انسان جي زندگي ۽ ان جو مقصد!
آدم شاهه
انسان جي زندگي ۽ ان جو مقصد!
تي ٻڌل لڳ لاڳاپن ۽ لاڙن جو خاتمو آڻي، ان جي سماجي تعلقاتن ۽ رشتن ۽ ناتن جي سموري ناني ڳوٺڙي کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. هن سماج جي پيداواري قوتن جاگيرداراڻي سماج جي هزارن سالن جي ڄميل قدرن سان ٽمٽار اوجيائي اظطبل مان وچئين دور جي ڍونڍ جي ڍير جي سموري غلاظت کي ڌوئي صاف ڪيو. مرندڙ جاگيرداراڻي سماج جي رهيل کهيل باقيات يا (کرڙ) رجعت پسند درٻاري ذهنيت جي حامل اديب دانشور ۽ شاعرن پراڻي سماجي شعور جي رکوالي ڪندي عقليت پسنديءَ جي خلاف باهوڙ لائي رومانيت پسندي. جي نالي ۾ رجعت پسندي ۽ فرسودگيءَ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا. انهن ارڙهين صديءَ جي پويڙ ڌاران جرمنيءَ کان پنهنجي تحريڪ جو آغاز ڪيو. جيڪا پوءِ يورپ جي ٻين رجعتي قوتن تائين ڦهلجي ترقي پسنديءَ جي خلاف هڪ نعري جو روپ ڌاري وئي. هن تحريڪ عيسائيت ۽ پاپائيت کي پنهنجو آئيڊيل بڻائيندي نام نهادمحبت ۽ مذهبي تجربن ۽ ادب براءِ ادب جي ذريعي سماجي قدرن جي گهراين ۽ انساني زندگيءَ جي مقصدن ۽ علتن تائين پهچڻ ٿي چاهيو. آخرڪار رومانيت پسندي کي سڄي يورپ اندر مرندڙ جاگيرداريءَ سان گڏ ان جي تابوت ۾ تاريخ جو ڪفن ويڙهي جاگيرداراڻي سماج جي آخري علامت طور سرمائيداريءَ جي بي رحم قدمن هيٺان دفن ٿي ابدي آرام گاهه جو منهن ڏسڻو پيو.
هن سماج ملوڪيت جي جڳهه تي جمهوريت کي ترقي وٺرائي ۽ مذهبي هڪ هٽيءَ جي جڳهه تي رواداري (سيڪيولرزم) کي زور پڪڙايو ۽ علم، ادب کي درٻارن ۽ خانگاهن ۽ ديني مدرسن مان ڪڍي وستين واهڻن شهرن جي گهٽين ۽ پاڙن جي گهر گهر جي عوامي زندگيءَ جي ڪردارن تائين ڦهلائي ڇڏيو. فرسودگيءَ جي جڳهه تي روشن خيالي ۽ عقيدي جي جڳهه تي عقليت پسندي کي هٿي ڏني.
عورت کي سماجي پيداوار ۽ معاشرتي حقن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو، مرڪزي قومي منڊيءَ جو قيام آڻي جديد قومن جي تشڪيل جو بنياد وڌو ۽ پٺتي پيل محڪوم قومن جي اندر قومي سرمائيدارن جي اڳواڻيءَ هيٺ قومي منڊيءَ جي حصول ۽ وطن جي جديد سرحدن جي بحالي لاءِ قومي آزاديءَ جي تحريڪن کي زور پڪڙايو. جديد قومي منڊيءَ جي تشڪيل سببان سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي هم آهنگيءَ جو شعور بيدار ڪيو. بين الاقوامي عالمي منڊيءَ جي تشڪيل ڪري بين الاقوامي شعور کي اڀاريو. انهن کوڙ سارين برڪتن ۽ خوبين سان گڏ سرمائيداراڻو سماج ڦرلٽ ۽ استحصال ۽ باين جا نوان بنڊار به ساڻ کڻي آيو. هن سماج هر پيشي کان ان جو تقدس، عزت، مرتبو ۽ وقار کسي انهيءَ کي اجرتي محنت جو غلام بڻائي (زر) جي تابع ڪري ڇڏيو. هتي هر جسماني ۽ روحاني صلاحيت جو واپار ٿئي ٿو. اڪثر ماڻهن جي زندگيءَ جو مقصد پاڻ ۾ مختلف قسم جون پيشه ور صلاحيتون پيدا ڪري پنهنجي قوت محنت کي جز و قتي وڪڻڻ هجي ٿو. هتي ڏات، ذات، ذهن ۽ ضمير، عزت ۽ آبرو، شرم حياءَ ۽ ڪنوارپ، پاڪدامنيءَ، محبت، نفرت، بهادري ، شجاعت، وفادارين ۽ بي وفائين جو سرِعام منڊيون لڳنديون آهن.
اگهامجڻ جو تعين وڌ کان وڌ اعليٰ کان اعليٰ پيشه ور صلاحيت جو پنهنجي اندر پيدا ڪرڻ سان مشروط هجي ٿو. سرمائيداريءَ ۾ جاگيرداريءَ جي برعڪس سيڪيولر تصورن ۽ جمهوري روين جيان زندگي جي مقصدن جي چونڊ ته آزاد هوندي آهي پر مقصد تائين رسائي جا ذريعا مارڪيٽ ۾ وڪري جون جنسون هوندا آهن.
منزل ۽ مقصد تائين رسائيندڙ ذريعا ته هر فرد جي ضرورت هوندا آهن. پر مارڪيٽ جي اندر آيل جنسون سماج جي سڀنيضرورتمند انسانن کي ميسر نه ٿي سگهنديون آهن. ڇو جو سرمائيداراڻي سماج ۾ پيداوار سماج جي مڙني ضرورتمند انسانن لاءِ نه بلڪ مخصوص قوت خريد رکندڙن لاءِ ڪئي ويندي آهي.
جيئن ته سرمائي جي گردش جي تقاضا تحت مارڪيٽ طلب ۽ رسد جي قانون جي طابع هلندي آهي. انهيءَ ڪري سرمائيدارقوتون طلب کي سڄي سماج جي ضرورتمند انسانن بجاءِ مخصوص قوت خريد رکندڙ خريدارن سان متعين ڪري رسد جو به اوترو ئي انتظام ڪنديون آهن.
جڏهن طلب ۽ رسد پيداوار ۽ قوت خريد ۾ تضاد پيدا ٿيندو آهي، تڏهن بحران جنم وٺندو آهي.
سامراجي ملڪن ۾ ڇڙواڳ ۽ آزاد مقابلي بازي ۽ بحرانن کان بچڻ لاءِ منڊيءَ جي پيداوار تي قبضو ڄمائڻ ۽ وڌ کان وڌ منافعو ڪمائڻ جي ڊوڙ هيٺ جيڪي به سمجهوتا ٿيندا آهن، انهن کي ڪارٽيل يا سينڊيڪيٽ چيو ويندو آهي. انهن جي وڌ کان وڌ اها ڪوشش هوندي آهي ته شين جون قيمتون مخصوص قوت خريد جي دائري کان ڪنهن به صورت ۾ هيٺئين سطح تي نه لهن.
جهڙيءَ طرح هر خوشيءَ ۽ آزاديءَ جو انت بيوسيءَ جي دروازي تي اچي ٿيندو آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح هن سماج جي اندر هر خواهش آخرڪار قوت خريد جي دائري ۾ قيد ٿي ويندي آهي، نتيجا مسرتن جون خواهشون ۽ دلڪشي، جون چاهتون قوت خريد جي کوٽ سببان حيرتن ۽ حسرتن جي صورت ۾ سماج ۽ تاريخ جي اک ۾ ڳوڙهو بڻجي اٽڪي پونديون آهن.
جيئن شاهه سائين چيو آهي:
جا عمر تو ملي عيد اسان سوءَ ورتي سومرا،
ويئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد
سڪڻ ڪيا شهيد مارو جي ملير جا.
اهوئي ڪارڻ آهي جو هن سماج ۾ انسانن جي اڪثريت بڻجڻ هڪڙو چاهيندي آهي پر قوت خريد جي غير موجودگي سببان ٿي ٻيو پوندي آهي.
هي سماج نامراد انسانن جي اڪثريت کي پيدا ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ڪارخانو ۽ ذريعو آهي.
هن سماج جو اڪثر بيروزگار انسانن جو ڪاروان پنهنجي اکين ۾ غير يقيني مستقبل جا ڀوائتا خواب کڻي گمنام امڪاني رستن کان ٿيندو انهي منطقي انجام ڏانهن وڌندو آهي. جياپي جي ڊوڙ ۾ خوشين جي تلاش ۾ ڪيئي ٿرٿيليندڙ سسئي جهڙا ڪردار مقصد ڀرين منزلن تي پهچڻ کان اڳ گوندر ول جي گري بڻجي پوندا آهن.
هتي انسانن کي سهاني صبح جي تلاش ۾ زندگيءَ جي شام جي پوئين پاڇن سان گڏ ڊوڙندي ڊوڙندي رات جون اونداهيون نصيب ٿيندوين آهن.
هن ٻيائي واري سماج ۾ هڪ طبقي جي يقيني ترقي، ٻئي طبقي جي غير يقيني اوسر جو سراب بڻجي پوي ٿي.
هڪڙن جي آزادي ٻين جي غلامي بڻجي وڃي ٿي. هڪ جي ڪاميابي ٻئي کي ناڪاميءَ جي وروڌ ۾ مبتلا ڪري ٿي. هڪڙن جون مسرتون ٻين جي لاءِ حيرتون ۽ حسرتون بڻجي پون ٿيون. هڪ جي لاءِ زندگيءَ جي مقصد ڀري منزل سونهين هجي ٿي، ٻئي جي لاءِ اڻ سوهين بڻجي پوي ٿي يعني عوام جي اڪثريت پنهنجي اکين ۾ غير يقيني مستقبل جا خواب سانڍي انهن جي ساڀيا کي تاريخ جي پوشيده غلاميءَ جي اونداهين ڳلين ۾ تلاش ڪندي رهي آهي. ترقيءَ جي راهن تي رڙهندي گهڻ قومي رياستن جي اندر محڪوم طبقن ۽ قومن جا ڪاروان ڪنهن نه ڪنهن دوکي، فريب ۽ دولاب جي ڪري رات جي رهزنن هٿان جمهوريت جي عنوان هيٺ اقتدار جي ايوانن اندر بجيٽ جي بهاني سان ڀيانڪ سازشي منصوبن جي صورت ۾ تاڙين جي گونج ۾ لٽجي ويندا آهن.
انسان بطور فرد جي هڪ معاشرتي هستي آهي، ان جي ذات هن سڄي سماجي ڪليت جو هڪ جز آهي، جيڪا پنهنجي مرڪز جي محور جي چوڌاري ڦرندي رهي ٿي. جيستائين فرد جي مرڪزي يعني معاشري جا بنياد غير استحصالي حقيقتن تي قائم نه ٿيندا، ٻين لفظن ۾ سموري معاشري جي فردن کي گڏيل طور تي هڪ جيترا وڌڻ ويجهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا موقعا نه ملندا.
جيسين معاشرو فرد جي انفرادي تڪميل جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل هوندو. تيسين سکڻن تصورن ۽ ڳالهين جي ذريعي غير تهذيبي حالتن جي زير اثر نهاد رسمي تعليمي ۽ دوئيءَ جي شڪار بڻيل ثقافت جي زور تي معاشري جو اجتماعي ڪردار حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي صحيح انساني منصب ۽ ماڻهپي جي اعليٰ ثقافتي ۽ روحاني قدرن کان لاتعلقي ۽ بيگانگيءَ سببان بدتميز، بداخلاق ۽ حيوان قسم جو ميڪانيڪي انسان بڻجي پوندو.
جيڪڏهن معاشرو ئي پنهنجي سموري بنيادي جوڙجڪ ۾ بيهودو هوندو ته پوءِ اهو بيهودا انسان ئي پيدا ڪندو. ڇاڪاڻ جو طبقاتي سماج ۾ هر محڪوم پنهنجي حاڪم طبقي جي نقالي ڪندو آهي.
انسان جي زندگيءَ جو مقصد اهو ئي آهي ته اهو پنهنجي انفرادي ذات جي معروضي سرچشمي يعني پنهنجي اردگرد جي فطرت، معاشرتي ماحول ۽ تاريخي ضرورت جو شعور ۽ ادراص حاصل ڪري، جنهن ماحول مان سندس هستي وڌي ويجهي ۽ پروان چڙهي آهي. ان ريت پنهنجي زندگيءَ جي ترقي ءَ جي انفرادي ۽ اجتماعي راهن ۾ رڪاوٽ بڻيل ڳجهارتن کي حل ڪري تاريخ ۾ پنهنجي ترقي پسند ڪردار جو تعين ڪري.
ڪنهن به سماج جي اندر نظريا ۽ مقصد ضرورتن ۽ مفادن جي پيداوار ٿيندا آهن. تنهنڪري اهي ضرورتن ۽ مفادن مان اسري انهن جي حل پذيريءَ جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن.
جهڙيءَ ريت هر قوم جو پنهنجو مخصوص موروثي ۽ تاريخي رجحان هوندو آهي، ساڳيءَ طرح هر سماج جون پنهنجون ضرورتون ۽ تقاضائون هونديون آهن، جيڪي مقصدن ۽ نظرين جو روپ ڌاري پنهنجي مخصوص تهذيبي حالتن جون اعليٰ ثقافتي، روحاني، نظرياتي ۽ فڪري اظهار بڻجي پونديون آهن. يا ائين کڻي چئجي ته هر دور جو معاشرتي شعور پنهنجي فڪري، نظرياتي ۽ اعليٰ ثقافتي صورت ۾ پنهنجي دور جي مخصو تهذيب جي معاشرتي هستيءَ جو ڪامل اظهار هوندو آهي.
تنهنڪري هر دور جي اندر زندگيءَ جا مقصد سڌي ۽ اڻ سڌي طور تي ان مخصوص دور جي تاريخي صرورتن ڏانهن مثبت ۽ منفي روين جو اظهار ڪندا آهن. معاشري جي اندر هڪڙا اهڙا مقصد جيڪي پنهنجي ذات جي خارجي مرڪز يعني معاشرتي ۽ تاريخي ضرورتن کان بيگانا ۽ لاتعلق هوندا آهن، انهن جو انجام تاريخ دشمن منفي قوتن جي تاريخي مقدر جهڙو ٿيندو آهي.
ٻيا اهي مقصد جيڪي تاريخي ضرورتن ۽ ترقي پسند پيداواري قوتن سان سلهاڙيل هوندا آهن. تاريخ پنهنجي ضرورتن جي پورو ڪندڙ اهڙن ڪردارن کي چوند يآهي منهنجي اک ۾ اڀري پئو ته وقت جي منظر تي سورج ٿي اڀري پئين.
جنهن شئي کي اسين ضرورت چئون ٿا. اها جاندارن جي معروضي شرطن سان مطابقت پذيريءَ جي وجودي حالت آهي. تنهنڪري هر جاندار ايتري ئي ذهني صلاحيت حاصل ڪري ٿو، جيترو اهو فطرت طرفان عائد ڪيل پيچيدن شرطن کي حل ڪري ٿو. جيڪي جاندار فطرت طرفان عائد ٿيل نون شرطن کي حل ڪرڻ جي اهليت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا آهن، انهن مٿان دنيا جي صفحي هستيءَ تان ميسارجڻ جو قانون لاڳو ٿي ويندو آهي. ساڳيءَ ريت انساني معاشري ۾ انهيءَ قانون جو اطلاق تاريخي جبر جي صورت ۾ لاڳو ٿيندو آهي.
انسان جو وجودي ارادو پنهنجي نوعي ۽ سماجي ضرورتن جي پورائي لاءِ سمورين ذهني ۽ نفسياتي صلاحيتن کي هٿيار ۽ آلي جي طور استعمال ڪري ٿو. جيڪڏهن ذهني ۽ نفسياتي صلاحيتون وجودي ارادي کي پيش ايندڙ ضرورتن کي حل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏين يا ناقص ثابت ٿين ته هوند سموري جي سموري غير ڪارآمد ذهنيت غير ضروري هجڻ ڪري ناڪارگيءَ جي حالت ۾ پنهنجي هجڻ جو جواز وڃائي ويهي.
يعني تاريخي ضرورتن کي حل ڪندڙ انسان جي اجتماعي ارادي جي قوت سماجي وجود جي صورت ۾ سماجي شعور کي پيدا ڪري وجهندي آهي.
ضرورتن جو شعور يا ادراڪ انساني اختيار آهي. جيڪو فرد کي پنهنجي ذات جي وجودي غلاميءَ کان ويندي معاشرتي غلاميءَ جي پوشيدن ٻنڌڻن مان آجو ڪري مرحليوار منزلن ۽ مقصدن جي مختلف دائرن تائين رسائي ٿو.
ارادو ضرورتن جي پيچيدگين سان گڏ ارتقا ڪري ٿو ۽ وڌي ويجهي ٿو ۽ پنهنجيءَ اوسر جي دوران فرد جي کي معاشرتي ضرورتن جي حالتن سان مطابقت پيدا ڪرڻ ڏانهن وڌائي معاشرتي هستيءَ جي قالب ۾ پاڻ سموئڻ تي اڪسائي ٿو. اهڙيءَ ريت نئين سماجي اوسر ڏانهن وڌڻ جو حڪم جاري ڪري پراڻي سماجي حيثيت کان انڪار ڪرڻ ۽ نئين مقصد ڏانهن راغب ڪرڻ جو سرچشمو ثابت ٿئي ٿو. نوان مقصد پراڻن مقصدن جا ضد بڻجي پون ٿا، آخرڪار صحتمند مقصد غير صحتمند مقصدن جو خاتمو آڻين ٿا.
جيتوڻيڪ مفاد ۽ ضرورتون ارادي جي شڪل ۾ انفرادي حيثيت يا هستيءَ کي برقرار رکڻ جو شرط عائد ڪن ٿيون. تنهن هوندي به انهيءَ ضرورت ۽ ارادي جي معروضي سرچشمو معاشرتي محنت جو مجموعي مقدار هجي ٿو. جيڪو پيداوار، ايجاد ۽ تخليق جي صورت ۾ انفرادي ۽ اجتماعي ضرورتن ۽ ارادن جي جوڙجڪ ۽ صورتڳريءَ جو تعين ڪري ٿو.
سماجي مفادن ۽ ضرورتن جي غير هم آهنگي حتمي طور تي فڪري ۽ ارادي جي غير هم آهنگيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. مختلف طبقن جي طبقاتي حيثيت جو تعين به مفادن ۽ ضرورتن جي ٻٽن معيارن ذريعي ٿئي ٿو.
تنهنڪري ثنوئيت پسند معاشري ۾ طبقن جي زندگيءَ جا مفاد، مقصد ۽ ارادا به جدا ٿي وڃن ٿا. ڪنهن هڪ طبقي جي آزادي ٻئي طبقي لاءِ غلاميءَ جو نئون ٻنڌڻ بڻجي وڃي ٿي. ”هڪ جيڪا رحمت هجي ٿي، ٻئي لاءِ لعنت بڻجي وڃي ٿي.“ هڪ لاءِ جيڪا حقيقت با مقصد هجي ٿي، ٻئي لاءِ بي مقصد بڻجي پوي ٿي. جيئن فائرباخ چيو هئو ”ماڻهو محل ۽ جهوپڙيءَ ۾ الڳ الڳ سوچيندو آهي.“ ساڳيءَ ريت ماڻهو هر شيءِ کي پنهنجي منفرد طبقاتي مفادن جي آرسيءَ جي عڪس ۾ ڏسڻ لڳندو آهي.
اهوئي ڪارڻ آهي جو هڪ ئي سماج جي اندر ٻه طبقا ٻه مقصد ٻه نظريا ۽ ٻه قومون هونديون آهن يعني ٻه الڳ الڳ ثقافتي ۽ روحاني دنيا جون ڌارائون هڪ ٻئي سان ڪشيدگيءَ ۾ هونديون آهن. هڪڙي تهذيب کي پيدا ڪندڙ هوندي آهي ۽ ٻي تهذيب کي هڙپ ڪندڙ هوندي آهي.
پر جڏهن قوميتون پنهنجي قومي تشڪيل جي تاريخي مرحلي مان گذرنديون آهن، تڏهن تاريخ جي انهيءَ خاص ڏاڪي تي منتشر پيداواري قوتون سرمائيداراڻي معيشت جي زير اثر پيداواري عمل جي نتيجي ۾ قومي منڊي جي صورت ۾ منظم ٿيڻ لڳنديون آهن. تڏهن سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي هم آهنگيءَجو شعور قوم کي انفرادي سوچ جي محدود دائري مان ڪڍي جديد قومي شعور سان سلهاڙي اجتماعي قومي شعور جي سانچي ۾ ڍاليندو آهي.
جهڙيءَ طرح هڪ عظيم نيڪي جو رستو بديءَ جي بي تحاشا منزلن کي جهاڳڻ کانپوءِ هٿ ايندو آهي. ساڳيءَ طرح مظلوم قومن کي قوم يسرمائيدار جي اڳواڻيءَ ۾ قومي انقلاب جي ذريعي آزاد قومي رياست جي بحاليءَ تائين قومپرست فڪر کي اختيار ڪرڻو پوندو آهي.
تاريخ جي جائزي وٺڻ سان هيءَ حقيقت عيان ٿئي ٿي ته پوري جاگيرداراڻي دور ۾ هڪڙي جاگرافيائي وحدت ۾ موجود ڪڙم قبيلا قوميتون پنهنجي وطن تي غير قومي لٽيرن جي حملن جي پسمنظر ۾ اندروني اختلافن کي پاسيرو ڪري دفاعي ضرورتن جي تقاضائن تحت هڪ ٿي ويندا هئا.
جيئن هيءَ چوڻي آهي ته: خطري جي حالت ۾ مرون ۽ ماڻهو هڪ ٿي ويندا آهن.
ساڳيءَ ريت محڪوم قومن جي اندر ٻنهي طبقن جي نظرياتي دوئي قومي تشخص جي بحاليءَ تائين ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويندي آهي. قومي سڃاڻپ جي بحاليءَ کان پوءِ ضرورتن جا رخ تبديل ٿيڻ ڪري نظريا به بدلجي ويندا آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي جو سماج جي اندر موجود طبقاتي دوئيءَ وارو سوال آزاد قومي رياستن اندر وري ڪر کڻڻ لڳندو آهي.
تنهنڪري دنيا جي آزاد سرمئيدار رياستن خصوصن يورپ، جيان ۽ امريڪا جي اندر قومپرست نظرئي جي اوسر فاشزم جي صورت ۾ رجعت پسنديءَ جي پوئيواري ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. ساڳيءَ طرح ٽينءَ دنيا جي جاگيرداراڻي طرز معاش تي هلندڙ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي پٺتي پيل ملڪن ۾ سوشلزم جو نعرو بک بدحالي ۽ افلاس جي برابري واري ورهاست جي احمق پڻي تي ٻڌل جذبو آهي. پٺتي پيل ملڪن ۾ سوشلزم جو نعرو ايترو ئي مستقبل پرستيءَ جي تصوراتي ڏند ڪٿائن جي ڌنڌ ۾ گهيريل آهي، جيترو يورپ جي اندر قومپرستيءَ جو نعرو پراڻ پرستيءَ ۽ رجعت پسندي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. منصوبابند سماجي انقلابن متعلق ڪارل مارڪس جي پهرين تصور جي صداقت کي تاريخي حالتن صحيح ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن حقيقي سوشلسٽ قسم جا سماجي انقلاب ايندا ته اهي سڀ کان پهرين اولهه يورپ جي ترقي يافته معاشرن ۾ ايندا، انهيءَ جي برعڪس دنيا جي پٺتي پيل زرعي معاشرن ۾ جتي جتي به نام نهاد سوشلسٽ انقلاب آيا آهن. انهن پراڻي سلطنت شاهيءَ جي جڳهه تي پارٽي سلطنت شاهيءَ جا بنياد رکيا آهن. انهن سماجن جي ڪنڌ تي نام نهاد انقلابي هيرا چڙهي موروثي اقتدارن جا وارث بڻجي ويٺا آهن، اهي معاشرا ترقي ڪرڻ بجاءِ تنزل جو شڪار ٿيا آهن. انهيءَ جو سڀ کان واضح مثال سوويت يونين، اوڀر يورپ جا ملڪ ۽ جحاني سوشلسٽ ملڪ آهن.
جيڪي ترقيءَ جي رفتار ۾ سرمائيدار ملڪن کان تمام گهڻو پٺتي پيل آهن. اتي عام ماڻهوءَ جو معيار زندگي به انتهائي هيٺينءَ سطح جو آهي. چين ڪوريا ۽ ڪيوبا کان علاوه نام نهاد سوشلسٽ معاشرا سماجي فطرت جي ابتڙ يوٽوپيا جي خاڪ کي رياستي سرمائيداريءَ جي طرز معاش ۾ تلاش ڪري رهيا آهن. اهي مڙوئي نظرياتي معاشرا نيگل جي جدليات جي روحاني فرسودگيءَ تي بيٺل آهن، انهن معاشرن کي اقتصادي بنيادن بجاءِ نظرياتي تصور تي بيهاريو ويو آهي.
يعني اهي معاشرا پيرن جي بجاءِ اونڌا مٿي ڀر بيٺل آهن، ڇو جو سماجي اقتصادي دور نظرين جي تابع نه جڙندا آهن بلڪ نظريا، خيال ۽ تصور سماجي اقتصادي حالتن جا روحاني عڪس هوندا آهن، جيڪي مخصوص تهذيب جي مخصوص تضادن مان اسري انهن جي حل پذيريءَ جو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. انهن نام نهاد سوشلسٽ معاشرن کي سرمائيداريءَ جي پيداواري تقسيم جي قانون تي بيهاريو ويو آهي يعني محنتد، صلاحيت ۽ ان جي عيوض ملندڙ اجرت تي. ان کان اڳ ڪنهن به هڪ سماج جي پيداواري تقسيم ٻئي سماج ۾ جيئن جو تيئن نه رهي آهي ۽ نه ئي رهي سگهي ٿي. مارڪس جنهن ڪميونسٽ سماج جي اڳڪٿي ڪئي آهي ان ۾ پيداوار جي ورهاست جو عمل محنت، صلاحيت ۽ ضرورت تي مشتمل آهي. سرمائيداريءَ جو خاتمو هٿ ٺوڪين انارڪسٽ تبديلين جي ذريع نه بلڪ پيدواري تقسيم جي طريقي جي تبديلي ذريعي اندرين تضادن جي زيرِ اثر ٿيندو.
سرمائيداراڻي سماج جو ختمو تڏهن ايندو، جڏهن سماج وڌيڪ ارتقا ڪرڻ ڇڏي ڏيندو. سرمائيداراڻي سماج جون پيداواري قوتون نئين خودڪاريت تي مشتمل سماج آڏو اجرتي محنت جي اختتام ۽ استحصال جي خاتمي جسماني محنت جي بي دخلي سببان فرسوده ۽ ناڪاره ڳبڻجي وينديون. اهڙين تاريخي حالتن ۾ تاريخي ضرورتون منصوبابند نظرئي جي تقاصا ڪنديون پر بهتر کان بهتر يوٽوپيا به هزارين سائنسي مفروصن جي خوبصورت اصطلاحن ۽ لفظن جا ويس اوڍي وقت ۽ حالتن کان اڳ گهربل لوازماتن ۽ تضادن جي عدم دستيابيءَ جي حالت ۾ پنهنجو پاڻ کي حقيقت ثابت نه ٿي ڪري سگهي.
هر اهو نظريو جيڪو قومن جي تاريخي ارتقا ۽ اوسر جي آڏو رڪاوت بڻجي پيداواري قوتن کي ترقي وٺرائڻ بجاءِ ترقيءَ جي تاريخي عمل کي خوبصورت انقلابي لفاظيءَ ۾ پٺتي مو؟ٽائي ٿو، اهڙو نظريو رڍ جي کل ۾ لڪيل بگهڙ جيان آهي.
انهيءَ لاءِ خوب چڻي آهي ته ”اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.“ نظريا انسانن جي داخلي سوچن جو خلفشار نه بلڪه اهي مفادن ۽ ضرورتن جو معروضي اظهار هوندا آهن.
جيڪڏهن نظريا واقعي به خالصتاََ انسان جي ذهنن ۾ داخلي طور معروضي حالتن جي عڪاسيءَ کان آزاد مجرد طور تي نپجن ها، ته پوءِ ايترا ئي نظرياتي اظهار سامهون اچن ها، جيتريون سوچيندڙ انساني کوپڙيون آهن. جي هر انسان وٽ حقيقت متعلق پنهنجو الڳ نظريو ۽ الڳ مقصد ۽ الڳ سچائي هجي ها ته پوءِ ڪنهن به هڪ صداقت تي متفق ٿيڻ گڏيل مقصدن لاءِ گڏيل جاکوڙ ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ اصلاح پيدا ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه اچي ها. پر بدنصيبي ويچارن داخليت پسند خوش فهم انسانن جي آهي جو فطري سماجي حقيقت جون سموريون صداقتون سندن ذهني خلفشار ۽ من جي موج کان آزاد آهن، جيڪي آزاد معروضي قانونن جي صورت ۾ سندن داخليت پسنديءَ کان ماورا آهن.
هيگل چيو هئو ته:”صداقتون پنهنجيءَ ارتقا جي دوران پنهنجي پاڻ کي ضرورتن جي صورت ۾ ظاهر ڪنديون آهن.“ اهو هڪ عاليشان سچائيءَ جي طرف اشارو هئو، جنهن ضرورت جي وڌندڙ پيچيدگيءَ جي قانون تي چارلس ڊارون فطري ارتقا ۽ مارڪس سماجي نظرئي جي ارتقا جي اثاثي بنياد رکيا.
فرد جي شخصي ذات جون پاڙون معاشرتي ۽ تاريخي ضرورتن جي وڌندڙ پيچيدگي جي عمل سان جُڙيل هجن ٿيون. اهو ئي ڪارڻ آهي جو فرد معاشري مان پنهنجي ذاتي مسئلن جي پورائي جي تقاضا ڪندو آهي ۽ معاشرو فرد تي پنهنجي تاريخي ضرورتن جي پورائي جو فرمان جاري ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت فرد ۽ معاشرو نه رڳو هڪٻئي تي اثرانداز ٿيندا آهن بلڪه هڪ ٻئي جو پورائو ۽ تڪميل به ڪندا آهن.
هڪ طرف فرد جي خواهش جڏهن عظيم شخصيتن جي صورت ۾ تاريخي ضرورتن سان هم آهنگ ٿيندي آهي، تڏهن تاريخ اهڙن فردن کي بصيرت جي بلندين تي رسائيندي آهي پر جڏهن مجهول خواهشون اجتماعي صورت ۾ تاريخي ضرورتن سان ٽڪراءَ ۾ اينديون آهن. تڏهن تاريخ سڄي معاشري جي مقدر تي موت جو منڌيئڻو هڻي ڇڏيندي آهي. اهڙا غير صالح معاشرا جيڪي پنهنجي تاريخي مقصدن جي تعين ڪرڻ جي معاملي ۾ نا اهل ۽ بي خبر ثابت ٿيندا آهن، تاريخ جو جبر قدرت ۽ سماج جي قهر جي صورت ۾ اهڙين قومن مٿان نازل ٿي انهن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندو آهي.
جيئن شاهه چيو آهي:
ڪتڻ جي ڪانه ڪيئي ستي سهايئي هڏ،
سبحان ايندئي سامهين عيد اگهاڙن گڏ،
جتي سرتيون ڪندئي سڏ اتي سڪندينءَ سينگار کي!
هر دؤر جون معاشرتي ضرورتون پنهنجي مخصوص تهذيبي حالتن سان مطابقت رکنديون آهن. جيئن ته هر تهذيب پنهنجي دور جي محنت جي مجموعي مقدار جي ڪارآمد پيداوار جو نالو آهي، جيڪا سموري جي سموري ثقافتي دنيا کي پيدا ڪرڻ جو مضبوط ترين وسيلو هجي ٿي ۽ جيئن ته محنت جو مجموعي مقدار پنهنجي تهذيبي صورت ۾ في الحال انساني اڪثريت (پيداواري قوتن) جي اختيار کان ٻاهر آهي ۽ ٻيو ته رياستي حدبندين اندر پنهنجي مجموعي قومي عوامي ڪردار جي وحدت کان بيگانو آهي، تنهنڪري جيستائين دنيا جون محڪوم قومون آزادي نه ٿيون ماڻين ۽ آزاد قمون جي بين الاقواميت قائم نه ٿي ٿئي، تيستائين عالمگير انساني ضرورتن جي خواهشن جي عدم مطابقت سبب ان وحدت فڪر و عمل جي عالمگير انارڪيءَ جا جواز معروضي طور تي موجود رهندا.
جيسين عالمگير ضرورتن ۽ مفادن جي عدم مطابقت رهندي، تيين فڪر ۽ عمل جي عالمگير انارڪي به باقي رهندي. جيسين ڊمانڊ ۽ سپلاءِ جي حقيقت عدم حقيقت ۾ تبديل نه ٿي ٿئي، جيسين آٽوميٽڪ ٽيڪنالاجي فطري معيشيت جي اعليٰ معيار کي نه ٿي رسي، جيسين صنعتي مزدور ڪمپيوٽرائيزيشن جي همه گير ڦهلاءَ جي نتيجي ۾ پوري دنيا جي اندر جسماني محنت کان بي دخل نه ٿو ٿئي. جيسين مارڪيٽ جي مال کي خريدڻ واري سگهه پنهنجي انجام کي نه ٿي پڄي ۽ مستقل ۽ غير مستقل سرمائي جو خاتمو نه ٿو اچي، جيسين استحصال جي آخري شبيهه جي مٽجڻ جا امڪان چٽا نه ٿا ٿين، تيسين تاريخ انسان ذات لاءِ غير اختياري صورت ۾ جبري ۽ اتفاقي ڪردار ادا ڪندي رهندي پر جڏهن آزاد قومن جي بين الاقواميت قائم ٿيندي، تڏهن قومون تيزيءَ سان پيداواري قوتن کي ترقي وٺرائي نئين سماجي جي اڏاوت لاءِ کير کنڊ ٿي هڪ ٻئي ۾ تحليل ٿيڻ لڳنديون ۽ منصوبي بند معيشت جي ذريعي اهڙين حالتن ۾ استحصال جو حقيقي خاتمو ايندو. ان کانپوءِ انسان سماجي تاريخ تي معيشيت جي منصوبابنديءَ ذريعي عالمي اختيار حاصل ڪري وٺندو. تڏهن انسان ذات جا مقصد وحداني معيشيت جي عالمگير وحدت ۾ اچي فطرت کي تسخير ڪندا.
سڄي بحث جو تت هيءُ آهي ته:
جيئن ته انسان هڪ معاشرتي هستي آهي، تنهنڪري هن جو معاشرتي شعور به هر دور جي مخصوص تهذيب جو آئيني دار رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر دور ۾ زندگيءَ جا مقصد ۽ نصب العين پنهنجي پنهنجي سماجي حالتن سان مطابت ۾ پئي رهيا آهن، هڪ دور جا مقصد ٻئي دور ۾ بي مقصد پڻي جو شڪار رهيا آهن. مثلاََ ڪنهن دؤر ۾ طاقت جو سرچشمو جسماني قوت ۽ سادا اوزار هئا، تهنڪري ماڻهو انهن شين کي نصب العين ۽ مقصد بنائي اڳتي وڌندا هئا پر جيئن پوءِ تيئن اوزارن ۾ ايندڙ ٽيڪنيڪي جدتن طاقت جي پراڻن تصورن کي ختم ڪري نون تصورن کي سامهون آندو آهي.
اهڙيءَ ريت انسان جو شعور تهذيب جي ترقيءَ سان گڏ ترقي ڪندو رهيو آهي، تنهنڪري هن جي مقصد جا معيار ۽ ماپا به ترقي ڪندا رهيا آهن.
آخرڪار اها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا انساني شعور کي ترقي وٺرائي ٿي ۽ معاشري کي بلنديءَ تائين رسائي ٿي. لازمي طور تي جواب ايندو ته انساني اختيار جيڪو ڪنهن به حيوان منجهه ناهي. اهو اختيار انسان جي حقيقت ڏانهن صادقا ۽ سچن روين مان اُسري ٿو. تنهنڪري حقيقت سان شعور جي هم آهنگي ئي معاشرتي ۽ ذهني ترقي ۽ ارتقا جو حقيقي سرچشمو آهي. سچ معروضي حقيقت جو سالم عڪس آهي، جيڪو حقيقت سان هم آهنگي ۽ مطابقت ذريعي پيدا ٿئي ٿو، تنهنڪري شعور جيترو حقيقت سان هم آهنگي ٿئي ٿو، اوترو سچائيءَ سان مالا مال ٿئي ٿو ۽ انسان کي ايڏي ئي وڏي غلامي، بيوسي ۽ بي خبري جي بندشن کان آزاد ڪري ٿو.
انسان سچائي ذريعي جيترو حقيقت سان همڪنار ٿئي ٿو اوترو ئي غلامي ۽ ڏک مان نجات حاصل ڪري ٿو. ڪوڙ حقيقت سان عدم مطابقت وارو داخلي اظهار آهي، جيڪو نا سمجهي، غلامي ۽ آخرڪار ڏک کي پيدا ڪري ٿو. پوري انساني تاريخ ڏاڪي به ڏاڪي شعور جي حقيقتن سان هم آهنگيءَ ڏانهن وڌڻ جي تاريخ آهي. جيڪا انسان ذات کي سماجي فطري ۽ روحاني غلاميءَ جي ٻنڌڻن مان آجپو ڏياريندي آئي آهي. انسان يشعور جي حقيقت سان هم آهنگيءَ جو اهڙو راز ان جي تهذيبي ۽ ثقافتي ترقيءَ منجهه سمويل آهي. منهنجي هتي ثقافت مان مراد سماجي شعور جي جملي صورتن جي مجموعي مان آهي ۽ تهذيب ڪنهن به جسم ۾ مجسم ٿيل ڪارآمد محنت جو عمل آهي. جيڪو نت نون اوزارن ۽ ايجادن جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو ۽ موٽ ۾ تجربن ۽ مشاهدن جي صورت ۾ انساني عقل کي ترقي وٺرائي ٿو.
انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت آهي جو ڪو به انساني تصور خالص انساني تصور نه ٿو هجي، ڇو جو انساني سوچن جا سلسلا لفظن جي باترتيب جملن کان سواءِ قائم نه ٿا ٿي سگهن. تنهنڪري اسان ڪنهن به زبان ۾ تيسين تصور قائم نه ٿا ڪري سگهون، جيستائين معاشرتي حالتن سان سرگرم ٿي زبان جي پيچيده قسم جي لاهين چاڙهين ۽ پوري تجريدي نظام کي نه ٿا سکون، تيسين اسان لاءِ ڳالهائڻ ته رهيو پري جي ڳالهه ان زبان ۾ سوچڻ يا تصور ڪرڻ به محال هوندو.
جهڙيءَ ريت معاشرو فرد کي ٻولي سيکارڻ ذريعي ان کي تهذيبي حالتن سان ثقافتي طور مطابقت پذير ڪري ان کي پنهنجيءَ ذات جي بي سمجهي وارن ٻنڌڻن کان آزاد ڪري ٿو، تهڙيءَ ريت معاشرو موٽ ۾ فرد تي پنهنجي آزادي ۽ آجپي جي ذميواري به عائد ڪري ٿو، جيئن ته فرد جي انفرادي زندگي اجتماعي زدنگيءَ جو حصو آهي ۽ ان جي انفرادي ذات جي ترقي مجموعي معاشرتي ترقيءَ تي انحصار رکي ٿي، تنهنڪري فرد ۽ معاشري جي مقصدن ۾ باهمي وحدت هجي ٿي يعني فرد ۽ معاشرو هڪ ٻئي جي باهمي مقصدن جي پورائي ذريعي هڪ ٻئي جي تڪميل ڪندا رهن ٿا
Blogger Comment
Facebook Comment