Hot News
Loading...

Article On Last Interview Shaheed Sameeullah Kalhoro

جيئي سنڌ متحدا محاذ جي وائيس چيئرمين شهيد سميع الله ڪلهوڙي جو آخري انٽرويو




(نوٽ: هيءُ انٽرويو سڃاهه جي نمائندي حجت عباسي ۽ ستار عباسي سميع الله جي بيماري دوران ورتو)
سوال: توهان کي پوليس گرفتار ڪيو يا خفيه ايجنسين ۽ ڪٿان گرفتار ڪيو؟

شهيد سميع الله: مون کي خفيه ايجنسين جي اهلڪارن سنڌ يونيورسٽي روڪشاپ مان ڊيوٽي ڏيندي گرفتار ڪيو.

سوال: انهن اهلڪارن جا نالا ٻڌائيندو، جن توهان کي گرفتار ڪيو ۽ ڪٿي ڪٿي رکيو؟

شهيد سميع الله: جن اهلڪارن مون کي گرفتار ڪيو تن جي نگراني پير فريد جان سرهندي، ذوالفقار آرائين، سڪندر ڀٽي، غلام نبي پنهور ۽ ٻيا مون کي سڀ کان پهرين تشدد ڪندا حيدرآباد کڻي ويا پوءِ ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار، شاهه ڪريم، شاهپور، درپور، مٽياري ۽ هالا ٿاڻي جي حدن ۾ مختلف جڳن تي رکي تشدد ڪيو ويو.

سوال: هنن توهان کان جيڪو ڪجهه ڪرائڻ يا چورائڻ جو ارادو ٿي رکيو، اهي ڪهڙيون ڳالهيون هيون؟

شهيد سميع الله: هنن جو چوڻ هو ته هتي جيڪا به قومي تحريڪ جي قيادت آهي، اها سندن طرفان مقرر ڪيل دائرن، ضابطن ۽ حد بندين اندر رهي ڪري سياست ڪري ٿي، تقريبن مڙني سياسي پارٽين جي قيادت وٽانئن ڪليئرنسي وٺي ٿي، تون پنهنجي پارٽي قيادت کي چئو ته صرف ۽ صرف اسان وٽان ڪليئر ٿي وڃن، جيڪڏهن توهان ٻين قومپرستن ڌرين کان وڌي چڙهي عملي سرگرميون ۽ دعوائون ڪيو ٿا ته اهي جئين جو تيئن حقيقي حالت ۾ هلڻ ڪو نه ڏينداسين، ڀلي توهان جو دائرو ٻين سياسي ڌرين کان توڙي جو اڳتي وڌيل ڇو نه هجي، جنهن تي مون انهن کي چيو ته اسين آزادي لاءِ جدوجهد ڪيون ٿا، تنهن ڪري توهان اسان جي پوري قيادت کي جسماني طور تي ته ڊاهي سگهو ٿا ته پر پنهنجي مقصد ۽ ارادي تان هٽائي نٿا سگهون.

سوال: انهن ڳالهين مڃرائڻ طور توهان کي قومپرست سياست ڪندڙن جا اهڙا ڪي ثبوت ڏيکارين جن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ سان توهان کي حيراني ٿي هجي.

شهيد سميع الله: ڪليئرنس وٺڻ جي ارادي هنن منهنجي آڏو اهڙيون آڊيو، وڊيو ۽ رڪارڊنگ جي پسمنظر ۾ اهڙا دستاويز آندا هئا، جيڪي قومي تحريڪ جي سچن مخلصن ۽ ايماندار ڪارڪنن جي ذهنن ۾ زلزلن جهڙا جهٽڪا ڏيڻ جهڙا هيا، اسان جي سياسي منظر تي چرندڙ پرندڙ جا اونداها پاسا هيا، مان انهن اڳواڻن جي بس هڪ ئي نشاندهي ڪيان ٿو ته اهي مڙوئي اڳواڻ جيڪي قومي آزادي جي نظرين کي ٽوڙي مروڙي چاليهن جي قرارداد تي بهارين ٿا ۽ نام نهاد جمهوري پارلياماني سياست جي ميدان تي جدوجهد ڪرڻ چاهين ٿا يا آزادي پسند پارٽين کي حقيقي انقلابي پارٽي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تنظيم ڪاري، فنانسنگ لاءِ هٿ پير نه ٿا هڻن يا جو ڪجهه ملين ٿو ته اهو پارٽي جي تشڪيل بجاءِ پنهنجي ٽجوڙين ۾ ڀريندا پارٽين جي انقلابي ليڊرن بجاءِ وڏيرا بڻجي وڃن ٿا، پارٽين اندر هيٺ کان مٿي ڏانهن ايندڙ جمهوري مرڪزيت کي مڏو ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن جي انقلابي تعليم تربيت ڪرڻ کان لنوائن ٿا، اهي پارٽي جا انقلابي ذهن جيڪي صحيح انقلابي دڳ تي هلڻ لاءِ پارٽين جون اکيون ۽ صحيح فيصلن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ اعليٰ حواسن جو ڪم ڏيندا آهن، انهن کي نظر انداز ڪن ٿا، جن کانسواءِ هڪ انقلابي پارٽي هڪ خبط الحواس فرد جيان هوندي آهي، مطلب ته جن به ليڊرن ۾ ڏاهپ، بهادري، سچائي، مستقل مرازجي ۽ اعليٰ ليول جو ضابطو يا ڊسيپلين ناهي، اهي انقلاب لاءِ غير مفيد آهن، ليڊرن ۾ جي ذري جي به سچائي هوندي آهي ته پوءِ اهي پنهنجي انقلاب جي اهم ترين گهربل مواد کي اها جڳهه ڏيندا آهن، جنهن جي لائق واقعي به اهو هوندو آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي پارٽين کي انصاف پسند روين ۽ بهترين انقلابي اخلاقيات جي معيارن تحت درست دعوائون ۽ درست جدوجهد جو رويو طئه ڪرڻ سان ڪڏهن به مخلص هجڻ جون ڪوڙيون دعوائون نه ڪيون، اهڙا ليڊر جيڪي انقلابي عملن کي پاسيرو رکن ٿا، اهي پڪ ئي پڪ ڄاڻو ته رياست جا ماڻهو آهن.

سوال: حساس ادارن مان اچڻ کانپوءِ ڪيترائي ڪارڪن سياست ڇڏي ويا آهن ملڪ ڇڏي ويا آهن، جيئن گهنشام پرڪاش پريس وارن کي ٻڌائيندي چيو ته هو انهي درندگي جي در مان جيڪو به ايندو يا ته سياست تان بان ڪري ايندو آهي يا وري منظم غدار ٿي ايندو يا رچي ريٽو ٿي ايندو، توهان ڪهڙي ڏاڪي تي آهيو؟

شهيد سميع الله: انسان پنهنجي لاءِ جيڪڏهن ڪا حتمي راءِ ڏي تڏهن به ان تي شڪ ڪري سگهجي ٿو، پر حتمي عملي ثبوتن کي پٺي ڏيڻ سچ کي پٺي آهي، حجت جي ڳالهه وانگيان ته لفظن بجاءِ عمل ئي سچائي جي پرک جو پئمانو آهي، جيڪو ڪچي پڪي، ڪوڙي، سچي کري ۽ کوٽي کي سمجهڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو، اسان کي پنهنجي دعويٰ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي قيمت چڪائڻ جو پورو پورو احساس آهي، اسان جو مثال انهيءَ ڪپتان جيان اٿو، جيڪو جهاز جي سموري عملي ۽ مسافرن کي بچائڻ کانپوءِ جهاز سان گڏ ٻڏي ويو ويندو آهي، بين لفظن ۾ آئون ساهه ته وڃائڻ ڄاڻان ٿو پر ويساهه نٿو وڃائڻ ڄاڻان، مان انهي در مان ڇڏيو ناهيان ويو، پر دوست کي ٽٽندو ڏسي، انهيءَ کي ڀڄائي نڪتو آهيان، هنن جو خيال هو ته سڀاڻي هنن کي انڪائونٽر ڪنداسين، فياض جي شديد پريشاني واري حالت ڏسي هڪ سپاهيءَ کي زخمي ڪري نڪتاسين.

سوال: توهان ٽارچر سيل مان پنهنجي فرار ٿيڻ جي ڪهاڻي ٻڌائيندو؟

شهيد سميع الله: جنهن ڏينهن اسان ڀڄي نڪتاسين، ان کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ فريد جان سرهندي ۽ ذوالفقار اها پلاننگ ٺاهي رهيا هئا ته هي ڪنهن به حساب ۾ ئي ٿو اچي مورڳو ڀيڻ جو،،، مٿي جو سور بڻجي ويو آهي، اسان جي بدنامي ۾ رهندو چوپڙيون ڇپيون آهن، مٿان کان حڪم آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه ۾ نٿو اچيو ته پوءِ هن کي ساٿي سميت بلوچستان بارڊر وٽ دهشتگرد ڄاڻائي انڪائونٽر ڪيو، سڀاڻي انهيءَ جي لاءِ تياري ورتي وڃي، جڏهن منهنجي ساٿي کي انهي ڳالهه جي خبر پئي تڏهن هو زارو قطار پنهنجي محبوبا جي لاءِ روئي رهيو هو، جيئن ته هن جي شادي به نه ٿيل آهي، تنهن ڪري مون کيس گهڻو سمجهايو ته اسان ئي صرف اڪيلا ناهيون، جيڪي ماريا وڃون ٿا، پر اسان کان اڳ ته نفيس ڪنوارين نينگرين به پنهنجي وطن تان پنهجا سر گهوري ڇڏيا آهن، پر گارگند تي لهي آيو، خوب ڪچيون گاريون ڏنائين ۽ پوءِ سمهي پيو، مان اها پوري رات جاڳندو ۽ تدبيرون سوچيندو رهيس، هي پهريون دفعو هو جو مان ايجنسين وارا اسان جي مٿان ٿاڻي جي عام سپاهين کي مقرر ڪري ويا هئا، انهن مان هڪ سپاهي موڪل تي ويو هو، هڪ ڪنهن ڪم سانگي هالا نڪري ويو، باقي بچيو هو هڪ سپاهي اڪثر ڪري جڏهن اسان کي پيشاب وغيره لاءِ وٺي ويندا هئا ته هٿڪڙيون کوليندا هئا، جئين طهارت وغيره سگهون، پيشاب ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ٽارچر سيل ۾ ايندا هئاسين ته وري هٿ ۽ پير ڪڙيون هڻڻ جو چوندا هئا، انهيءَ رات هن مون کي پيشاب کان پوءِ پير ڪڙي هڻڻ جو چيو، مون پير ڪڙي جي لاڪ کي صحيح طرح بند نه ڪيو ۽ نه ئي هن ڪو ان ڳالهه ڏانهن گهڻي توجهه ڏني، مون فياض کي اٿاريو ۽ ان کي چيم ته تون ته پيشاب جو بهانو ڪري سپاهي کي گهرائي ۽ پنهنجي پير ڪڙي کي هن طرح کولي رکجانءِ، وقت تمام گهٽ آهي، هوشياري ۽ سالم حواسي کان ڪم وٺجانءَ، هو فياض کي جيئن وٺي ۽ واپس آيو ته مون فياض کي اشارو ڪيو ته هن کي ڳالهين ۾ لڳاءِ، مون منهنجي پير ڪڙي ۾ لڳل ٿلهي شيخ کي کڻي پوري زور سان هن جي مٿي ۾ وهائي ڪڍي، جنهن سان هو وڃي ڪريو، پوءِ اٿيو ۽ اسان ويڙهه ۾ ٻکجي وياسين، ايتري ۾ فياض به ڪافي هن کي ڌڪ هڻي ساڻو ڪري وڌو، مون هن جي کيسي مان چاٻيون ڪڍي پير ڪڙيون کولي، انهي سان هن تي خوب وار ڪيا، جنهن سبب هو ڪري پيو، هن دانهون به ڪيون پر مون هن جي منهن تي لوئي ڏئي کيس مٿي ۾ پير ڪڙي هنئي ته رت ڳاڙيندو وڃي ڪريو، مون هن جي لوئي هن جي مٿي سان ٻڌو ته متان مري وڃي ۽ پوءِ هن جي کيسي ۾ پيل رقم، جيڪا الڳ ڀڳ 15 سئو هئي ۽ هڪڙو شناختي ڪارڊ کڻي نڪتس، فياض ۽ مون هن جي کيسي مان چاٻيون ڪڍي پاڻ کي مڪمل هٿ ڪڙين کان آجو ڪيو ۽ فياض جون پير ڪڙيون به کوليون، اتان ڀڄي باءِ پاس وٽ هڪ هوٽل تي پهتاسين، مون کي هوٽل تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي ڀيرا ساهه جي شديد تڪليف ٿي، صفا ساڻو ٿي هڪ کٽ تي ڪري پيس، ماڻهو مڙي ويا، انهن کي فياض چيو ته هن کي دل جو دورو پيو آهي، انهن فوري ٽئڪسي ڪرائي جنهن جي ذريعي اسان حيدرآباد پهتاسين، مون فياض جي گاڏي ۾ چاڙهي ڪراچي اماڻيو ۽ پاڻ حيدرآباد کان يونيورسٽي ڪالوني ويس، جتي صبح جو حجت کي فون ڪيم، هن کي چيم ته فورن حيدرآباد يونيورسٽي ڪالوني ۾ فلاڻي ڪوارٽر پهچي وڃ، جيئن ئي هو آيو ته هن کي سڄي روئداد ٻڌايم ۽ پوءِ ٻارن کي ڪراچي لاءِ روانو ڪيم، هاڻي اوهان جي آڏو ويٺو آهيان، ( سندس چهري تي مرڪ تري آئي ۽ اکيون چمڪي رهيون هئس).

سوال: هاڻي پنهنجي طبعيت ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟

شهيد سميع الله: سائين جسماني طور تي ڀيانڪ تشدد کانپوءِ ڄڻ ته نس نس ناسور سان ڏکي رهي آهي، ساهه کڻڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿي ٿيم، ڏسو نه توهان سان ڳالهائيندي ڪيتريون ساهيون کڻي چڪو آهيان، اکين جي روشني گهٽ ٿي وئي اٿم، گردا زخميل آهن، پيشاب ۾ رت ٿو اچيم، ڊاڪٽر چوي ٿو ته ڦڦرن ۾ زخم جي ڪري پاڻي ڀرجي ويو اٿم، سنڌ سنڌ ۾ سور اٿم، پورا چاليهه ڏينهن پير ڪڙين سان هٿ ڪڙيون ٻڌل هجڻ ڪري نه سڌو ويهي سگهندو هئس نه سمهي سگهندو هئس، تنهن ڪري پوري ڪرنگي جي هڏي به ڏکيم ٿي، مون اڍائي مهينن تائين ڀرپور تشدد، جسماني عذاب ۽ ذهني پيڙا سبب ننڊ به نه ڪئي آهي، ايستائين جو هتي به اهائي حالت اٿم ته ننڊ ئي نه ٿي اچيم.

سوال: اتي توهان کي ڊاڪٽرن کي ڏيکارين يا نه؟

شهيد سميع الله: ها هڪ دفعو هڪ ديوان ڊاڪٽر ڀورا لعل وٽ کڻي ويا هئا، جنهن هنن کي چيو ته هن کي ڪهڙي حالت ۾ کڻي آيا آهيو، هن ۾ بچيو ئي ڇا آهي، هي ڪير آهي، جيڪو ڌڌڙ ۾ صفا ميرو لڳو پيو آهي، انچارج کيس چيو ته هي انتهائي خطرناڪ مجرم آهي، مون کيس چيو ته مان جيئي سنڌ متحده محاذ جو سينيئر وائيس چيئرمين آهيان، انهيءَ تي ڪارندي موٽندي مون کي گاريون ڏيندي چيو ته هن وٽ پنهنجو اهڙو تعارف ڇو ڪرايو، تو ڳالهايو ڇو، اسان جي بيعزتي ڪرائي وڌي نه، مون چيو ته مان جانور ته ناهيان جو ماٺ ڪري ويهان، چپ سبي ڇڏيم ئي ماٺ ڪندم، ٻه ٽي گاريون ڏئي ڪلاشنن جا قنڌاق وهائي ڪڍيائين، ڊاڪٽر مون کي اينٽي بايوٽڪ کان علاوه ٻيون گوريون ۽ دوائون به لکي ڏنيون ۽ چيائين مون کي نظر نه ٿو اچي ته هي ڪو گهڻو وقت زندهه رهي سگهي، هن جي صحت صفا ختم ٿي چڪي آهي، الائي ڪهڙو جذبو ۽ استقامت اٿس، جنهن جي ڪري اڃا پيو ٿو ساهه کڻي، توهان ته هن کي تقريبن مڙئي ختم ڪري چڪا آهيو، ڏند ۽ هوڙون به ڀڄي پيون آهن، توهان کي اها خبر ڪو نه هئي ڇا ته هي شگر جو مريض به آهي، ڊاڪٽر جي اکين ۾ ڳوڙها ڀريل ڏٺم ۽ ڏٺم ته جذبات وچان ٿڙڪي رهيو هو.

سوال: ان کان علاوه ڪي ذهني ۽ نفسياتي اذيتن جا ٻيا مثال؟

شهيد سميع الله: هي مون کي (ڳالهه کي ڪٽندي سوال اهي ڪير؟) پير فريد ۽ ذوالفقار آرائين وارا مون کي چوندا هئا ته تنهنجي ٻارن سان گڏ تنهن پوري خاندان ۽ تنهنجي ڀاءُ حجت کي جيڪو وتئي ٿو پوئواري ڪندو، اسان سمجهون ٿا ته تون انهن سڀني سان گهڻو پيار ڪرين ٿو، انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ڪنهن حادثي ۽ واقعي جي بهاني ختم ڪري ڇڏينداسون، اسان لاءِ ڪم نه ڪندين ته پوءِ ڪنهن لاءِ به نه ڪندين، هڪ آفيسر يونس چانڊئي ذهني ٽارچر ڏيڻ لاءِ چيو ته تنهن جي ڌيءَ زويا وڏي ٿي ڪوٺي ٿي ويندي ۽ سڄا راڄ انهيءَ کي ...... ڪندا، تنهن جي پٽ هالا کي تنهنجي سامهون مارينداسون، تنهن جي زال سان تنهنجي سامهون......... ڪنداسون، هڪ آفيسر غلام نبي پنهور چيو ته جيڪڏهن ڪو مون کي لک رپيا ڏي ۽ چوي ته پنهنجي پيءُ کي ماري ڇڏ آئون پيءُ کي ته ماريندس ئي پر ان سان گڏو گڏ پهرين ان جي منهن .......... تي.

منهنجي ذهن ۾ هنن جي بيغيرتي ۽ بي ضميري جي حالت کي ڏسي هي تصور اڀري رهيا هئا ته جيڪي چند سڪن تي پنهنجي پيءُ کي منهن.......... ۾ ۽ ان کي قتل ڪري سگهن ٿا، اهي ڏوڪڙن خاطر پنهنجي مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن سان همبستري به ڪري سگهن ٿا، ته ان سان گڏوگڏ پئسي خاطر هر اهڙو ڪڌو ڪم ڪري سگهن ٿا، جنهن تي انسانيت شرمائجي وڃي، مون کي لڳي ٿو ته هنن جا عهدا به بيغيرتي ۽ ڀڙوت جي اعليٰ ترين رڪارڊ قائم ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي حساب سان طئه ٿين ٿا،تنهن ڪري اهڙي ڀڙون کي سنڌي قوم سڃاڻي وڃي، صرف اهي ئي نه اسان جي وڏن وڏن سياستدانن جو اهڙو رڪارڊ اٿو، جيڪي پنهنجي قوم جي نياڻين کي نيلام ڪري ڀڙوت جا اعليٰ رڪارڊ قائم ڪري رياست وٽ سرخرو ٿين ٿا، انهن ۾ ايڏا وڏا ڀڙوا به اٿو،جيڪي قومي مقدر جو سودو ڪرڻ لاءِ جنريلن وٽ پنهنجون عورتون به گروي رکڻ لاءِ تيار آهن، ڪالا باغ ڊيم جي حمايت ڪري ڌرتي ماءُ جوسودو ڪرڻ لاءِ به بي چين آهن، سنڌي قوم جيستائين انهن ڀڙون ۽ دلالن کي نه سڃاڻيندي، تيستائين انهن جي ڪوڙين ڏٽن، وعدن ۽ ڪوڙن ايوانن ۾ واهيات بڪواس ڪرڻ جي ڍونگ ۾ تباهه ٿي ويندي.

سوال: خفيه ادارن مان جيڪي به ڪارڪن واپس آيا آهن جڏهن به اسان انهن مٿان گذرندڙ روئيداد بابت انهي کان پڇا ڪئي ته انهن مان ڪنهن به پاڻ مٿان ٿيندڙ تشدد جا تفصيل ڪو نه ٻڌايا، جيئن گهنشام پرڪاش ۽ ٻيا توهان اسان کي ٻڌائي سگهندو ته توهان تي ڪهڙيون ڪهڙيون عقوبتون ۽ اذيتي ڪارروايون آزمايون ويون؟

شهيد سميع الله: جيڪي ماڻهو خوف يا ڀو جي حالت ۾ زندگي گذاريندا آهن، اهي قوت ارادي وڃائي ويهندا آهن، انهن جذبا ۽ احساس مئل هوندا آهن، جنهن ڪري اهي بدحواسي جي حالت ۾ زندگي گذاريندا آهن، جنهن ڪري انهن جو ذهن ۽ ضمير به سمهي پوندو آهي. ماڻهو جڏهن اهڙن درندن جي چنگل مان نڪري ايندا آهن، تڏهن اهي انهن جي هدايتن تي هلي مقرر دائرن ۾ ڳالهائيندا ۽ عمل ڪندا آهن پر آئون ڪبير جي هن شعر جيان پنجابي حاڪمن جي ڪنهن به مقرر ضابطي کي ۽ حد بندي کي مڃڻ لاءِ تيار ناهيان، پاڻ ڪبير جي هن شعر جيان آهيون ته :

حد حد چليا هر ڪوءِ بيحد چليا نه ڪوءِ،

بيحد ڪي ميدان ۾ کڙا ڪبيرا روءِ

اسان جي جوابده آهيون ته پنهنجي قوم آڏو آهيون، اعليٰ انساني قدرن جي آڏو جوابده آهيون پر مظلوم قومن جي استحصال ۽ رت تي پلجندڙ پنجابي فاشي قوم جي حڪمرانن آڏو پاڻ کي جوابده يا ذميوار نه ٿا سمجهو، هن ڌرتيءَ جو ڪو به حلالي باضمير محب وطن ماڻهو پنجاب سامراج جي حاڪماڻي ضابطي جي مذمت ئي ڪندو.

نه اسان مون کان ڊڄڻ وارن مان آهيون، نه ميدان مان ڀڄڻ وارن مان آهيون، موت اسان لاءِ گهڻو نه پر مشاهدو آهي، جيڪڏهن مون هڪڙي جون اکيون بند ٿيون ته منهنجي قوم جي ڪروڙها انسانن جون اکيون کلي ويون ته اهو مون لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز ۽ انعام هوندو.

هن شعر جيان ته “ جي قيام مڙن ته به ويجها ڀائنجن سپرين” مون سنڌ سان محبت ڪئي آهي، ڪيان ٿو ۽ ڪندو رهندس، تنهن ڪري مان مٿان ٿيل تشدد جي ڪارروائين کي اوهان آڏو ان لاءِ بيان نه ٿو ڪريان ته توهان تشدد کان ڊڄو يا ان مان نام نهاد عبرت حاصل ڪريو پر توهان پنهنجي وطن ۽ قوم سان عشق جي قيمت چڪائڻ جو سبق پرايو ۽ ذهني طور تي پنهنجي ڌرتي مٿان هڪ بهادر سپاهي ۽ جرنيل جيان سر ڏيڻ لاءِ پنهنجي فرض ۾ تر جو به فرق نه آڻيو، بلڪه حوصلي ۽ جرئت جو سبق پرايو، هنن پهرين ڏينهن تي مون کي کنڀي اکين تي پٽيون ٻڌي ڌڪ هڻندي گاڏي ۾ کڻي آيا، حيدرآباد جي ڪنهن ٿاڻي جي حد منجهه آندائون پٽي سبب جيڪي به مون کي آواز ٻڌڻ ۾ آيا انهن مان پير فريد جو آواز اڀريو، وائرليس تي هو ڪنهن پنهنجي اعليٰ آفيسر کي چئي رهيو هو ته اسان جيئي سنڌ جي هڪ چوٿين پائي پڪڙيو آهي، جيڪو قومپرتن جو هڪ مکيه ليڊر آهي، هن جو شمار سنڌو ديش جي تحريڪ جي رهنمائي ڪندڙ اهم ترين ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، هي گاڏي مان لاهڻ سائي مون کي مارڪٽ ڪندا، ٽارچر سيل تائين وٺي ويا ۽ گرفتاري واري رات جو يارهين وڳي کان ڪاررواين جي شروعات ڪئي، منهنجي اکين تي پٽي طور جيڪو رومال ٻڌل هو، اهو لاهي هڪ ميرو ڪنو انگوڇو ٻڌي ڇڏيائون، جنهن ۾ ڪني ککي ڌپ اچي رهي هئي، جئين ئي هنن منهنجي اکين جي مٿان پٽي لاٿي، هنن مون کي ککي پٽي ٻڌڻ کان اڳ ۾ ذوالفقار آرائين گارگند ڪندي چيو اڙي ڀيڻ..... جا متان اکيون کوليون اٿئي، تارا ڪڍي ڪتن کي ڏينداسين، مون جيئن ئي اکيون کوليون انهن مان هر هڪ پنهنجي چهري کي لڪائڻ لاءِ ڪن هٿ ڏنا، ڪن اخبارون ڏنيون، ڪن پنهنجي قميص جي دامن سان پنهنجي منهن تي آندو، پير فريد ريوالنگ چيئر کي ڦيرائي منهن ڀت ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ سپاهي کي هڪ ڪيائين ته فورن اکين تي پٽي چاڙهينس ۽ گارگند ڪندي چيائين توکي منع ڪئي هئي ته اکيون نه کولجان پوءِ به کوليئي ۽ پوءِ مون کي لتن مڪن ۽ نيٽ جي لٺين جا وسڪارا ڪيا، صفا اڌ مئي ڪرڻ کان پوءِ ڇڏيائون، اڌ ڪلاڪ کانپوءِ جيئن هوش ۾ آيس، هنن مان ڇهن ڄڻن وري ڪارروائي ڪرڻ شروع ڪئي، ٻن ڄڻن هڪ ٽنگ کي پنهنجي طرف کاٻي پاسي ڏانهن ڇڪيو ٿي ته ٻن ڄڻن ساڄي پاس ڏانهن هڪ ڄڻو وچ ۾ مڪون هڻندو چڏا چير جي انهي عمل کي وڌائيندو رهيو، هڪ وارن ۾ پٺيان هٿ وجهي پٺي پٺي تي ٻنهي گوڏن سان زور ڏيندو هڪ ٻانهن کي هٿ ڪڙيون لڳل پٺيان ڦيرايائين، ايئن منهنجي ڄنگهن کي ڇڪيندا رهيا، تان جو مون پنهنجي کسين جي چمڙي کي ڇڄندي محسوس ڪيو ۽ مشڪن جي تنتن کي ڇڄندي محسوس ڪيم، ڄڻ منهنجي چڏن کي مڏي ڪاتي سان چيريو ويو هو، هنن ڪجهه دير کانپوءِ مون کي چهل قدمي ڪرڻ لاءِ اٿاريو ۽ پوءِ وري هڪڙي طاقتور ماڻهو پٺيان ڀاڪر وڌو، ٻه ڄڻا هاڻي وري منهجي ٽنگن کي پنهنجي پنهنجي سمت ۾ چيرڻ وارا انداز ۾ کاٻي ساڄي پاسي ڇڪي رهيا هئا، هڪ ساڳي طرح سٿرن وٽان مڪون هڻي رهيو هو، هنن منهنجي ڄنگهن کي ايتريو ڇڪيو جو مون پنهنجي کسين جي ٻاهرين چمڙي چيرجندي محسوس ڪئي، مون کي بار بار نصيحتون ڪرڻ ۽ ڪليئر ٿيڻ جو چوندا رهيا، اهو چڏا چير جوعمل تيستائين دهرائيندا رهيا ، جيستائين مون محسوس ڪيو ته ڄڻ منهنجون هيٺيون مشڪون ٽٽي پيون آهن، نيم بيهوشيءَ ۾ جڏهن هيٺ ڳئي کوڙي ڪري پيس ته پوءِ منهنجي سٿرن کي کڙين سان چيڀاٽون ڏيندا رهيا ۽ ٽنگن ۾ ڌڪ هڻندا رهيا، مون کين چيو ته منهنجو هيٺيون ڌڙ هاڻي بلڪل ڪم نٿو ڪري ۽ توهان کي چيڀاٽڻ ۽ ٽڻين ۾ ڌڪ هڻڻ جو ڪو به احساس نه ٿو ٿيئم پر توهان جي چوڻ تي ڪو نه هلندس، توهان ڪجهه به ڪري وجهو، مان پنهنجي موقف تان نه هٽندس، توهان مون کي جسماني طور ڊاهي سگهو ٿا پر ذهني طور توهان جي ڊاهڻ کان مٿانهون آهيان، توهان شعوري طور تي مون کي حق ۽ سچ جي رستي تان ٿيڙهي نه ٿا سگهو، هزار دفعا به جسم ڊاهيو پر ڌرتي ماءُ سنڌ سان ڪيل عشق ۽ وچن ٽوڙڻ ۾ توهان کي ناڪامي نصيب ٿيندي، چين پٽ هتان چڱا ڀلا گيسيون ڪندا ويا آهن، تون ڪهڙي کيت جي موري آهين، مون کين چيو ته دنيا ۾ ڪا به اهڙي ٽيڪنالاجي نه ٺهي آهي.

جيڪا ماءُ سان نمڪ حلال اولاد جي لازوال محبت جي جذبي کي شڪست ڏئي سگهي، ڇا ماءُ سان ڪو به صالح اولاد غداري ڪري سگهي ٿو؟ هي ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، هن سان غداري جو تصور ڪرڻ کان اڳ بهتر آهي ته آءُ رتيون رتيون ٿي وڃا ۽ پوءِ آهستي آهستي نيم بيهوشي تاري ٿيڻ لڳي، مون کي لڳو ڄڻ سائين جي ايم سيد سان گڏ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي ۽ شاهه لطيف بيٺا آهن، ميان آدم شاهه چئي رهيو آهي ته ساڳي ئي وفائن جي مٽي جو خمير اٿو، جنهن کي ڏسي هنن اهلڪارن يعني پير فريد ۽ ذوالفقار آرائين چيو هيڏي مار کانپوءِ به هي کلي رهيو آهي، هي ڇا جو ٺهيل آهي، مون کين وراڻيو آءُ هن ڌرتي جي مٽيءَ جو حلالي خمير آهيان.

جڏهن به هي مون کي مختلف قسمن جون اذيتون ڏيندا هئا تڏهن هنن جي وحشيپڻي جي ردعمل ۾ منهنجي ذهن ۾ اهو تصور قائم ٿي ويندو هو ته آئون سرمد آهيان، جيڪو دهلي جي گهٽين ۾ هوڪا ڏئي رهيو آهي، ته اي دوست توسان عشق ڪرڻ جي پاداشت ۾ مقتل گاهه ڏانهن نيو پيو وڃي، ڪوٺي تي چڙهي تون به ڏس ڪيڏو نه حسين نظارو آهي،پوءِ هڪدم منهنجي تصورن ۾ سنڌ محبوبا جيئن تري ايندي هئي، مون کي آس پاس جي اذيتن ڀري دنيا وسري ويندي هئي، کيس تصورن ۾ساڳي ئي ريت مخطاب هوندو هئس، ته من منهنجي محبوب کي منهنجي هن ننڍڙي عاشق جي ڪا ادا وڻي وڃي ۽ هيءَ موهن جي دڙي جي عظيم قوم پنهنجي حسن جي حقيقت جو راز پروڙي، هن ناقص عاشق جي نظر کي داد ڏئي، پنهنجي حسن سونهن ۽ سوڀيا جي حفاظت ڪرڻ سکي، جنهن جي لاءِ مون پنهنجي گهر تڙ هر شئي پٺتي ڇڏي، ان جي ڪڍ هلي پيو آهيان ۽ دل مان هي آهه نڪري ويندي هئي اي والي هن پورهيت جو پورهيو نه وڃائجان، اهڙي حالت ۾ منهنجي چهري تي خوشي ڀري مرڪ تري ايندي هئي، اهڙي طرح پنج ڏينهن پنج راتيون مون تي مسلسل تشدد ٿيندو رهيو، پر مان اول کان آخر تائين هوش ۾ هئس.

جيڪا بيساختگي جي کل ايندي هئي، اها هنن کي ايترو چيڙائي وجهندي هئي، جو مون کي خبر پئي ته پير فريد ۽ ذوالفقار آرائين پنهنجا وار پٽيندي ڪاوڙ ۾ سٿرون ڪٽيندا ٻاهر نڪري ويا، پاڻ ۾ بار بار هي تبصرو ڪري رهيا هئا ته هي ڇا جو ٺهيل آهي جو اڏو هٺيلو ۽ ضدي آهي جو آڻ ئي نٿو مڃي نه ته چڱا ڀلا به ايتري تشدد کانپوءِ کلي پوندا آهن.

تنهن کان پوءِ انتهائي تيز ٿڌين ۾ رات جو هڙئي ڪارندا پاڻ ويڙهجي سيڙهجي ڪن لڪائي ويهندا هئا، مون کي کليل پٺاڙن سان موبائيل جي جهنگلي سان ٻڌي گاڏي کي سڄي رات ڊوڙائيندا هئا، جنهن سان انهن تيز هوائن ۾ منهنجا ڦڦڙ ڪم ڪرڻ جهڙا نه رهيا، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي، جيڪا اڃا جاري آهي، جيڪڏهن ٻه چار قدم به کڻان ٿو ته سهڪي ويهي ٿو رهان، ڪافي دير ساهه پٽڻ کانپوءِ مس مس ٿورو اڳتي رڙهڻ جهڙون ٿيان ٿو، هنن مسلسل مون کي 40 ڏينهن تائين هٿين پيرين ڪڙيون هڻي رکيو هو، پيرن ۾ جيڪا ڪڙي لڳل هئي، ان جي وچ ۾ هڪ ٿلهو سريو وڌو ويو هو، جنهن منهنجي ٽنگن ۾ لڦون وجهي ڇڏيون هيون، منهنجا ڏند ۽ ڏاٺون شديد تشدد کانپوءِ تقريبن ٽوڙي ڇڏيا اٿن، تشدد کانپوءِ نيم بيهوشي واري حالت ۾مون کي اڍائي مهينن ۾ ننڊ به نصيب ڪو نه ٿي، ڪڏهن ڪڏهن پير فريد جي چوڻ تي مون کي موبائيل ۾ ننگو ليٽائي مٿان پير رکي حيدرآباد جو گشت ڪرائينداهئا، باقي سچو پترو هڻڻ ۽ نيٺ لڪڻن سان ڪٽيندا رهندا هئا.

ذوالفقار آرائين جي نگراني ۾ پنکي ۾ اونڌو لٽڪائي مقعد ۾ پيٽرول وڌو ويو، جنهن سان هيٺان رت اچڻ لڳو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين زخم رهيا، جنهن ڪري ويهي به نه سگهندو هئس، جڏهن ماري ٿڪجي پيا تڏهن هڪ بريف ڪيس ڏيکاريائون، چيائين ته هن پنج ڪروڙ رپيا آهن، جي اسان جي لاءِ ڪم ڪندين اهي توکي ڏينداسين، ٻنهي مان هرهڪ سر کي جتي چاهين اتي سيٽ ڪر توکي 20 ڪروڙ ڏينداسين، مون صفا انڪار ڪيو، تڏهن هنن اسان کي انڪائونٽر جو پلان ٺاهيو. انهيءَ کان اڳ ۾ منهنجي شيو وغيره ڪرائي ٻيا ڪپڙا پهڻ لاءِ ڏنائون، خبر پئي ته آءِ ايس آءِ جي ٽيم اسلام آباد کان هڪ جهاز ذريعي پهتي آهي، انهيءَ ٽيم جي سربراهه مون کي آڏو پڇا ڪرڻ لاءِ پاڻ گهرايو، انهيءَ ٽيم جي سربراهه مون کي پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته آئون پنجاب جو قومپرست آهيان ۽ تون سنڌ جو قومپرست آهين، مان پنجاب جي نمائندي ۽ ليڊر جي حيثيت ۾ توهان مون سان پنجاب جي نمائندي سان ٽيبل ٽاڪ ڪرڻ چاهيندو، مون کيس چيو نه توهان سياسي ليڊر آهيو ۽ نه ئي مان ڪنهن آزاد ملڪ جواماڻيل نمائندو آهيان، بلڪه مان هڪ قيدي آهيان، مون کي ان ڳالهه جي چڱي پروڙ آهي ته غير متوازي قوتن جو غير مشروط ٽيبل ٽاڪس لاءِ ويهڻ غير منطقي هوندو آهي ۽ مذاق جوڳو عمل آهي، پر جي غير متوازي قوتون هڪ ٽيبل تي ويهنديون به آهن ته اڳئين قوت جو ايترو مهذب هجڻ ضروري آهي، جو اها پنهنجي طاقت ۽ قوت کي نظر انداز ڪري انصاف جي تقاضائن کي ڪنهن اخلاقي دٻاءُ هيٺ حل ڪرڻ تي مجبور هجي، جيئن آمريڪا پنهنجي عوامي اخلاقي دٻاءُ هيٺ ويٽنام مان موٽڻ لاءِ آخري نتيجي ۾ اهڙو رستو اختيار ڪيو، اوهان جو مهذپڻو ته هتي ئي ظاهر آهي ته اوهان هڪ زنجيرن ۾ جڪڙيل قيدي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪٿان کان ڪهي آيا آهيو، مون کيس چيو ڇا اوهان واقعي به دنيا کي زنجيرن ۾ جڪڙي انهن سان ڳالهين جا ارادا رکو ٿا، ايتري ۾ آءِ ايس آءِ جي نمائندي منهنجي زنجيرن لاهڻ لاءِ هڪڙي ڪارندي کي حڪم ڏنو، جنهن منهنجون هٿڪڙيون ۽ پير ڪڙيون کولرايون، هن مون کي چيو ته هاڻي تون پنهنجي جاري رک، مون هنن کي چيو ته جيتري قدر پنجاب جي عوام جو سوال آهي، اهو پنهنجي صوفي بزرگن بابا بلي شاهه، وارث شاهه، بابا فريد، سلطان باهو، داتا گنج بخش، شاهه حسين جي انسان دوست صوفياڻي فڪر ۽ فلسفي کي ڇڏي علامه اقبال جي نٽشي واري سپرمين جي ڦاشي فلسفي تي عمل پيرا آهي، جنهن فلسفي جرمني ۽ اٽلي ۾ فاشزم پيدا ڪيو، ساڳئي فلسفي جي زير اثر پنجاب ۾ فاشزم جڙون پڪڙيون آهن، مون کيس چيو ته پنجاب جي انسان دوست صوفي بزرگن جي منهنجي دل ۾ ايتري ئي عقيدت ۽ محبت آهي جيتري شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي سان آهي، تنهن ڪري انهن انسان دوست عظيم هستين جا وارث اسين آهيون نه ڪي توهان، توهان ته لکين بنگالين، هزارين بلوچن ۽ سنڌين کي قومي تاريخي ۽ انساني حقن جي جمهوري مطالبن جي ڏوهه هيٺ ماري چڪا آهيون، جيڪڏهن وطن سان محبت ڪرڻ ۽ انهي جو عائد ٿيل فرض نڀائڻ واقعي به ڏوهه آهي ته پوءِ اسين ڏوهاري آهيون، ان صورت ۾ دنيا جا مڙوئي محب وطن انسان ڏوهاري آهن ۽ سڀئي وطن فروش دنيا جي مڙوئي غدار بي ڏوهي ٿيندا،جيستائين قومپرستي جوسوال آهي ته اها هڪ مظلوم قوم جي آزادي، جي سوال سان جڙيل آهي ۽ توهان جي قومپرستي پنهنجون سرحدي حدون ٽپي ٻين قومن کي غلام بڻائڻ لاءِ آهي، جيڪا ڪنهن به حالت ۾ انسان دوسست ناهي، ان جو مثال توهان قومي شاونزم جي جذبي هيٺ سنڌ، بنگال، ۽ بلوچستان مٿان مختلف وقتن تي چڙهايون ڪيون آهن، اهو سڀ ڪجهه استحصال کي جاري رکڻ لاءِ آهي، جيڪو علامه اقبال جي تڪبر آميز فلسفي ۽ جناح جي جهالت ڀريل ورثو آهي، آئون سمجهان ٿو هزران جناحن ۽ اقبالن کي سلطان باهو ۽ بلي شاهه جي ڪافين ۽ ڪلامن مٿان قربان ڪجي، تڏهن به ناڪافي آهي، آءِ ايس آءِ جي نمائندي چيو ته مان ان ڳالهه کي مڃان ٿو ته توهان پنجاب جا غلام آهيو ۽ اسان توهان کي غلام بڻايو آهي، فرض ڪريو اسان توهان کي آزادي ڏيون ۽ توهان هڪ مڪمل آزاد سنڌ جا مالڪ آهيو، ان حالت ۾ ڇا توهان پنهنجي آزادي برقرار رکي سگهندو.

مون هن کي سائين جي ايم سيد جي ڪتاب سندوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان ۾ 93 ملڪن جي نالن جي اهڙي فهرست آهي، جيڪي سنڌ کان جاگرافيائي ايريا کان نه صرف ننڍا آهن بلڪه افرادي قوت ۽ وسيلن جي جهجهائپ جي اعتبار کان به پٺتي پيل آهن، انهن وٽ ڪا خاص فوجي قوت به ڪونهي پوءِ به اهي ملڪ آزاد آهن، جيئن چند مشهور ملڪن ۾ بيلجيم، ڪيوبا، ڊينمارڪ، آئرلينڊ، لبيا، سويڊن، سوئيزرلينڊ اچي وڃن ٿا، انهن 93 ملڪن مان ڪي اهڙا ملڪ به آهن جن جي خاص فوج ڪانهي، پوءِ به اهي ملڪ آزاد آهن، مون هن کي چيو ته دنيا کي هاڻي فوجي ۽ عسڪري رياست بجاءِ عوامي جمهوري رياستن جي ضرورت آهي، جتي هو بهتر طريقي سان پر امن فضا ۾ واپار ڪندا ۽ خوش رهندا.

هن مون کان پڇيو ته توهان جا پاڙيسري ۽ ٻاهرين ملڪن سان تعلقات ڪهڙي نوعيت جا هوندا؟ مون کيس چيو ته انهي جو دارومدار ۽ بيروني صورتحال تي هوندو، جنهن ۾ اسان جي وڌ کان وڌ ڪوشش هوندي ته بهتر کان بهتر تعميري ۽ تخليقي قسم جا رشتا قائم ڪنداسين، جيڪي سائين جي ايم سيد جي عالمگير امن عالم، ترقي بني نوع انسان ۽ اتحاد انسان جي روشني ۾ جوڙينداسين.

پوءِ هن ڪافي وقت صوفي ازام تي مون سان بحث ڪيو، جڏهن مون هن کي چيو ته اوهان صوفين جي انسان دوست انصاف ڀرئي فلسفي کي پٺي ڏني آهي بلها شاهه ۽ شاهه وارث جي فلسفي کي وساري ڇڏيو آهي ته هن جي چهري عجيب و غريب قسم جي شرمندگي محسوس ٿيندي ڏٺم، مون هن کي چيو ته مان تڏهن پنجابين ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائيندس، جڏهن توهان هن غير انساني ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت آميز وحشي پڻي کي ڇڏي مهذب قوم هجڻ جو ثبوت ڏيو، ٻين پاڪستان اندر واڙيل مظلوم قومن جي قومي ۽ انساني حقن جو ۽ انسانيت جو احترام ڪرڻ سکندو ۽ قومن جي آزادي جي حقن جو احترام ڪندي، انهن جي آجپي جي حمايت ڪندو، ۽ پنهنجي ڪرتوتن تي شرمسار ٿيندو، جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي فلسفي تي ڪاربند ٿي رواي جي ڪنار تي هٿن ۾ چمٽو جهلي جگني ڳائيندو.

تنهن کاپوءِ هن مون کان پڇيو توهان جو پروگرام ڇا آهي؟

مون کيس چيو ته اسا جو پروگرام آزاد سنڌو ديش جو قيام آهي، جيڪا رياست قومي فلاحي سيڪيولر جمهوري رياست هوندي ۾ سماجي برابري ۽ رواداري جي بنياد تي هر فرد کي وڌڻ ويجهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جا هڪ جيترا موقعا ڏنا ويندا، اوچ ۽ نيچ جا فرسوده رسم رواج ختم ڪري انسان جي رتبي جو تعين ڪندڙ صلاحيت ۽ عقلي بنيادي ضرورتن کي رياستن طرفان ممڪن حد تائين پورو ڪيو ويندو، خيال فڪر ۽ سوچ جي ترقي آڏو آيل هر رڪاوٽ ۽ ديوار کي هٽايو ويندو، اسان کي هڪ بهتر ماحول جي زير اثر هڪ جسماني ۽ ذهني طور تي تندرست قوم جي تشڪيل ڪرڻي آهي، تنهن کانسواءِ اسان پنهنجي وطن جي ترقي سان گڏوگڏ امن عالم، ترقي بني نوع انسان ۽ اتحاد انساني کي قومي نصب العين بڻائينداسين.

آءِ ايس آءِ جي نمائندگي جي وڃڻ کان اڳ ۾ گرمجوشي سان هٿ ملائي ڀاڪر پائيندي چيو ته اڇا هم پهر آزاد سندهوديش کي تشڪيل هوني ڪي بعد ملين گي، اڇي پڙوسي ڪي طرح.

سوال: توهان ڇا ٿا سمجهو ته توهان سنڌي عوام کي هن سڄي مادي ۽ نفسياتي غلامي جي مانڊاڻ مان ڪڍندو؟

شهيد سميع الله: سائين چوڻي آهي ته جيڪڏهن ريت جيترو ذرو ذرو به هٽائيندا رهو ته هڪ ڏينهن پهاڙ به اوهان جي ازم آڏو ريزه ريزه ٿي ويندو، بقول ڀٽائي جي ته : آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين“. در حقيقت ڳالهه ارادي جي پختگي ڏانهن سچائي ۽ بهادري جي آهي، چوندا آهن ته جتي ارادو آهي اتي رستو آهي، اهي احمقن جي دنيا ۾ رهن ٿا، جيڪي سمنڊ کي ڏسي چون ٿا ته ان جو ٻيو ڪنارو ڪونهي، اسين آزادي جا سپاهي تاريخ جو اڻٽٽ ۽ لازوال بڻجي ويندو، انساني معاشرو قائم ئي قرباني سان ٿيو هو، اها قرباني هن جي انفرادي ذات کان اجتماعي معاشري جي اڏاوت لاءِ هئي.

سوال: قومي ڪارڪنن لاءِ اوهان ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

شهيد سميع الله: منهنجو قومي ڪارڪنن جي لاءِ اهو ئي پيغام آهي ته اهي سيد جي مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جيڪو سکڻا علمي آهن، اهي عملي به ٿين جيڪي عملي آهن، سي علم سان رشتو ڳنڍين ڇو ته جي علم ذهن آهي ته عمل انهي جو جسم آهي، جي عمل جسم آهي ته علم انهي جو ذهن، نه جسم سواءِ ذهن هوندو ۽ نه ذهن کانسواءِ انساني جسم، ڪارڪن پنهنجي غلطين کي سمجهن، انهن جي پوڄا نه ڪن، غلطين کي سمجهڻ حڪمت عملي آهي ۽ انهن جو خاتمو ڪرڻ حڪمت عملي کي جامو پهرائڻ آهي، جيڪا ئي ڳالهه اهڙي آهي جيڪا اسان جي قوم کي اونداهي مان ڪڍي روشني جي شاهراهه تي آڻيندي.

Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment