽن سان ائين چنبڙيا پيا آهن، جيئن ڪو معصوم ٻار پنهنجي ماءُ جي دامن کي پڪڙيو بيٺو هجي.
جهڙيءَ ريت ڪبير هن بيت ۾ اعليٰ ظرف انسان کي هنج سان مشابهت ڏ يندي چوي ٿو ته :
د يک ڪبيرا هنس ڪو پلٽ پلٽ آئي
نال سوڪ ڪر پڌر پيو هنس ڪهين نا جائي
پهلي پريت ڪي ڪارني ڪنڪر چن چن کائي
يا شاهه سائين چيو آهي ته :
سر سڪي سال ٿيا، هنج هريو ئي پير،
ڪهنگ ويچارو ڪير، جو رسي انهيءَ رمز کي.
پر جڏهن مارڪس ۽ سندس جگري دوست اينگلس کي پڙهيم تڏهن خبر پئي ته هنن خود ئي پنهنجي اڳئين نقطه نظر تي تنقيد ڪئي هئي، صرف ايترو ئي نه بلڪه انهن اڳين خيالن جي جنوني پيروڪارن تي معيشيت پسند هجڻ جو گمان به ظاهر ڪيائون. هنن عظيم مفڪرن پنهنجي پٺيان هلندڙ انڌي عقيدي پرستن جي نفي ڪندو اهو چيو ته انساني سوچن جا محرڪ سکڻا معاشي مفاد ناهن بلڪه انهن مفادن کان به ماورا انساني شعور جا ڪي پهلو آهي، جيڪي تاريخ ۾ فيصلا ڪن عملي جدوجهد جو تعين ڪن ٿا. شعور جي انهيءَ سماجي جبريت کان سگهاري نفسياتي پهلوءَ تي اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي مشهور نفسياتدان سگمنڊ فرائيڊ پنهنجي طور تي روشني وجهندي پنهنجي اڳئين شعور، لاشعور ۽ تحت شعو رجي نظرئي جي توسيع ڪندا (Id) ايگو (Ego) ۽ سپر ايگو (Supper Ego) جو نئون تصور متعارف ڪرايو، جنهن موجب (Id) يعني جبلي خواهشون جيئن اڃ، بڇ، جنسي طلب وغيره (Ego) انا يعني خواهشن کي پورو ڪندڙ ارادو يا عام شعور ٽيون (Super ego) فوق الانا يعني انسان جو اعليٰ معاشرتي شعور يا ضمير جيڪو انسان کان بهتر اعليٰ ڪارناما ڪرائيندو آهي، جيڪو اڊ، ايگو جي حيواني ۽ رواجي حالت کان مٿانهون يا ماورا رويو هجي ٿو .
هن جو چوڻ هو ته جڏهن (اڊ)
خواهش ۽ ايگو (رادو) پاڻ ۾ ملي (سپر ايگو) فوق الانا کان ڪو عمل لڪي ڪندا آهن تڏهن اهڙا عمل اناپرستيءَ تي مبني داخليت پسنديءَ وارا مجرماڻا فعل هوندا آهن، جيڪي اخلاقي ۽ انصافي قدرن جي ابتڙ خود غرضاڻي نوعيت جا هوندا آهن. پر انهن جي برعڪس فوق الانا يا ضمير انصاف پسند هوندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو انساني ضمير انسان کي غلط ڪمن کان روڪيندو ۽ چڱن عملن ڏانهن وڌائيندو آهي. اهڙيءَ ريت آخري نتيجي ۾ اهڙو اعليٰ شعور يا ضمير تاريخي ضرورتن جي پورائي لاءِ انساني کي بي مٿال قرباني ڏيڻ تي آماده ڪري ٿو، جنهنڪري ئي شهيد سميع الله ڪلهوڙي جهڙا قومي تحريڪ جا سچا ڪارڪن پنهنجي انفرادي مفادن ۽ مسرتن کي اجتماعي قومي انساني خوشين جي حاصلات لاءِ قربان ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح لفظن جي غازي ٿيڻ بجاءِ عملي ڪردار طور پنهنجي عظمتن جا ثبوت ڇڏي ويندا آهن، جن جي آڏو ڪوڙا لٻاڙي کوٽن سڪن وانگر پنهنجي اهميت ۽ وقعت وڃائي ويهندا آهن، چوندا آهن”جو گرجتي هين وه برستي نهين“. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ”ڀونڪندڙ ڪتا ڪڏهن به چڪ نه هڻندا آهن.“ پر جيڪي ماڻهو پوءِ چاهي اهي عوامي ڪردار هجن يا وطن جي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ سپاهي هجن يا سياسي ڪارڪن ۽ ليڊر، جڏهن به اهي آسائش پسند، مراعات يافته ٿيندا ويندا آهن، تڏهن انهن مان قربانيءَ جو جذبو يعني (Supper Ego) آهستي آهستي گم ٿيڻ لڳندو آهي. نتيجتاََ اهڙا مراعات يافته ماڻهو آخرڪار انساني شڪل واري خود غرض حيواني ۽ شيطاني صفت جي ماڻهن جي ميڙ جا حصا بڻجي لاشعوري سطح کان شعوري سطح تائين عادي مجرم بڻجي پوندا آهن. نتيجتاََ اهڙا ماڻهو شهيد سميع الله ڪلهوڙي جي ڳالهه وانگيان نظرياتي موقعي پرست، سطحيت پسند، داخليت پسند، رد انقلابي قوتن جا ساٿاري بڻجي، انقلابي لفاظيت پسندي جي وبائن جا واچوڙا ڦهلائيندا آهن. نه ته اهي تنظيم سازيءَ جو عمل اڳتي وڌائڻ چاهيندا آهن، نه ئي ايمانداريءَ سان تنظيمي ماليات کي تنظيم تي استعمال ڪندا آهن. رهندو ليڊر جي حيثيت ۾ جيڪا به معاشري مان مالي مدد ملندي اٿن ان کي پنهنجي کيسي ۾ وجهي، ٺڳن جيان ٽوپي نراڙ تي رکي پارٽين جا وڏيرا بڻجي انهن کي پنهنجي ذاتي راڄ ڀاڳ وانگيان هلائيندا آهن. تنهنڪري اهڙي وڏيرن جهڙي جاهل ليڊرشپ سمجهندي آهي ته منجهن ڪو ليڊريءَ جو ڪيڙو موجود آهي، جيڪو کين ليڊر بڻايو ويٺو آهي. خبر تڏهن پوندي اٿن جڏهن ڪارڪن سندن جهالت آميز، غير انقلابي رويي مان مايوس ٿي کانئن پنهنجون همدرديون واپس وٺندا آهن. تڏهن اهڙن ليڊرن جو هيٺيون چپ لڙڪيل هوندو آهي.
جاهل ليڊرشپ پنهنجي ڊڪٽيٽرشپ کي قائم رکڻ واري فن کان جانورن جيان پنهنجي بقا جي حد تائين واقف هوندي آهي تنهنڪري اهڙي جاهل ۽ ڄٽ ليڊرشپ، پارٽين جي جمهوري قوتن کي ناڪاره بڻائڻ لاءِ انهن کي پارٽي اندر صحيح جمهوري راءِ اتعمال ڪرڻ جيتري گهربل تعليم ۽ شعور کان انهيءَ لاءِ پري رکندي آهي جو کين اها چڱيءَ پر خبر آهي ته خيالن جي تبديلي انهن جي مثالي ڪردارن جي تبديلي هوندي آهي، جيئن آئون اڪثر ڪري سنگت کي چوندو آهيان ته “Change in ideas, changes the ideal” 
اسان جو دوست ڪامريڊ اصغر سنڌي چوندو آهي ته هتي پارٽين مان ڏاهپ جلاوطن ٿيل آهي. جنهن ڳالهه کي شهيد سميع محسوس ڪندي آخري انٽرويو ۾ چيو آهي ته ”اهي نام نهاد ليڊر انقلابي سائنسي ذهنن کي نظرانداز ڪن ٿا، حالانڪه پارٽيون انهن سائنسي سوچ رکندڙ ماڻهن کانسواءِ انڌيون، حواسن کان عاري، خبط الحواس ۽ وائڙيون هونديون آهن“، جيئن شاهه سائين اهڙن جڳاڙي ليڊرن لاءِ چيو آهي ته: 
سونهان ڀائين سنڌ نه ڏين، سسئي پڇ مَ سي،
متان ئي توکي، منجهائين مارڳ ۾.
سائين جي ايم سيد فوق الانا جي اعليٰ قرباني واري جذبي جي آزمائش واري روشنيءَ ۾ قومي ڪارڪنن کي چوندو هو ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي آزمائڻو اٿو ته هڪ ته هن سان گڏ ويهي ماني کائو ۽ ٻيو ان جي خود غرصاڻن پرڪارن جو جائزو وٺندا رهوس. توهان کي اهڙن ماڻهن جي ارادي ۽ غير ارادي حرڪتن جي خبر، ان جي اٿڻي ويهڻي، چال چلن ۽ ابتين سبتين حرڪتن مان پئجي ويندي. جڏهن به توهان ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ سان گڏ ماني کائو ته ڏسو ته هو اوهان جي خيال ڪرڻ بجاءِ اوهان جي حصي ج وکاڌو به سوري کائي وڃي ته پوءِ پڪ ئي پڪ سمجهو ته اهڙو ماڻهو خود غرض آهي، جنهن مان اوهان کي وفاداريءَ جي گهٽ اميد رکڻ گهرجي، ڇو جو اهڙا ماڻهو جڳ جهان کان هر قسم جي قرباني وٺڻ لاءِ تيار هوند اآهن، پر ڏيڻ لاءِ تيار ناهن هوندا.“ انهيءَ جي ابتڙ انسان عام حيوانن کان اعليٰ ۽ مٿانهون آهي ئي ان ڪري جو اهو پنهنجي ذات جي اصلاح (تذڪيه نفس) ڪرڻ جي اعليٰ صلاحيت رکي ٿو. مطلب ته اهو پنهنجن احساسن، جذبن جي قرباني ڏيڻ کانپوءِ ئي پنهنجي جان، مال ۽ پرچار لاءِ ذهني پورهئي جي قرباني ڏيڻ جي اهل هوندو آهي.
سنڌيءَ ۾ اعليٰ ظرفيءَ لاءِ عام پهاڪو آهي ته:
ڀلي بک ڀرم جي، شال مَ وڃي شان.
پر حيواني صفت ماڻهو وٽ عزت، نفس، ضمير هوندو ئي ناهي. ان جي برعڪس اعليٰ صفتن وارا انسان اجتماعي خوشين جي مٿان پنهنجي انفرادي مسرتن کي قربان ڪري، تاريخ جي اندر پاڻ کي سرخرو بڻائي ويندا آهن.
جيئن شاهه سائين چيو آهي ته:
پکي سڀ مچن، هنج مڙوئي ڏٻرا،
ماريءَ سندي مامري، ٿا آڌي ويل اڏن،
الا! ان پکين، سمهي سُک نه ماڻيو.
تاريخ جي حق، سچ ۽ انصاف جي راهه تي هلي، جيڪو جيتري وڏي قربانيءَ جو مثال قائم ڪري ٿو؛ تاريخ ۾ ان جي حيثيت ۽ مرتبو اوتروئي مهان جڙي ٿو.
تنهنڪري نه ئي ڪير ڪنهن جي پڏائڻ ۽ ڪوڙي ساراهه ڪرڻ سان وڏو ٿيندو نه ئي غلا غيبت ۽ بدنيڪي ڪرڻ سان گهٽ ٿيندو، مطلب ته تاريخ ۾ جنهن معاشري جي ترقيءَ لاءِ جيترو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو اوترو ئي رهندو. عظمت، بزرگي نه ئي وڏي عمر تي آهي نه ئي ننڍي تي، نه ئي وچٿري عمر تي، نه ئي ڊيگهه تي، نه ئي ويڪر تي، نه ئي اوچائيءَ تي، نه ئي دولت جا انبار لڳائڻ تي ۽ نه ئي سکڻي دانشمنديءَ تي. جيڪڏهن عمر تي بزرگي هجي ها ته پوءِ ڪڇونءَ جي عمر اڍائي سؤ سال آهي، ڳجهه جي عمر 500 سال آهي، وڻن جي هزارين سال. ڪي وڻ ته قبل سيح ۽ تاريخ جي دؤر کان اڳ جا به موجود آهن پر انهن سڀني کان وڏا بزرگيءَ وارا جراثيم بڻجي پون ها جن جي عمر ڪروڙها اربها سالن تي مشتمل آهي. اهڙا به بيڪٽيريا ۽ وائرس آهن جيڪي سڀني ساهه وارن کان اڳ پيدا ٿيا هئا، ڊگها يا وڏا اٺ به آهن جيڪڏهن اهن کي اجرڪ، ٽوپيون پارائي جلسن جي وچ ۾ بيهارجي ته سڀني کان مٿانهان نظر ايندا پر هاٿيءَ کي جلسي ۾ اجرڪ ٽوپي، جسم تي جهنڊو ۽ قومي ترانو لکي چنگهاڙ ڪرائڻ سان ليڊر ڪونه ٿيندو. ساڳيءَ ريت گڏهن کان وڏيون هينگون ڪرائڻ سان جلسا ڪامياب ڪونه ٿيندا نه ئي هاٿي ۽ گينڊي ۽ ڊائنوسارز جهڙي هيجان سان انقلاب برپاٿيندو، نه ئي بي عمل پنهنجو پاڻ ۾ وجود باالذات جهڙي ڏاهپ بغير عمل سان ڳنڍجڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. اهڙي ڏاهپ ان پهاڪي وانگيان آهي، اهو سون ئي گهوريون جيڪو ڪن ڇني. جي عظمت دولت ۾ هجي ها ته پوءِ هر دؤر جا قارون سڀ کان وڏا معتبر ٿيندا. اهڙن قارونن جي اميريءَ جا پول تڏهن پڌرا ٿي پوندا، جڏهن انهن کي هڪ تجربي مان گذارينداسين. جيڪڏهن اهڙي نام نهاد دولتمند کي ڏهوڻ تي وڌيڪ دولت ڏئي ڪنهن ٻئي سياري تي موڪليو ته ڇا اهو اِتي به دولتمند رهندو يا ڪائنات جو مفلس ترين جيو بڻجي پوندو؟ جيڪو پنهنجي هر ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻين انسانن جو محتاج هوندو. ڳالهه ثابت ٿي ويئي ته اميري انساني رشتن جي وچ ۾ هجي ٿي پر جي ڪنهن جي اکين ۽ ڪنن تي پٽيون چاڙهي پاليونس ٿا، وڏو ٿي بنهه حيوان ٿي وڃي، انهيءَ کي کربن جي ماليت ڏجي، ڇا اهو امير بڻجي سگهندو؟ اهو امير ته ڇا هڪ عام انسان ٿيڻ جي اهل به نه هوندو. تنهننڪري عظمت ۽ بزرگي جو معيار صحيح ۽ حق سچ جي رستي تي هلي، معاشري جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙڻ ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو جاني ۽ مالي ۽ روحاني قربانيءَ تي ٻڌل عمل آهي. 
تنهنڪري شهيد سميع جي شخصيت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته نه صرف مٿئين معيار کي نظر ۾ رکجي بلڪه انهن حالتن جو جائزو وٺجي، جن مان هن جا احساس جذبا ۽ تصور ڪنهن لاڀائتي فصل جيان پچي راس ٿيا ۽ ويران ذهنن تي سانوڻين جي وڏ ڦڙي جيان وسي انهن ۾ سوچن جا سلا اڀاري ويا.
1965ع ڌاران شهيد سميع الله جي اک ڪاڇي جي ڀرواري شهر جوهيءَ ۾ کلي. بچپن جا ڏينهن ميهڙ ۾ گذاريائين. جڏهن ٿورو هوش سنڀاليائين تڏهن کيس اها خبر پئي ته سندس ديس غلام آهي. جنهن جي هر باضمير ماڻهوءَ مٿان فوجين جون بندوقون تاڻيل آهن. سندس قوم جا پيئر، مائر، ڀائر، ڀينرون سڀ پنجابي سامراجيت جي مٿن تاڻيل سنگينن جي ڇانوَ ۾ انهن جون عزتون محفوظ ناهن. عوام جي ساهن کي ٻوساٽجندي ڏٺو هئائين، ماڻهن کي ذوالفقار علي ڀٽي جي آزاديءَ لاءِ سندس جان کي بچائڻ وارن اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي ٻڌو هئائين، ڀٽي جي موت تي ماڻهن کي اوڇنگارن ۾ ٻڏل ڏٺائين، ماڻهن جا ٿاڻن ۽ ڪورٽن تي ٿيندڙ حملن جو مشاهدو ڪيائين. ائين ننڍي عمر ۾ هن نوجوان پنجابي فوجين جا پنهنجي مظلوم قوم مٿان ٿيندڙ ويل ڏٺا، ٿاڻن ۾ انهن کي بيعزتو ۽ ذليل ٿيندي ڏٺائين. کيس سائين جي ايم سيد جي ڳالهين تي پڪو يساهه ٿي ويو، هڪ سينيئر دوست جي زباني ته ”1977ع ۾ جڏهن هو ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ ۾ ميمبر هو، هن کي ميهڙ ۾ 12 سالن جي عمر جي هن ننڍڙي نوجوان پنهنجي پارٽيءَ جو ميمبر بڻايو، جيئن ته هن جو وڏو ڀاءُ لطف الله ڪلهوڙو تنهن وقت ۾ قومي تحيرڪ جو سرگرم نظرياتي ڪارڪن هيو، جنهن جا اثر هن جي گهر ته گهر، پر پوري خاندان جي نوجوانن تي پيا، ايئن هن ننڍڙي نوجوان سميع الهل جو رشتو سن جي مقدس گهٽين سان ڳنڍيو، جن گهٽين ڏانهن پري پري کان ڪهي ايندڙ پانڌيئڙا، سن جي سائين، جديد قومي تحريڪ جي باني، رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي يونيورسٽيءَ کان به سگهاري آزادي پسند درسگاهه تي حاضري ڀرڻ ايندا هئا. هن سنڌوءَ جي ڪناري تي موجود علم ۽ حڪمت جي سدا وهندڙ چشمي مان ذهن 7 ضمير جي مٽيءَ کي زرخيز ڪرڻ لاءِ هنجن جيان ور ور ڏئي ايندا هئا. ماري انهن جي تاڪ ۾ رهند اهئا. 1984ع ۾ سيد سان شاهه لطيف جي هن بيت واري ڪار ٿي ويئي ته: 
واهيري جي وير، منهنجا اڄ نه پکي گهر آئيا.
سن جي يونيورسٽي شهيد تي انهيءَ حقيقت کي عيان ڪيو ته هي نصابي تعليم ۽ ان جي ڪتابن ۾ موجود تاريخي حقيقتون، من گهڙت، ڪوڙيون ۽ بي بنياد آهن. سنڌي قوم کي اهڙي تعليم ڏيڻ جو پنجابي حاڪم قوم جو منظوم ارادو اهو آهي ته سنڌي قوم پنهنجي حقيقي قومي هيرن سان گڏوگڏ پنهنجي تاريخي ڪارنامن ۽ عظمتن سان ڀريل تاريخي قصن جي آخري تمثل کي به وساري، هنن جي درٻاري قسم جي ٽڪي جي پگهار کڻندڙ بزدل ڪتن جيان پڇ لور ڪندڙ سرڪاري تاريخ نويسن جي ٺاهيل بوگس قسم جي واهيات نصاب ذريعي، سنڌي ماڻهن کي پيڙهي در پيڙهي ٻاروتڻ کان ئي حاڪماڻي تعليم هضم ڪرائي وڃي. اسان جا ڪيترائي نام نهاد پڙهيل ڳڙهيل اپاهج ذهن، حڪمرانن جي تعليم جا طوطا ٿي نڪرڻ کان پوءِ حافظن جيان جتي ڪٿي حاڪم قوم جي تعليم جو ورد ڪندا وتن ٿا. هيءَ هڪ آفاقي سچائي آهي ته هر حاڪم ڪنهن به قوم کي تيستائين محڪوم نه بڻائي سگهندو آهي، جيسيتائين انهيءَ کي پنهنجو، حاڪم طبقي جو فڪر هضم نه ڪرائيندو آهي ۽ ان کي پاڻ سان متفق نه ڪري وٺندو آهي.
تنهنڪري حاڪم قوتون هر اهڙي آزاد ذهن ۽ ضمير کان ڊنل هونديون آهن، جيڪو حاڪمن جي هر نفسياتي غلاميءَ جي معاشرتي ذهنن مٿان ويهاريل پابندين ۽ پهرن کي ٽوڙي ذهنن مٿان غلاميءَ جا سنگهر لاهيندو آهي. اهڙا بهادر ۽ بانڪا انسان فاشي قومن جي لاءِ باغي هوندا آهن. 
شهيد سمع الله ڪلهوڙي جي والد صاحب جي ڳالهه وانگيان ته:”معاشري جي اهڙي باضمير، باشعور نوجوان جو مثال ميٽر پکي وانگيان آهي. ماريءَ جي ڍنڍ ۾ لهڻ کان اڳ ۾ اهڙو پکي ٻين پکين کي دانهون، ڪوڪون ڪندي، چنهنبن جون چوڳون هڻي اٿاريندو، خبردار ۽ هوشيار ڪندو ويندو آهي، تنهنڪري ماري سڀ کان پهريان ميٽر پکين جو شڪار ڪندو آهي. ساڳيءَ طرح حڪمران طبقا به اهڙن متحرڪ باشعور ماڻهن جو ڪنهن نه ڪنهن حيلي بهاني جي اوٽ ۾ شڪار ڪري پوري معاشري کي شڪاريءَ جيان سازشي ونجهه ۾ ڦاسائي ڇڏيندا آهن. انهن لاءِ ميٽر پکي جهڙا حساس، باشعور سچا ڪردار حاڪم قوتن جو سدائين ٽارگيٽ پئي رهيا آهن.“
ساڳي ريت شهيد سميع الله ڪلهوڙي جو تعلق به فاشي پنجابيت جي باغي آزادي پسند ذهنن، ضميرن سان هو، جيڪي غلاميءَ جي ذلت آميز زندگيءَ تي آزادي جي راهه ۾ آيل موت کي ترجيح ڏيندا آهن، جيڪي پنهنجي قوم کي سڏيندي، اٿاريندي ۽ سجاڳ ڪندي پر ماري پنجابي فاشزم جو نشانو بڻجندا وڃڻ ٿا. 
شهيد کي هن ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي، مذهبي بنياد پرستي جي ڍونڍ جي ڍير تي بيٺل، فاشي رياست جي جي سڄي ۽ سازشي تاڃي پيٽي جي خبر هئي. 
هن کي پنجابي چوڌرين، مقامي جاگيردارن، نوابن، خانبهادرن ۽ سرن جي غدارين، ضمير فروشين جون، ڪارن ڪرتوتن سان ڀريل شرمناڪ واقعن سان ڀريل تاريخي حقيقتون ياد هيون.
سميع کي خبر هئي ته دولت جي حرث، حوس، انعامن اڪرامن، رعايتن، زمين جي جاگيرن جي حاصلاتن، خطابن جي لوڀ لاءِ پنجابي چوڌرين، سرن، خانبهادرن ڪهڙا ڪهڙا شرمناڪ ۽ بڇڙا ڪارناما سرانجام ڏنا هئا.
تاريخ نويس رشيد جمال جي ڪتاب (سنڌ پنجاب تضاد تحريڪ پاڪستان کان عهد حاضر ۾) پنجابين جي پرڪارن تان پردو هن ريت کڻي ٿو ته:
”پنجاب جي چوڌرين جو اعمال نامو کوليو وڃي ته ان جي جاگيردار، چوڌري ۽ زميندار جون جڙون انگريز سامراج کان مليل رعايتن جي پسمنظر تي ختم ٿينديون، جيڪي زمينون انگريز سامراج آزادي جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ پنجاب جي جاگيردار چوڌرين کي خطي جي ماڻهن سان غدارين، انهن آزادي پسندن خلاف سازشن، موقعي پرستين ۽ رنگروٽ ڀرتي ڪري ڏيڻ عيوض ڏنيون ويون هيون. ايستائين جو خطي ۾ انگريز سامراج جي ظلم، ڏاڍ خلاف هر اٿندڙ تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ چوڌري خانبهادر ۽ سر انگريزن جو ساٿ ڏيندا هئا، جن چوڌرين جي خاندانن انگريز سامراج کان خدمت ۽ چاڪريءَ جي بدلي ۾ انعام اڪرام ورتا. انهن ۾ پنجاب جا مشهور ٽوانا، سرگوڌا جانون، لاهور جا ممڊوٽ ۽ قزلباش، راولپنڊيءَ جا گُکڙ، جهنگ جا سيال، ڪماليا جا کرل، ڪالا باغ جا نواب، مظفر ڳڙهه جا گور ماني، ديرا غازي خان جا مزاري، لغاري، تونسوي، قيصراڻي، دريشڪ، سروزئي، کوسا، سدوزئي، گورچاڻي، پنڊيءَ جا راجا مغل، پيرزاده، قادياني ۽ مرزائي شامل آهن. پنجابي چوڌرين جي انگريز سامراج سان محبت ۽ عقيدت جو اندازو ايڊورڊ ستين جي تاجپوشيءَ دوران پيش ڪيل عرضداشت نامي جي چاپلوسيءَ مان ظاهر آهي.
عرضداشت 
(جيڪڏهن عرض قبول پيو ته اسان جي وڏي عزت ۽ مان ٿيندو)
بعد عرض فيض عرض بار يافتگان پايه سرير سلطاني، ظل آيت دولت جاوداني، عدل و انصاف ۽ جهانباني، مصدرو منبع و اعليٰ حضرت شهنشاهه عالي جاهه، عالم پناهه والد بار گاهه، خدير گجيان، منصف دوران، سليمان زمان، جمشيد جهان، جناب معليٰ الَقاب فيض مآب، معدلت انتساب شهنشاهه ايڊورڊ هفتم، الله سندس اقبال، شان ۽ شوڪت کي تا ابد قائم ۽ دائم رکي بيحد عجز و انڪساريءَ جي اظهار ۽ تسليمات بي اندازه تعظيمات بي شمار کان پوءِ اسان ضلعي ديري غازي خان جا رهواسي صوبه پنجاب ملڪ هندستان يعني سردار، ملازم، رئيس، ميونسپل ڪمشنر، ۽ ٻي رعيت با ادب ۽ نياز جي شهنشاهي تخت تي ويٺل اعليٰ حضرت شهنشاهه جهان پناهه ۽ فيض ۽ برڪت جي سرچشمي کي بوسو ڏيندي، بادشاهه سلامت جي تاج پوشيءَ جي جشن جي موقعي پرخلوص هديه تهني پيش ڪريون ٿا. حقيقت ۾ اسان لاءِ اهو جشن سڀاڳو سعيد آهي، جو برطانيه جي شهنشاهه ڪلان ۽ قيصر هند جي تاج پوشيءَ جي باعث اسان جانثار ۽ وفادار ٻانهن کي هن پرمسرت موقعي تي بيحد خوشي ۽ سرور حاصل ٿيو آهي. اهو امر اظهر من الشمس آهي ته اسان سلطنت عظيم جي ٻين ملڪن ۾ رهندڙن جو مقابلو علم ۽ فن جي تحصيل، تجارت ۽ زراعت جي ترقي ۾ ڪنهن به صورت ۾ ڪري نٿا سگهون، پر اسان کي انهيءَ ڳالهه تي بجا طور ناز آهي ته اسان عظيم برطانوي تخت جي تابعداريءَ ۽ فرمانبرداريءَ ۾ انهن کان ڪنهن به طرح پوئتي نه پونداسين.
اسان بصد عقيدت ۽ احترام حضرت ملڪئه معظمھ مغفوره و محرومه قيصر هند جي ذات والا صفات جا مدح خوان آهيون. جيڪا اسان لاءِ فيض ۽ برڪتن جو سرچشمو هئي ۽ هوءَ بيشمار اعليٰ وصفن ۽ ساراهه جي حامل هئي، جن کي تحرير ۽ تقرير ۾ بيان ڪري نٿو سگهجي. مختصر اهو ته ممدوحه و مغفوره نه صرف عدل پرور ۽ ڪرم نواز راڻي هئي، پر هندستان جي رعيت لاءِ شفقت ۽ مهربانيءَ جي ماءُ به هئي. هن ملڪھ جي ولي عهديءَ جي زماني ۾ حضور پر نور جي تشريف آوري اسان لاءِ اڃا تائين انتهائي مسرت ۽ طمانيت جو باعث آهي. اسان جي عاجزيءَ ڀري درخواست آهي، ته حضور انور شهنشاهه اڪبر پنهنجي حڪومت جي دور ۾ انهن ئي اعليٰ خيالن جو اظهار فرمائيندي هن دور افتاده خطي جي رهواسين کي معمول مطابق پنهنجي شاهانه ۽ ڪريمانه لطف ۽ عنايت سان نوازيندا رهن، جن جي پيش نظر حضور پرنور هن سرزمين کي وقار بخشيو آهي. آخر ۾ اسان جي دعا آهي ته خداءِ ذوالجلال شهنشاهه با استقبال ۽ عالم پناهه باڪمال جي اقبال ۽ جلال کي سدائين عروج بخشي ۽ سايه هما پايه فيض گنجور حضرت ملڪه معظم جي فيض جو ظهور جو سڄي جهان جي پيشانيءَ تي تا ابد قائم ۽ دائم رهي. اقبال و جلال شهنشاهه با استقلال و عالم پناهه جو عروج دار رهي ۽ هما پايه حضور فيض گنجور حضرت ملڪئه معظم صفالين ظهور بر مفارق عالميان تا بقاءِ جهان دائم و قائم دار ادب بحرمت النون و الضاد آمين يا الله العالمين!“
انهن جاگيردارن، نوابن ۽ چوڌرين کانسواءِ هڪ گروهه پيرن، پيرزادن ۽ سجاده نشينن جو به هو؛ جيڪو انگريزن جي وفاداريءَ ۽ انگريز نوازيءَ ۾ ڪنهن کان به پوئتي پوڻ وارو ڪونه هو. اڄ به وڏا وڏا خانقاهه نشين، جن جاگيرن ۽ زمينن جا مالڪ آهن، اهي انگريز حڪمرانن جي عنايتن جو ثمر آهن. انهن پيرن، پيرزادن ۽ خانقاهه نشينن به انگريزن جي نيمڪ جو خوب حق ادا ڪيو. جليا نوالا باغ ۾ جڏهن جنرل اوڊائر جي حڪم تي قتل عام ڪيو ويو هو، ته اُهي ئي پير ۽ پيرزادا بي گناهه هندستانين جي انهيءَ ايڏيءَ وڏيءَ خونريزيءَ تي خاموش رهيا، بلڪه انهن انگريز سرڪار جي وفاداري ۽ تابعداري ٻين کان اڳتي وڌي سر مائيڪل اوڊائر کي آجيان جا سپاسناما پيش ڪيا هئا. انهن 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ ۾ انگريزن جي فتح ۽ ڪامرانيءَ لاءِ دعائون گهريون هيون. شاهه جارج کي ظل الله لکيو. پنجاب جي عالمن، مشائخن ۽ سجاده نشينن 1919ع ۾ پنهنجي صحيحن سان پنجاب جي گورنر سرمائيڪل اوڊائر جي خدمت ۾ ”دعانامو“ استقباليه طور پيش ڪيو هو. جنهن جي حڪم تي جليا نوالا ڳباغ امر تسر ۾ بنا ڪنهن اشتعال ڏيارڻ جي عوام کي گولين جو بک بنايو ويو هو.
پنجاب جي عالمن، مشائخن ۽ سجاده نشينن جي پاران پيش ڪيل اهو ”دعانامو“، جنهن کي ”غلامي نامو“ ئي لکجي ته بهتر آهي، اهو ”دعانامو“ توهان به پڙهو ۽ ماتم ڪريو ته اهو گروهه، جيڪو پاڪستان کان اڳ ۾ انگريز حڪمرانن آڏو سر بسجود هو ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جو سخت ترين مخالف هو، اهوئي مفاد پرست ۽ موقعي پرست ٽولو اڄ پاڪستان جي اقتدار تي قابض آهي ۽ انهيءَ ئي ٽولي سدائين پنهنجن ذاتي مفادن تي قومي مفادن کي قربان ڪيو آهي.
پنجابين نه صرف 1914ع ۾ انگريز بهادر جي وفاداريءَ ۾ خانه ڪعبه تي گولين جي بوڇاڙ ڪئي بلڪه سامراجي دلالي ۽ ڀڙوت جو پوري ڏکڻ ايشيا ۾ سڀني کان مٿانهون قومي رڪارڊ قائم ڪيو. 1919ع ڌاران جنرل اوڊ اير جي بنگال جي آزادي پسند بنگالين ۽ جليانوالا باغ ۾ قتل عام کي قرآني آيتن ذريعي عين اسلامي قرار ڏنو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪن پيا، اقبال ۽ ٻين، شيطان صفت نرل اوڊ اير کي پنهنجو آقا بڻائي نه صرف ان جي تعريف ۾ نظم لکيا بلڪه انهيءَ جي روحاني اولاد هجڻ جو ثبوت به ڏنو. اهو آهي پنجابي نفسيات جو تاريخي تسلسل، جو اڄ به جڏهن آمريڪا 11 سيپٽمبر کان پوءِ پنجابي فاشزم لاءِ پادر پسائي رکيو تڏهن هنن بنياد پرستيءَ جي کٽيءَ تي پلجندڙ نازين جي حرامي تخم سانڊي جيان هڪ رنگ بدلائي رياستي موت کي آڏو ڏسندي، دنيا ڪارڻ دين ڇڏي اهو نعرو لڳايو،”ڀاڙ مين جائي اسلام، سڀ سي پهلي پاڪستان“. اهو آهي تاريخ جو موچڙو جيڪو کين نانگ جيان پنهنجن ئي ٻچن کائڻ تي مجبور ڪيو بيٺو آهي. تاريخ طالبانن، ملن ۽ پنجابي فوجي جنرلن کي بکايل بگهڙن جي ٽولي جيان هڪ ٻئي کي کائڻ تي مجبور ڪيو بيٺي آهي. ڪالهه ائين ئي تاريخ سامراجي قوتن کي هڪ ٻئي سان دست و گريبان ڪري بيهاريو هو. هي تاريخ جو اٽل قانون آهي ته جڏهن سماجي تبديلين يعني انقلابن لاءِ تاريخي حالتون پچي راس ٿي اينديون آهن، تڏهن دشمن قوتن جي وچ وارا تضاد ويڙهه يا جنگ تي ختم ٿيندا آهن. يعني جنگيون انقلابن کي برپا ڪرڻ لاءِ تيل کي ٻرندڙ تيلي ڏيکارڻ جو ڪم ڏينديون آهن. جهڙيءَ ريت پهرين عالمگير جنگ روس ۽ اوڀر يورپ جي اندر جاگيرداريءَ جي خلاف جيڪو قجحان پيدا ڪيو هو، تنهن اتي سموري خطي ۾ صنعتي انقلابن لاءِ زمين استوار ڪئي جنهن کي ڪامريڊ سڳورا وقت کان اڳ ۾ هاءِ جيڪ ڪري نام نهاد سوشلزم ڏانهن موڙي ويا. ساڳيءَ طرح ٻين عالمگير جنگ کان پوءِ سامراجي قوتون داخلي انتشار ۾ ايڏو ته وڪوڙجي ويون جو ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ سامراجي بيٺڪيتن خلاف آزاديءَ جي لهر اڀري ن جو فائدو وٺندي هڪ طرف چين، ويٽنام، ڪوريا، ڪيوبا ۾ آزادين جي تحريڪن زور پڪڙيو ته ٻئي پاسي انگريز بهادر جي ٻين عالمگير جنگ ۾ فوجي قوت صرف ڪرڻ ڪري بيٺڪيتن تان ان جي گرفت ڍري ٿي چڪي هئي، انگريز جي مجبورين جو فائدو وٺندي، هندستان برطانوي سامراج کي جهڪائڻ تي مجبور ڪيو. برطانيه پنهنجي رهيل کهيل عاقبت کي بچائڻ لاءِ خطي مان نڪرڻ تي مجبور ٿيو. انگريز بهادر هندستان، افغانستان ۽ ايران جي تحريڪن جو سابقه سوويت روس ڏانهن جهڪاءُ ڏسي، ويندي ويندي ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي مداخلت کي جاري رکڻ لاءِ پنهنجن پراڻن آزمايل پنجابي فاشي وفادارن کي قيادت جي طور تي پاڪستان نالي گهڻ قومي رياست جي فوجي چوڪيداري سونپي ويا. جهڙي ريت 1917ع کان اڳ ۾ سوويت يونين نالي دنيا جي گولي تي ڪنهن گهڻ قومي رياست ته ڇا ڪنهن ننڍڙي ڳوٺ ۽ ٻٽاري جو نالو به ڪونه هو، پر روسي انقلاب کان پوءِ ٻين قومن سان گڏجي، گڏيل معاهدي تحت سوويت يونين 72 سال هڪ دستاويزي رياست هئي، جنهن جي تستاويزن جي هڪ تاريخي اهميت هئي، پر 1991ع کان پوءِ سوويت يونين دنيا جي نقشي تان گڏهه جي گم ٿيل سڱن وانگر ڏندڪٿائي قصي کان وڌيڪ ڪابه حقيقت نه ٿي رکي. دنيا جي سياسي نقشي(Word political map) تان سوويت يونين ايئن گم آهي جيئن زمين تان وڏا جانور ۽ ڊائنوسارز جا نسل گم ٿي ويا. ساڳي طرح 1940 جي قرارداد وقت پاڪستان نالي رياست جو وجود دنيا جي نقشي تان ائين گم هو جيئن گابيءَ جا مٿيان ڏند. سواءِ چوڌري رحمت علي جي، غلاظت سان ڀريل کوپڙيءَ ۾ گردش ڪندڙ مجرد لفظ جي. پاڪستان، سنڌ ۽ بنگال اسيمبليءَ مان پاس ڪيل هڪ معاهدي کي نالو ڏنو ويو. جنهن کي تاريخ جي ڪنهن حرامي ٻار جيان ڪا به نقلي نالي جي سڃاڻپ ڏئي پئي سگهيا. سنڌ ۽ بنگال اسيمبليءَ جي جنهن معاهدي کي وڌري رحمت علي جي ناپاڪ کوپڙيءَ ۾ پليل پاڪستاني لفظ جو نالو ڏنو ويو ان معاهدي ۾ (States) لفظ استعمال ٿيو هو، پوءِ ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي (States) مان (S) ڪڍي ان کي (State) بڻايو ويو. 1947ع ۾ انگريز سامراج خانه ڪعبه تي گوليون هلائڻ جي وفاداريءَ جي صلي ۾ پنهنجي پاليل پنجابي پالتو سامراجيت جو ٻج ڇٽي ويا، جيڪو بداخلاق، بد تهذيب فاشي سامراجي ذهن پنهنجي انگريزي آقائن جي نقش قدم تي هلندي، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌودرياهه جي پوتر پاڻيءَ مٿان ڌاڙا هڻڻ لاءِ پنهنجي 1871ع کان ذهن ۾ پاليل غليظ منصوبابندين کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ سڀ کان پهريان پنجاب پنهنجا ٽي درياهه اوڀر پنجاب کي وڪڻي، سنڌودرياهه جي پاڻيءَ تي راتاهو هڻڻ جي منظم منصوبا بندي ڪندو رهيو. بلوچستان تي چڙهائي ڪري ان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. 1947ع کان 1958ع تائين پنجابي سازشن جو اندروني تاڃي پيٽو ايترو ته طاقتور ٿي چڪو هو جو رياست جي ڳجهين قوتن يعني پنجابي ذهنيت کي ملڪ جي سربراهن کي لاهڻ چاڙهڻ جا جلاب ٿي پيا هئا. جنهن تي نهروءَ تبصرو ڪندي چيو هو ته مان اڃان ڌوتي به نه ٿو بدلايان ته ان کان اڳ پاڪستان جو سربراهه بدلجيو وڃي. 11 سالن ۾ 8 وزيراعظم تبديل ٿي چڪا هئا. جناح کي سلو پوائزن ڏئي هلايو ويو. 16 آڪٽوبر 1951ع ڌاران راولپنڊي جي ايڇ ڪيو جي سامهون کليل ميدان ۾ لياقت علي خان کي ڀرئي جلسي ۾ پنجابي ايجنسين گولين جو بک بڻايو. پنجابي فاشزم جي ڪروڌ جو شڪار بڻجي فاطمه جناح گولين سان پروڻ ڪئي وئي. 1954ع ڌاران ايوبي مارشل لا جي دادا گيريءَ هيٺ پنجابين ون يونٽ جي فاشي منصوبي جو نفاذ ڪيو ته جيئن پنجابي مظلوم قومن کان انهن جي تاريخي سڃاڻپ کسي، انهن جي تاريخي حيثيت جي انڪار جو جواز پيدا ڪري. اهو ئي سبب هو جو پنجابي ذهنيت اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جو تصور اُڀاري، پوري ايوبي آمريت جي دؤر ۾ قومن جي خلاف ڀيانڪ سازش جو ميدان استوار ڪري آيا.
1962ع ۾ بلوچستان جي آزادي پسند، محب وطن انسان نوروز خان جڏهن بلوچستان جي قومي ڦرلٽ جي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو، تڏهن هنن فاشي پنجابي فسطائين مڪاري ۽ چالاڪيءَ سان قران جي آڙ ۾ هن بهادر انسان کي ڳالهين جي بهاني سان گهرائي، بلوچستان جي حقن تان دستبردار ٿيڻ لاءِ ان جي ستن پٽن کي هڪ هڪ ڪري نوروزخان جي آڏو ڦاهي ڏني، پر هن بهادر انسان پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي مٿان پنهنجو ٻچو ٻچو قربان ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي مقصد تان تر جيترو به نه هٽيو. اهڙي طرح پنجابي فاشي درندن هٿان پاڻ به جيل اندر قيد و بند جي حالت ۾ ماريو ويو.
1971ع ڌاران پنجابين جي تمام وڏي خطرناڪ قسم جي سازشي نيٽ ورڪ جي باوجود به عوامي ليگ پارٽي اڪثريت سان اولهه پاڪستان جي پنجابي سازشي ناني ويڙهي کي اليڪشن ۾ ذلت آميز شڪست سان همڪنار ڪيو. عوامي ليگ 6 نڪاتي پروگرام کي ملڪ ۾ نافذ ڪري قومن کي صوبائي خودمختياري سان گڏ تاريخي تشخص جي بحاليءَ جو موقعو فراهم ڪرڻ جو سعيو پئي ڪيو، جيڪا ڳالهه پنجابي فاشزم کي نه آئڙي. هنن پنجابي فاشين مجيب طرفان مظلوم قومن جي حق ۾ ڏنل 6 نڪاتي پروگرام جو انحراف ڪندي، حقيقي جمهوري معاشري جي قيام جي عمل کي پنجابي سامراجيت لاءِ موت جو امڪان ٿي ڄاتو، تنهن ڪري هنن 30 لک معصوم بنگالي عوام کي پنهنجي فاشزم جو کاڄ بڻائيندي موت جي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو ۽ پنج لک معصوم بنگالي نينگرين جون عزتيون لٽيون. اهڙي طرح هنن 6 نڪاتي پروگرام جو بنگالين کان ڀيانڪ ترين انتقام ورتو. ايستائين جو پنجابي فاشي جنرل ٽڪا خان چيو هيو ته اسان کي بنگال جا ماڻهو نه بلڪه ان جي زمين کپي. اهڙيءَ ريت پنجابين بنگالين کي زبردستي عليحده ڪري، ڀٽي کي مجيب الرحمان جي مقابلي ۾ انهيءَ لاءِ آندو هو ته جيئن ان کان اقتدار جي ڪرسيءَ جي عيوض ٻين مظلوم قومن کي آئيني طرح غلام بڻائين. اهو ئي سبب هو جو سائين جي ايم سيد 71 جي واقعي کانپوءِ 72 ڌاران جيئي سنڌ نوجوان محاذ جا بنياد رکيا ۽ چيائين ته هاڻي پاڪستان ۾ پارليامينٽ پنجاب وٽ مستقل يرغمال ٿي چڪي آهي، تنهنڪري هاڻي پارلياماني سياست ذريعي قومي جمهوري حق وٺڻ پاڇي کي ڪٽڻ برابر آهي، ڇو جو پنجاب جيڪو فوجي قوت جي زور تي سڀ کان وڏي پارلياماني ۽ آئيني، قانوني طور ملڪ جي وڏي کان وڏي جمهوري قوت رکندڙ صوبي کي قومن جي وچ ۾ آئيني، قانوني ۽ جمهوري برابري جي آئين ٺاهڻ جي سزا انهيءَ فاشي غير جمهوري غير آئيني ۽ غير قانوني شڪل ۾ ڏئي ان سان گڏ هلڻ جي ڪا به گنجائش ڪونهي. سائين جي اها ڳالهه ثابت ٿي ويئي ته 73 ڌاران پنجاب سامراج جمهوري ادارن ۾ ٽنهي صوبن کان وڌيل سيٽن جي تعداد کي قانوني شڪل ڏئي آئيني ۽ جمهوري بالادستي قائم ڪري ورتي. 1973ع هڪ طرف بلوچستان جي 40 هزار آزادي پسند غيوربلوچن جي رت سان بلوچستان جي ڌرتيءَ کي رنگيو ويو، بلوچستان جي مائرن ڀينرن ۽ ونين کي، ڳڀرو پٽن، ڀائرن ۽ ورن جا تحفا ڏنا ويا ته ٻئي پاسي ڀٽي کي ٽيڪرون ڏئي اقتداري ڪاٺ ڪلهي تي کڻائي 73 جو تاريخ دشمن آئين پاس ڪرائي مظلوم قومن کي چؤکنڀو ٻڌي پنجابي لانگ بوٽن جي آڏو قانوني ۽ دستوري طور ڦٽيو ڪرڻ هو، ڇو جو ان آئين ۾ ٻين ڪالونيل حرام پاين سان گڏوگڏ پنجاب جي قومي اسيمبليءَ ۾ سيٽن جو تعداد ٽنهي صوبن کان وڌيڪ رکيو ويو. ڀٽو دؤر حڪومت ۾ 1973ع ڌاران هنن ڦاشين هٿرادو ٻوڏ ڪرائي، پ پ پ حڪومت کان چشما، جهلم ڪئنال ۽ تونسا پنجند بئراج سنڌو درياهه مان ڪڍرايا ۽ هڪ معاهدو ڪيو ته ٻوڏون پنجن ڇهن سالن کان پوءِ اينديون آهن. انهن جو پاڻي پنجاب موٽندو نه ڪي سنڌو جي جي پاڻي تي ڪو حق واسطو رکندو پر پنجاب ٻارنهن ئي مهينا پاڻي کڻندو رهي ٿو ۽ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي ۽ ناڻي جي ورڇ، وسيلن بجاءِ آباديءَ جي بنياد تي ڪئي ويئي. جنهن لاءِ تازو مالياتي ڪميشن ۾ سنڌ جي سويلين ضابطي جي ميمبر عبدالڪريم لوڌي پنهنجي ميمبريءَ تان احتجاجي طور استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي ته اها مالياتي ڪميشن پنجابيت جو ناني ويڙهو آهي. اين ايف سيءَ ۾ پنجاب کان سواءِ ٽنهي صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. هن جو چوڻ آهي ته دنيا جي هر ملڪ ۾ ناڻي جي ورڇ وسيلن جي آڌار تي ٿيندي آهي، جيئن ”1991ع کان اڳ بنگالين جي گڏ هجڻ ڪري پنجابين جي تعداد کي چئني صوبن کان وڌيڪ ڏسي اهڙي حرڪت ڪرڻ کان گريز ٿي ڪيو.“ پر 71 جي خونريزيءَ کان پوءِ هن فاشي قوم جون واڇون مظلوم قومن جي رت پيئڻ تي ايڏو ته هري پيون آهن جو ماڻهپي جا سڀئي ليڪا لتاڙي هن قوم جو هر ٻچو ٻچو راڻو رنجيت سنگهه بڻجي پيو آهي. جيڪو فاشي مهم ۾ هزارين پٺاڻن کي ماري انهن جي لاشن مٿهان ناشتا ڪندو هو.
ڪارل مارڪس چيو هو ته : When Figers speaks even gods keep quite يعني جڏهن انگر اکر ڳالهائيندا آهن تڏهن ديوتائن کي به ماٺ جي مهر لڳي ويندي آهي.
هيٺيان انگ اکر هڪ طرف شهيد سميع الله ڪلهوڙي ۽ سندس ساٿين سڪندر سومرو، منصور مري، مظهر ڀٽي، عمران لغاري، رفيق لغاري، ثناءُ الله ڀٽي، ۽ ٻين راوت ۽ اڙٻنگ قسم جي بهادر قومي ڪارڪنن کي پئدا ڪندا آهن، جن مان هر هڪ شعر جي هنن سٽن جيان تاريخ جي ضمير جي صدا بلند ڪندو آهي ته ”اي ڪاش عقابن سان اٽڪان ٿي واهر پاڻ وهيڻن جي.“
ٻئي طرف ڍڳي جيان پنهنجي پمڙين کي بچائيندڙ لفظن جا غازي، بزدل ۽ ڪانئر ماڻهن جا ٽولا آهن، جيڪي ڏات ذات، ذهن ضمير وڪڻڻ لاءِ قومي مقدر جا سوداگر بڻيل آهن. 
انهن انگن اکرن کي سامهون آڻجي ٿو، جيڪي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت پاڻ جاري ڪيا آهن، جن موجب:”سال 97 _ 1998ع کان 01 _ 2002ع جي دوران وفاقي پول ۾ چئني صوبن جيڪا رقم ادا ڪئي آهي ۽ موٽ ۾ کين جيڪا رقم ملي آهي، اهي انگ اکر هن ريت آهن.
(1) 77 _ 1978ع جي مالي سال دوران وفاقي پول ۾، پنجاب 57 ارب ۽ 63 ڪروڙ رپيا، سنڌ 169 ارب ، 51 ڪروڙ، 50 لک رپيا، سرحد 16 ارب، 74 ڪروڙ ۽ 80 لک رپيا، ۽ بلوچستان 7 ارب، 13 ڪروڙ ۽ 40 لک رپيا جمع ڪرايا هئا.
(2) 98 _ 1999ع سال جي دوران پنجاب 65 ارب ۽ 32 ڪروڙ رپيا، سنڌ 171 ارب، 6 ڪروڙ ۽ 60 لک رپيا، سرحد 21 ارب، 60 ڪروڙ ۽ 20 لک رپيا ۽ بلوچستان 8 ارب، 32 ڪروڙ ۽ 3 لک رپيا جمع ڪرايا.
(3) 99_ 2000ع سال دوران پنجاب 77 ارب، 91 ڪروڙ ۽ 20 لک رپيا، سنڌ 189 ارب، 46 ڪروڙ ۽ 10 لک رپيا، سرحد 22 ارب، 4 ڪروڙ ۽ 60 لک رپيا ۽ بلوچستان 7 ارب، 8 ڪروڙ جمع ڪرايا.
(4) 2000_ 2001ع سال دوران پنجاب 80 ارب، 32 ڪروڙ ۽ 30 لک رپيا، سنڌ 226 ارب، 21 ڪروڙ ۽ 80 لک رپيا، سرحد 19 ارب 65 ڪروڙ ۽ 60 لک رپيا ۽ بلوچستان 6 ارب، 38 ڪروڙ رپيا جمع ڪراي.
(5) 2001_ 2002ع سال دوران پنجاب 84 ارب، 32 ڪروڙ ۽ 30 لک رپيا، سنڌ 237 ارب، 21 ڪروڙ ۽ 80 لک رپيا، سرحد 20 ارب، 65 ڪروڙ ۽ 60 لک رپيا ۽ بلوچستان 7 ارب رپيا جمع ڪرايا.
(6) انهيءَ جمع ڪرايل رقم جي موٽ ۾ صوبن کي هيٺئين ريت حصو ڏنو ويو: 
(1) 97 _ 1998ع سال دوران پنجاب کي 57 ارب، 93 ڪروڙ ۽ 90 لک رپيا، سنڌ کي 62 ارب، 30 ڪروڙ ۽ 40 لک رپيا، سرحد کي 16 ارب، 99 ڪروڙ ۽ 20 لک رپيا ۽ بلوچستان کي 9 ارب، 41 ڪروڙ ۽ 50 لک رپيا ڏنا ويا.
(2) 1998_ 1999ع سال دوران پنجاب کي 61 ارب، 62 ڪروڙ ۽ 70 لک رپيا، سنڌ کي 24 ارب، 79 ڪروڙ ۽ 10 لک رپيا، سرحد 18 ارب، 13 ڪروڙ ۽ 60 ل رپيا ۽ بلوچستان کي 10 ارب، 35 ڪروڙ ۽ 60 لک فراهم ڪيا ويا.
(3) 1999 _ 2000ع سال دوران پنجاب کي 70 ارب، 6 ڪروڙ ۽ 90 لک رپيا، سنڌ کي 28 ارب 18 ڪروڙ ۽ 20 لک رپيا، سرحد کي 20 ارب ۽ 67 ڪروڙرپيا ۽ بلوچستان کي 10 ارب، 98 ڪروڙ ۽ 70 لک حاصل ٿيا.
(4) 2000_ 2001 ع سال دوران پنجاب کي 79 ارب، 76 ڪروڙو ۽ 10 لک رپيا. سنڌ کي 31 ارب، 9 ڪروڙ ۽ 10 لک رپيا ۽ بلوچستان کي 12 ارب، 2 ڪروڙ ۽ 20 لک رپيا فراهم ڪيا ويا.
(5) 2001_ 2002ع سال دوران پنجاب کي 77 ارب، 17 ڪروڙ ۽ 30 لک رپيا، سنڌ کي 32 ارب، 30 ڪروڙ ۽ 90 لک رپيا، سرحد کي 23 ارب، 13 ڪروڙ ۽ 90 لک رپيا ۽ بلوچستان کي 12 ارب ۽ 22 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا.
اهڙي نموني پنجن سالن دوران پنجاب کي 365 ارب، 50 ڪروڙ ۽ 8 لک رپين جي ادائگيءَ کان پوءِ 346 ارب، 57 ڪروڙو ۽ 90 لک رپيا واپس ڪيا ويا. جيڪو ان جي ادائگيءَ جو 94 سيڪڙو رقم آهي.
جڏهن ته سنڌ کي 993 اربن ۽ 47 ڪروڙن جي ادائگي کان پوءِ 139 ارب، 66 ڪروڙ ۽ 70 لک رپيا واپس ڪيا، جيڪا ان جي ادائگيءَ جي صرف 14 سيڪڙو رقم آهي.
سرحد انهيءَ عرصي دوران 100 ارب، 70 ڪروڙ ۽ 80 لک رپيا جمع ڪرايا، جنهن کي 101 ارب، 61 ڪروڙ ۽ 50 لک واپس ڪيا ويا، جيڪا ان جي پياريل رقم جو 101 سيڪڙو آهي. اهڙيءَ طرح بلوچستان انهن پنجن سالن جي دوران 36 ارب، 63 ڪروڙ ۽ 60 لک رپيا جمع ڪرايا ۽ ان کي واپس 55 ارب رپيا ڪيا ويا. جيڪو ان جي ادا ڪيل رقم جو 150 سيڪڙو آهي.
اها ته ناڻي جي ورڇ ۾ سنڌ سان سڌي سنئين نا انصافي ۽ زيادتي ٿي آهي. انهيءَ کانسواءِ اخباري رپروٽ مطابق گذريل پنجن سالن دوران سنڌ جي مجموعي گهرو پيداوار هڪ سيڪڙو گهٽجي وئي آهي ۽ صنعتي پيداوار ٽي سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. پاڻيءَ جي گهٽتائي ڪري زرعي پيداوار تباهه ٿي وئي آهي، ان ڪري هڪ طرف سنڌ جي مالي وسيلن جو بنياد سست ۽ سوڙهو ٿي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي ماڻهن جي سالياني آمدني گهٽجي وئي آهي
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شعبي Applied Economy Research Centre جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳ ۾ مجموعي گهرو پيداوار ۾ سنڌ جو 28.6 سيڪڙو حصو هو، جيڪو گهٽجي 27.5 ٿي ويو آهي. انڊس ڊيلٽا جي علائقي ۾ سامونڊي پاڻيءَ جي مٿي چڙهي اچڻ جي ڪري سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ صوبي ک يهڪ کرب کان وڌيڪ نقصان پهتو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ مجموعي گهرو پيداوار ۾ هر سال وانگر اڄ به وڌيڪ حصو ادا ڪري رهي آهي. پر پوءِ به ان جي ماڻهن جي معيار زندگيءَ ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. GRP جي سروي رپورٽ ۾ واضح طور لکيو ويو آهي ته 1998ع ۽ 1999ع جي مالي سال جي دوران سنڌ مجموعي گهرو پيداوار ۾ 782 ارب ۽ 31 ڪروڙ رپيا حصو ادا ڪيو آهي ۽ 2002ع کان 2003ع جي دوران انهيءَ ادا ڪيل رقم ۾ هڪ کرب جي واڌ آيل آهي. پر ان جي ابتڙ سنڌ جي حصي ۾ 7 سيڪڙو رڪارڊ گهٽتائي آندي وئي آهي ۽ انهيءَ دوران سنڌ جي صنعتي پيداوار 29.7 مان گهٽجي 26.8 سيڪڙي تائين وڃي پهتي آهي. وڏي صنعت 3.5 مان 3.4 سيڪڙي تائين گهٽجي وئي آهي؛ جنهن ڪري گذريل پنجن سالن ۾ پڙهي نڪتل نوجوان بيروزگاريءَ جو شڪار آهن ۽ خودڪشيون ڪري رهيا آهن.
ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سنڌ جي پيداوار جو حصو ڏينهون ڏينهن گهٽجي 28.9 ۽ 30.7 مان 26.4 سيڪڙي تي وڃي پهتو آهي، پاڻيءَ جي اڻ پورائيءَ جي ڪري فصلن جي پيداوار 14 کان 12 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. ٺٽي ضلعي ۾ 80 هزارن کان وڌيڪ مڇين جا فارم ۽ ڍنڍون تباهه ٿي ويون آهن. گانگٽ ۽ پلي جو نسل ختم ٿي ويو آهي. انهن پنجن سالن دوران، مجموعي مڇيءَ جي پيداوار ۾ 72.6 کان 72.4 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. صرف 1998ع کان 199ع دوران اڏاوت جي صنعت تي رقم 36 ارب مان گهٽجي 29 اربن تي پهتي آهي ۽ اهو ڪاروبار ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن مان شفٽ ٿي سرحد ۽ پنجاب ڏي وڃي چڪو آهي. ٻڌو توڙي ريزڪي واپار به وڏي پئماني تي گهٽجي ويو آهي ۽ انهيءَ سان انشورنس انڊسٽريءَکي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ۽ هزارين ملازم بيروزگار ٿي ويا آهن.
مالياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ صوبي کي ڪڏهن به پنهنجيءَ آمدنيءَ ۽ وسيلن جي ڪاٿي لڳائڻ جي ادارن قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني آهي ته انهيءَ مان صوبي ۾ آمدني ڪيتري ٿي ٿئي، انهيءَ جو آڌار سدائين غير سرڪاري ادارن جي رپورٽن تي رهيو آهي. پ پ جي حڪومت دوران جيڪو ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو هو، اهو سنڌ جي ڪيس وڙهڻ بدران وفاق جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، جنهن کي حفيظ پاشا جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو، هن انهيءَ ڪيس کي وڏو قصان پهچايو آهي. ڪجهه عرصو اڳ ۾ جڏهن سنڌ حڪومت، مجموعي قومي پيداوار ۾ سنڌ جي حصي جي ڪاٿي لڳائڻ لاءِ هڪ خودمختيار ادارو قائم ڪرڻ گهريو ته جيئن اقتصادي انڊيڪٽرين تي نظرداري رکي سگهجي ته وفاقي حڪومت، اهڙيءَ ڪوشش يک شڪ جي نظرن سان ڏو. اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا سبب آهن، جن جي ڪري سنڌ جي مجموعي پيداوار گهٽجي رهي آهي، پر پوءِ به سنڌ جي آمدني ٻين مڙني صوبن کان وڌيڪ آهي. تيل، ڪوئلي ۽ گئس وغيره جا وڏا وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. سنڌ جي سڀني وسيلن جي انصاف ڀري ورڇ سان ئي سنڌ ۽ سنڌي عوام خوشحالي ٿي سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ سنڌ جي حقيقي مالڪي سنڌ وٽ هجڻ ضروري آهي. جن وٽ ئي انهن جي صحيح طرح سان ورڇ جو Political Will هجڻ گهرجي، ان کان پوءِ ئي سنڌي قوم جي صحيح طور ترقي ممڪن آهي. 
اهڙيءَ طرح پاڻيءَ جي معاملي ۾ به پاڪستان کان پوءِ پنجاب سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي مسلسل ڌاڙا هڻي رهيو آهي، ان ڪري هن وقت سنڌودرياهه سميت سنڌ جي سمورن واهن، ڪئنالن، بيراجن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن ۾ پاڻيءَ جي بجاءِ واري اڏامي رهي آهي. سنڌو درياهه، سنڌ مان ستن ڪروڙن سالن کان وهندڙ آهي. دنيا جو وڏي ۾ وڏيون تهذيبون ۽ تمدن درياهن جي ڪنارن تي آباد ٿيا آهن. سنڌو درياهه جي تهذيب، دنيا جو قديم ۽ سڌريل تمدن آهي ۽ سنڌو درياهه دنيا جي وڏن درياهن مان هڪ آهي. سنڌو درياهه جي پنجاب مان گذرڻ وقت ان جي سطح زمين کان ايترو ته هيٺ آهي، جو ڊيمن ۽ بيراجن ٻڌڻ کان سواءِ انهيءَ مان پاڻي کڻي نٿو سگهجي
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment