============================================
پنهنجي تاريخ جي انڌيرن ۾ . مان مڃان ٿو ، انهئ تاريخ جي هر رات روپا ماڙئ ۾ ، وطن فروش ، چغلخور ، چنيسر جون سوين ، انهئ تاريخ جي هر سٽ سٽ منجه چٽيل ، هرنئين شڪل مونکي شرمايو. مان اهو سچ ڀي سهي ويندس ، دوله ، دودو هجي ، هيمون هجي يا ڪو هوشو ، منهنجي تاريخ جي هر هيري آهي هارايو . مگر درٻار جي اوبر تي پليل او مورخ ! هليا مان تو کي ٻڌايان ، اهو ننڍڙو نقطو، متان رهجي ڪٿي ، اڻڄاڻ وڃين ! هزار ڀيرا وڙهياسين ،ڀلي ماريا وياسين ، مگر ٻڌاءِ ڪڏهن آ ،اسان ڪا آڻ مڃي !!!!؟؟؟؟ آڪاش انصاري
Blogger Comment
Facebook Comment