Hot News
Loading...

Article On Fedualism

جاگيرداراڻي لساني فرقي پرست ۽ جديد قومپرستيءَ ۾ فرق مظهر جمال سنڌي


سنڌ بچايو ڪاميتيءَ ۾ شامل ڌريون هڪ طر
ف پاڪستان جي آئيني حيثيت کي قبول ڪندي پارليا ماني سياست ڪرڻ جي حمايت جو ڍانڍورو پٽي رهيون آهن ته بئي پاسي ڪوڙي قومپرستيءِ جون وڏيون وڏيون ڪاڪڙي ڦاڙ دعوائون به ڪري رهيون آهن .جهڙيءَ ريت اڻويهين صديءَ ڌاران مارڪس اينگلز کان اڳيان ۽ انهن جا هم عصر سماج سڌارڪ ڏاها ، دانشور ۽ ٽريڊ يونينسٽ اڳواڻ اسٽيٽس ڪو جي حمايت ڪري رهيا هئا ۽ نئين نظام جي حق ۾ نعرا به هڻي رهيا هئا .مارڪس اينگلز انهن سماج سڌارڪن انارڪسٽن کي رد قد ڏيندي چيو ته سرمائيداراڻي سماج جي پيدائش کان اڳ ۾ سواءِ مادري سماج جي جيڪو فطري طور تي غير ظبقاتي هئو ٻين مڙني طبقا تي سماجن ۾ انساني برابريءَ جي لاءِ نه ئي مادي حالتون ساز گار هيون نه ئي انساني تجربي مشاهدي ۽ سماجي علمن ايتري ترقي ڪئي هئي جو انهن علمن جي روشنيءَ ۾ سابقه نظرئيدان سماجي اڻبرابريءَ جو سائنسي نظريو ڏيڻ جي متحمل بڻجي پئي سگھيا تنهنڪري اسان کان اڳ ۾ سماجي اڻبرابري جا جيڪي به نظريا پيش ڪيا هئا اهي سڀ جو سڀ غير سائنسي خيالي ۽ يوٽو پين نوعيت جا هئا تنهنڪري مارڪس کي اهو چوڻو پئجي ويو ته فلسفين ڏاهن مفڪرن دانشورن صرف دنيا جون تاويلون ۽ تشريحون ڪيون پر اصل ڪم دنيا کي تبديل ڪرڻ جو هو . اها مارڪس اينگلز جي خوشنصيبي هئي جو تاريخي حالتن مارڪس اينگلز کي سماجي نشو نما جي سرمائيداراڻي دور ۾ فرانس جي ماديت پسندي ،جديد جرمن فلسفو،برطانيه جي سياسي معاشيات جي روشنيءَ ۾ سائنسي سوشلزم جو نظريو مرتب ڪرڻ جي بصيرت عطا ڪئي . ساڳيءَ طرح سائين جي ايم سيد جديد قومپرستيءَ جي بانيڪارن مان هڪ آهي سائين پنهنجي جديد قومپرست نظرئي جا بنياد جديد ترقي پسند نظرين جي مٿان رکيا ۽ ڪڏهن به عقيدت پسند سياستدانن وانگر سواءِ آزاديءَ جي دعوا جي پنهنجن پا ليسين ۾ سدائين وقت ۽ حالتن آهر لچڪ پيدا ڪندو رهيو تنهنڪري دنيا جي عظيم مفڪرن مارڪس اينگلز جيان پنهنجي سوچن جا بنياد معروضي تضادن جي تقا ضائن تي رکيا ۽ انهن جيان پنهنجي نقطئه نظر ۾ وقت ۽ حالتن آهر تبديليون آڻيندو رهيو اهو ئي سبب هئو جو سائين جي ايم سيد 70 جي ڏهاڪي تائين پارليا مينتيرين مورچي تان به پنهنجي قومي حقن جي جدو جهد ڪندو رهيو ڇو جو بنگالي قوم جي مظلوم قومن جي جدو جهد ۾ شامل هجڻ ڪري سائين جي ايم سيد کي اها اميد هئي ته جڏهن به بنگلاديش جي قومپرست قيادت اقتدار ۾ آئي ته اها قومن جي وچ ۾ سياسي طاقت جي توازن کي قائم ڪري پنجاب جي سامراجيت کي لگام ڏيڻ ۾ مظلوم قومن جو ساٿ ڏيندي پر جڏهن مجيب جي کٽي اچڻ جي باوجود بنگالين کي اقتدار منتقل ڪرڻ بجاءِ 30 لک معصوم بنگالين جو قتل عام ڪيو ويو۽ لکين بنگالي نياڻين جي عصمتن سان پنجاب سامراج پاران کيڏيو ويو تڏهن سائين جي ايم سيد پاڪستان اندر قومي جمهوريت جي اونداهين مستقبل کي ڏسي قومي آزاديءَ جي ڳاله ڪئي ڇوجو هاڻي ته پنجاب جي سيٽن جو تعداد ٽنهي صوبن کان وڌيڪ هجڻ ڪري پنجاب جي سامراجي جمهوري هڪ هٽي قائم ٿي چڪي هئي تنهنڪري اهڙي جمهوريت جي ذريعي سواءِ جاگيردار طبقي جي دلاليءَ جو ماحول جوڙي مظلوم قومن جي قومي مفادن جي مفادن مٿان ڌاڙا ئي لڳا ئڻ وارو هو ا تهنڪري سائين جي ايم سيد پارليا ماني سيا ست جي رستي کي ترق ڪري قومي انقلابي سياست جي رياست مخالف رستي جو انتخاب ڪيو تڏهن ئي سائين جي ايم سيد چيو هو ته جيئي پاڪستان معنيٰ مري سنڌ ۽ جيئي سنڌ يعني مري پاڪستان ڇو جو سائين کي خبر هئي ته پنجاب سامراج پاڪستان جي سازشي ڄار پاڪستان جبري الحاق ذريعي مظلوم قومن جو شڪار ڪري انهن جي قومي سڃاڻپ ختم ڪري انهن جي قومي وجود کي ميسارڻ چاهي ٿو ۽ انهن کي گريٽر پنجاب جو مستقل حصو بنائڻ گھري ٿو تنهنڪري سائين جي ايم سيد قومي انقلاب جي ٿرڊ انٽر نيشنل جي معيارن کي نظر ۾ رکندي اهو چيو ته جا گيردار طبقي جي بنسبت سنڌ جو شهري سرمائيدار طبقي کي سنڌ جي قومي انقلاب جو هر اول دستي جو ڪردار سنڌ جي اردو آبادي کي ئي ڪرڻو پوندو ڇو جو سائين ان ڳاله کي چڱيءَ ريت ڄاڻي پيو ته پوري دنيا ۾ قومي انقلاب جي هر اول دستي جو ڪردار قومي سرمائيدار ئي ادا ڪندو آهي ۽ ٿرڊ انٽر نيشنل ۾ به اهو ئي مو قف اختيار ڪيو ويو هئو تنهنڪري سائين جي ايم سيد هڪ سماجي سائنسدان ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ جديد قومپرستيءَ جو مقامي تضادن جي روشنيءَ ۾ نظريو ڏنو ۽ فرقي پرست جاگيرداراڻي قومپرستيءَ کي رد ڪندي جديد ترقي پسند قومپرستيءَ جو پرچار ڪيو درحقيقت سائين جي ايم سيد کي انهيءَ ڳاله جو حقيقي ادراڪ هئو ته لساني فرقي پرست جاگيرداڻي قومپرستي پوري دنيا ۾ ڪا ٿي به ترقي پسند ڪردار ادا ناهي ڪيو پر ويتر قومي ٻڌيءَ کي وڏي کان وڏو نقصان فرقي پرست لساني قومپرستي ئي ڏنو آهي انلاءِ جو پوري دنيا اندر فرقي پرست قوم پرستي سامراجي ايجنٽ جي طور تي ڪردار ادا ڪندي آهي ساڳيءَ طرح پنجاب سامراج به سنڌ اندر روز به روز فرقي پرستن جان نوان نوان چهرا متعارف ڪرائي انهن جا جعلي هٿرادو اتحاد ٺهرائي سنڌي قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي گمراه ڪن جدوجهدن جا سازشي ڄار وڇائيندو رهيو آهي انهن فرقي پرستن جي جدو جهد جو سمورو رخ آزادي مخالف لساني فرقي پرست سياست طرف آهي اهي پنجاب جي قومي غلاميءَ جي خلاف جدو جهد ڪرڻ بجاءِ پنجاب سامراج جي جا آلئه ڪار ٿي سنڌ جي قومي جدو جهد جي حقيقي رخ کان قومي ڪارڪنن ۽ سنڌ ي قوم کي گمراه ڪرڻ ۽ رد انقلاب جون سرڪاري پگھارون کڻي رهيا آهن .اها ڳاله ڪنهن نه باشعور ماڻهوءَ کان لڪل ناهي ته پاڪستان جي جمهوريت سامراجي جمهوريت آهي ڇو جو سرائڪي بيلٽ تي قنضي جي ڪري پنجاب جي سيٽ جو توازن ٻين پاڪستان اندر واڙيل مظلوم قومن کان وڌيڪ آهي. جنهنجي ذريعي ئي پنجاب سامراج مظلوم قومن جي مٿان پنهنجو سامراجي سياسي تسلط ڄمايون ويٺو آهي تنهنڪري پاڪستان جيئن ته هڪ گھڻ قومي سامراجي غيرفطري رياست آهي ٻيو ته اها سرد جنگ جي اندر سامراجي مهاڙي واري رياست رهي آهي تنهنڪري اتي جمهوريت جو مستقبل اونداهون رهندو اهوئي ڪارڻ آهي جو عالمي قوتون پاڪستان کي بليڪ هول رياست سڏي رهيو آهن جتي قومن جو جھمهوري مستقبل اونداهون بڻيل آهي آمريڪا بينظير کي ميثاق جمهوريت ۽ اين آر او جي سمجھوتي هيٺ انهيءَ ئي اميد سان اماڻيو هئو ته جيئن اها وڃي پاڪستان جھ آئين ۾ ترميمون آڻي قومن جي وچ ۾ سياسي توازن بحال ڪري قدير خان کي سندن حوالي ڪري طالبا نائيزيشن جو خاتمو آڻڻ لاءِ اپاءَ وٺي پر آءِ ايس آءِ بينظير کي پهچڻ شرط ئي اليڪشن مهم دوران راول پنڊيءَ ۾ گولين جو نشانو بڻائي ڇڏيو هي سنڌ جي بنهي آبادين جي وچ ۾ اتحاد به الطاف بينظير ملاقات تحت آهي ڇو جو جڏهن آصف زرداري جڏهن الطاف حسين سان ملڻ آيو هئو تڏهن اها ڳاله ڪئي هئائين ته بينظير ڀٽو کيس اردو آباديءَ ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ جو چئي وئي آهي اها ڳاله انهيءَ عالمي ايجنڊا جو حصو هئي جيڪا عالمي قوتن طئه ڪري بينظير کي هيڏانهن آشيرواد ڏئي اماڻيو هئو ته پاڪستان کي حقيقي جمهوري رياست هن سياسي فارمولي تحت بڻائي سگھو ٿا تنهنڪري جڏهن سنڌ جي ٻنهي سياسي ڌرين پنجاب جي ورهاست جي لاءِ 20 ترميم وارو بل پيش ڪيو ته جيئن سرائڪي صوبو ٺاهيو وڃي پر رياست فرقي پرستن جي ذريعي ان جي خلاف هاءِ گھوڙا لائي ڏني جيتوڻيڪ سنڌ جي ورهاست جي حق ۾ نه ئي ايم ڪيو ايم هئي ۽ نه ئي پ. پ .پ نه ئي عالمي قوتن ئي ان ڳاله جي حق ۾ آهن پر رياست جي لساني فرقي پرست نام نهاد قومپرستن جي ٺڳن مڪارن پگھا ر دار ايجنٽن جي ذريعي اهڙو هث سان ماحول جوڙيو پيو وڃي ته جيئن سنڌ جي ٻنهي مستقل سنڌو اردو آباديءَ جي وچ ۾ سپر لساني فساد ڪرائي هڪ ته سنڌ ڪيس کي عالمي طور تي ڪمزور ڪيو وڃي ۽ قومي ڪيس جي جڳه تي لساني ڪيس پيش ڪري ان کي پاڪستان جو اندروني مسئلو قرار ڏنو وڃي ۽ اهڙيءَ طرح پنجاب سامراج ساحلي بيلٽ تي قبضي ڄمائڻ لاءِ جناح پور نالي نئون پنجاب ٺاهي سگھي جنهنجي نشاندهي سڀ کان پهرين سنڌ جي قومي ڏاهي ۽ اڪابر محترم دلشاد ڀٽي ڪئي هئي ته پنجاب سامراج ساحلي بيلٽ تي نئون پنجاب اڏڻ چاهي ٿو ته جيئن پنجاب جا سامراجي مفاد هميشه لاءِ محفوظ رهن ڇا ڪاڻ ته پنجاب سامراج هتي جمهوري سياست جي محاظ تي 1971ع کان وٺيدستوري هڪ هٽي قائم ڪيون ويٺو آهي ته جيئن انهيءَ دوکي جي دستوري پارليا ماني ڄار جي ذريعي سنڌ بلوچستان سرائڪستان جي مظلوم قومن کي لٽيندو ڦريندو پنهنجي سامراجي حرث ۽ حوث کي پورو ڪندو آيو آهي جيڪڌهن پنجاب جون سيٽون جيڪي ٽنهي صوبن کان تعداد ۾ وڌيڪ آهن ورهائجي وڃن ٿيون ۽ پنجاب جي پارليامينٽ مان سامراجيت ٽٽي ٿي ته پوءَ پنجاب جي قانوني حيثيت ۾ معاشي ڦرلٽ جا دروازا بند ٿي ويندا تهنڪري هر هميشه پنجاب سامراج پنهنجي سياسي ٽوڙ جي خلاف سنڌ ورهائڻ جي خوف کي طاري ڪري سنڌ جي ٻنهي مستقل آبادين کي پاڻ ۾ وڙهائي پنهجي سامراجي پوزيشن مظبوط ڪندو رهي ٿو انهيءَ ڪڌي عمل ۾ جلال شاه اينڊ ڪمپني گمراه ڪن لساني فرقي پرست قوم پرست هڪ اڌ ٽڪي جي سيٽ لاءِ سنڌ دشمن رجعت پسنديءَ جو جھنڊو کنيو بيٺا آهن جيڪي پاڪستاني قومي قيد خاني جي آئيني ظابطي کي قبوليندي پارليا مينٽ مان قومي حق وٺڻ چاهين ٿا اهي قومي حق وٺندا ته ڪهڙيءَ ريت وٺندا پنجاب جي سياسي هڪ هٽي ٽوڙڻ ۽ سرائڪي صوبي جي قيام کانسواءِ پنجاب جي سياسي برتري ختم ڪڙڻ کانسواءِ ۽ ڪيئن ختم ڪندو ؟؟؟؟؟جي پنجابين جي سامراجي هڪ هٽيءِ کي ختم ڪرڻ جو وٽس ڪو فارمولا آهي ته انهيءَ جو برملا اظهار ڪري جي وٽس به ان کان علاوه ٻيو ڪو معقول حل آهي ته سنڌي قوم کي ٻڌائي جي ٻيو ڪو رستو ڪونهي ته پوءِ پنجاب جي دلاليءَ جو گورک ڌنڌي مان جلال شاه اينڊ ڪمپنيءَ جو ٻيو ڪهڙو عظيم قومي مقصد لڪل آهي جيڪو ڌنڌو فرقي پرستيءَ کان شروع ٿي فرقي پرستيءَ تي ختم ٿئي ٿو جي ائين ناهي ته پوءِ جلال شاه سفيع برفت جيان سر سان ڪفن ٻڌي سنڌ جي قومي آزاديءَ جو نعرو به ته نه هڻي رهيو آهي نه ئي پنجاب جي سامراجيت کي ٽوڙڻ جي حق ۾ نه آهي ته پوءِ ڇا سنڌ کي قومي غلاميءَ طرف ڌڪڻ جو ٺيڪو جلال شاه ڪهڙي ڪروڌ ڪري کنيو آهي پنجاب کي ڪمزور ڪرڻ جون کوکليون لفاظين ۽ گدڙ ڀڀڪين کان ڇا مي پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو پنجاب کي ورهائڻ وارو عمل ڪهڙي حساب سان جلال شاه جي مٿي جو قومي سور بڻيل هيو ٿورو سمجھائن ته سهي انکان وڌيڪ پالڪستاني رياست ۾ ڪهڙو ڦاڙهو ماريندو هرو ڀرو جا حوال ٻڌي ٻڌي سنڌ جو ذهن ۽ ضمير توهان فرقي پرستن جي قومي ڇڙواڳين مان تنگ اچي چڪو آهي سنڌ جي اهڙي خدمت کان ڀلو اٿو ته وڃي پنهنجي زمينداري سنڀاليو هرو ڀرو قوم جي تاريخي مقدر سان ڊاتي مفادن جي ڪري غليظ راند کيڏڻ بند ڪريو جهڙيءَ ريت پير صبغت الله جي گادي تي پير پاڳاري جو خاندان رجعت پسند ڪردار ادا ڪري رهيو آهي سڳو ئي ڪردار جلال شاه ادا ڪري رهيو آهي تڏهن ئي ته پير مردان شاه اڳوڻي پير پاڳاري چيو هئو ته مان ته جي ايڇ ڪيو مان سڌي پگھار کڻي ايندو آهيان پر سنڌ جا ڪيترائي ئي نام نهاد قومپرستن جا وڏا وڏا نالي وارا اڳواڻ اڻ سڌي طور پگھار کڻندا آهن سڀئي فرقي پرست قوم پرست ۽ سندن دهلاري دانشورن جا ٽولا سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ سنڌ دشمنيءَ جو ڍانڍورو پٽيندا رهن ٿا اهي پنهجي خصيص انفرادي پيٽي مفادن جي عيوض ڪريل قومي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي رهيا آهن اهڙي فرقي پرست قومپرستن کي سنڌي قوم جو تاريخي شعور شيم شيم شيم ئي چئي سگھي ٿو جيڪڏهن سنڌي قوم پنهنجي صفن ۾ ويٺل اهڙن ڪار ٻو ٿاڙ بگھئيڙن کي سڃاڻڻ ۾ دير ڪندي ته خسارو صدين تائين ڀوڳيندي تنهنڪري سنڌي قوم کي اڄ پنهجي درست قومي نقطئه نظر سمجھڻ جي ضرورت آهي جنهن ڏينهن پنهنجي صحيح نقطئه نظر کي سمجھڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي ته پوءِ اهڙن ڪار بوٿاڙن کي ڪاٿي چهري لڪائڻ جي به جاءِ نه ملندي اهي فرقي پرست پنهجي خصيص مفادن جي ڪري قومي مفادن کي داو تي لڳائي رهيا آهن اهڙي ڪڌي حرڪت تي کين سنڌ جو ذهن ۽ ضمير ڪڏهن به معاف نه ڪندو هنن سڀني فرقي پرستن جي نقطئه نطر ذولفقار مرزا جي نقطئه نظر ساڳئو آهي اهو نقطئه نظر سنڌ جي قومي غلاميءَ جي قبوليت جو نقطئه نظر آهي يعني آءِ ايس آءِ جو نقطئه نظر آهي جيڪو نقطئه نظر سنڌ جي قومي غلاميءَ جي قبوليت جو نقطئه نظر آهي سادڙن ۽ سولن لفظن ۾ گريٽر پنجاب عرف پاڪستان جي پراڻي سامراجيت کي طول ڏيڻ جو نقطئه نظر آهي مظبوط پنجاب مظبوط پاڪستان وارو نقطئه نظر آهي پر ٻئي طرف پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ري شيپ جو منصوبو ڪمزور پنجاپ مزبوط پاڪستان جو آ هي جيڪڏهن آءِ ايس آءِ عالمي طور تي طئه ٿيل جمهوري شيڊيول جي بحليءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي ته پوءِ پاڪستان جي لاءِ آخرين فيصلو ٽٽڻ ڏانهن ويندو يعني غير جمهوري سامراجي ڊڪٽيٽر رياست جو خاتمو تاريخ جي اسٽيج تي اڻٽر حقيقت آهي جنهن کي ڪابه قوت نه بچائي سگھندي اهو تاريخ جو اٽل فيصلو آهي
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment