Hot News
Loading...

Article Discuss On Sain GM Syed


ڪامريڊ سائين ڳالهه سائين جي ايم سيد سان فردن جي ذاتي اختلافن جي ناهي پر ڳالهه آهي سائين جي آزادي پسند نقطئه نظر سان اختلافن جي تاريخي ضرورتن جي انڪار جي ، مارڪسزم سياست جا بنياد معاشري جي تاريخي ضرورتن تي رکندي آهي تنهنڪري جيڪي به تاريخي ضرورتن کان فراريت اختيار ڪن ٿا اهي نه صرف موقعي پرست ۽ رجعت پسند هجن ٿا بلڪه مارڪسزم لينن ازم جي حقيقتي سچي انقلابي آزادي پسند روح جا منڪر هجن ٿا سنڌي قوم غلام هئي ۽ آهي ان جي تاريخي ضرورت ڇا هئي هڪ غلام قوم جي تاريخي ضرورت آزاديءَ کاسناوءِ ڇا هوندي آهي ان ڳالهه کان اوهان به آگاهه آهيو تنهنڪري جن ڪميونسٽن جي سياست جا بنياد ئي تاريخي ضرورتن جي انحراف تي هيا اهي ترقي پسند آهن يا کاٻي ڌر جا موقعي پرست جن جو ڪم ئي سڄو ڏينهن قومي تحريڪ جي خلاف بڪواس ڪرڻ هئو ۽ آهي اهي ترقي پسند ته پري جي ڳالهه آهي سچا جمهوريت پسند به نه هئا پڙهو لينن جو ڪتاب انتها پسند ڪميونسٽ جنهن ۾ اهڙن موقعي پرست سيڪنڊ انٽر نيشنلسٽن جي موقعي پرستي ۽ حاڪم قوم جي دلالن تي لينن ڏسو ڪيڏا نه ڇوهه ڇنڊيا آهن جيڪي قومن جي آزادين يعني حق علحدگيءَ جي خلاف پنهنجون ساريون توانايون صرف ڪندا آيا، لينن ته انهن کي سامراجين جو حواري سڏيو آهي ڪتاب ۾ اهڙن ڪميونستن کي ٽٽ پونجيو يعني پيلا کڻندڙ چمچن جي لقبن سان نوازيو آهي ۽ ايتريون گاريون ٻئي ڪنهن شايد ئي کين ڏنيون هجن جيتريون لينن ڏنيون آهن. ڳالهه فردي شرافت جي ناهي فردي طور تي يا انفرادي طور تي فاشسٽ قومن جا فرد به لا جواب هوندا آهن. جيئن سائين جي ايم سيد ضياءَ کي شريف النفس سڏيو هئو پر انهن جي قومي نفسيات فاشسٽ، شائونسٽ ۽ رجعت پسند هوندي آهي توهان جي آڏو شهيد اڪبر بگٽيءَ جو مثال آهي ته اهو ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيترو مثبت هيو پر جڏهن هن تاريخ جي سڏ کي ورنائيندي پنهنجي ڪل قومي وجود جي بقا لاءِ جڏهن پنهنجي جان جو نظرانو ڏنو ته عظيم ٿي ويو پر ڪي ماڻهون ترقي پسنديءَ جون ڪاڪڙي ڦاڙ دعوائون ڪندي به تاريخ جي رجعت پسند کاهيءَ ۾ ڪريا ڇو جو انهن تاريخ کي پٺي ڏني ۽ تاريخ انهن کان سڃاڻپ کسي ورتي ۽ اه يپليجا، ڄام ساقي، قادر مگسي ۽ ادريس چانڊيا ٿي ويا. 
توهان نظير عباسيءَ جي سياسي وارث ڄام ساقيءَ جي لاءِ ڇا چوندؤ جيڪو اسپتال ۾ سائين سان ملڻ جي بهاني ور ۾ ٽيپ رڪارڊر لڪائي آيو هيو ڄام ساقي به شريف النفس ترين انسان ڳڻيو ويندو آهي پر ان جو مطلب اهو قطعي ڪونهي ته ڪو ڄام تاريخ جي ترقي پسند عمل سان گڏ بيٺو آهي اهڙا کوڙ سارا شريف زادا پاڪستاني رياست جي دلاليءَ لاءِ پ پ پ ۾ شامل ٿي پنهنجي طبقاتي حيثيت تبديل ڪري ويا آهن. توهان قادر مگسيءَ سان هيو ته اسان توهانکي ردِ انقلابي سمجهندا هئاسين پر جڏهن توهان پنهنجا پلئه آجا ڪيا ته اسان توهانجي تاريخ کي سڏ ڏيڻ جي عمل کي عظيم عمل سمجهون ٿا جيئن سنڌي ۾ پهاڪو آ جيڪا ڀُلي ڀلي آئي پاڻ سابه نه ڀلي پر جيڪو شرافت جي لباس ۾ تاريخ جي منڪر قوتن سان ويٺو هجي اهو ڪيترو شريف ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪو رجعت پسند تاريخ جي ضرورت جي منڪر سياست جو چيمپين هجي ان کي صرف ذاتي ڪردار جي ڪري معاف ڪيو ويندو جن ماڻهن جو قومي ۽ اجتماعي ڪردار مها رجعت پسنديءَ جي مها سمبل وارو هجي. توهان جي اهڙن ٻه چاپڙن روين تي قومي تحريڪ کي هيڏو سارو نقصان پهچايو آهي هاڻي توهان ڪميونسٽ رجعت پسنديءَ سان قومي تحيڪ کي گڏي اسان جي جدوجهد کي ڪميونسٽن جو ليبل هڻائي عالمي همدرديون کسائڻ چاهيو ٿا. جڏهن ته پهرين دنيا ڪميونسٽن ۽ ملن کي هڪ جهڙو بنياد پرست سمجهي ٿي اوهانکي مبارڪ هجي نظير عباسي پنهنجي سيڪنڊ انٽر نيشنلسٽ قومن جي وجود جي انڪاري ۽ انهن جي قومي آزادين جي منڪر نقطئه نظر سميت. جنهن جا پيروڪار اڄ به قومي آزادين جا وڏي کان وڏا مخالف آهن ۽ پاڪستاني رياست نواز سياست جا چيمپين آهن
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment