Hot News
Loading...

Article On Khwaori

کاھوڙي اداريو ـــ)ــڇا پاڪستان جو ريشيپ ـ ٿيڻ ممڪن آھي


 سياست کي رياست جي بيھڪ کانسواءِ سمجھڻ سڀ کان وڏو احمق پڻو ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته سياست يا ته رياست نواز  هوندي آهي يا  رياست مخالف ٿيندي آهي پاڪستان  جيئن ته ھڪ گھڻ قومي جبري الحاق تي ٻڌل رياست آھي ۽ ھر گھڻ قومي رياست پراڻي جاگيردراڻي سلطنت شاھيءَ جي باقيات ھوندي آھي. تنھن ڪري ھڪ قومي رياست جي ابتڙ اتي ھڪ طبقي جي ٻي طبقي جي مٿان حڪومت بجاءِ ھڪ
حاڪم ۽ جابر قوم جي ٻين مظلوم ۽ محڪوم قومن جي مٿان حڪمراني ھوندي آھي. گھڻ قومي رياست تي قابض ظالم قوم محڪوم قومن جي نه صرف اقتصادي ڦرلٽ ڪندي آھي بلڪ انھيءَ کي پنھنجو مستقل غلام رکڻ لاءِ انھن کان تعليم کسي انھن کي ڄٽ ، جاھل ۽ بي صلاحيت ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھي . انھن مظلوم قومن جي فرسوده مردار جاگيردار قبائلي سردار کي پنھنجو ٽائوٽ بڻائي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي قومي ٻڌيءَ ۽ ايڪي ۾ ڏار وجھڻ لاءِ اتي جي مظلوم قومن جي اندر موجوده دلالي طبقي جي ذريعي نه صرف نسل پرست جاگيرداراڻي، فرقي پرست قادر مگسي، رسول بخش پليجي ۽ سنڌ جي جاگيردار طبقي جي بيھوده ثقافتي قومپرستي جي ذريعي حقيقي مظلوم قومن جي قومي ٻڌيءَ کي نقصان پھچائيندي آھي ۽ مظلوم قومن جي فرقي پرستي (Sectarianism)کي زور پڪڙائي مظلوم قومن جي قومي ٻڌيءَ کي پارا پارا بڻائي ڇڏيندي آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو رياستي ايجنسين ۽ انھن جي دلال جاگيردار طبقي جي ملي ڀڳت سان ڪيترن ئي سالن کان پوري سنڌ ۾ قبائلي تڪرارن، لساني فسادن ۽ ذاتي پرستي کي اڀارڻ لاءِ رياست طرفان مختلف سازشي حربن کي استعمال ڪيو پيو وڃيھاڻي رياست جي گماشتگي ۽ دلالي صرف جاگيردار طبقي تائين محدود ناھي، بلڪ سنڌ جو (Prostate)ـــقومپرست به اھڙيءَ دلاليءَ جي ڌنڌي ۾ وڌي چڙھي پيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو نواز شريف جا سنڌ جي دلالي جعلي قومپرستن وٽ ڳجھن وارا لامارا ھاڻي ڪنھن کان به ڳجھا ڪونه رھيا آھن. اھا ڳالھ ھاڻي ڪنھن کان به لڪيل ڪانھي ته قادرمنگسي کان ويندي جلال شاھه تائين نواز ليگ جون ساڄيون ۽ کاٻيون ٻانھون ٿي بيٺا آھن.جيتوڻيڪ پاڪستاني رياست عالمي سفارتي تنھائي جو شڪار ٿي ڏينھون ڏينھن سياسي ۽ اقتصادي ۽ انتظامي بحران جو شڪار ٿي چڪي آھي. پاڪستاني پارليامينٽ ھڪ طرف بيٺي آھي ته ٻي طرف آءِ ايس آءِ ، فوج ۽ عدليه بيٺي آھي. آءِ ايس آءِ ۽ فوج جو پاڪستاني سياست پٺيان لڪل ڪردار وينا ملڪ وانگيان اگھاڙو ٿي دنيا سامھون آيو آھي ايستائين جو آءِ ايس آءِ ۽ فوج کي وينا ملڪ وانگر پنھنجي اوگھڙ ڍڪڻ لاءِ وڌيڪ گنجائشئي ڪونه بچي آھي.پاڪستاني رياست جي مڪروھه عالمي دھشتگرد چھري تان نقاب ھٽي چڪو آھي ، بس پاڪستان کي سقراط جي آخري ھڏڪي ڀرڻ لاءِ ھڪ آخري بحران جي ضرورت آھي . پاڪستاني انڊسٽريون بند ٿيڻ لڳيون آھن. تيل گيس جا اگھه وڌڻ جي ڪري بحران ڏينھون ڏينھن پنھنجي شدت وٺندو پيو وڃي، ماڻھو بيروزگاريءَ ، بک ۽ بدحاليءَ کان تنگ اچي به صرف ڏينھون ڏينھن پاڪستان کان بيزار ٿيندا پيا وڃن، بلڪ خودڪشين جا رڪارڊ ٽٽي ويا آھن. پاڪستان جي نام نھاد ڪٺ پتلي (Puppet)قسم جي جعلي جمھوريت به ھاڻي پنھنجي ماورايت وڃائي ويٺي آھي. عالمي قوتون جن نام نھاد اعتدال پسند قوتن تي ڀروسو ڪيو ويٺيون آھن، اھي خود آءِ ايس آءِ جي ٻه مھين بلا جو ٻيو چھرو آھن. پاڪستان مان جمھوريت جي اميد رکڻ ائين آھي جيئن کدڙي مان اولاد جو آسرو رکڻ جو احمق پڻو دھرائڻ جي حرڪت جو ارتقاب ڪرڻ!ـڇو جو عالمي قوتون به ان ڳالھ کي مڃي چڪيون آھن ته ايندڙ پنجاھه سالن تائين پاڪستاني سياست فوج ۽ آءِ ايس آءِ جي پاڇي ھيٺان مشڪل سان نڪري، ڇو جو اھي ٻئي ادارا پاڪستاني رياست جا سڌي ۽ اڻسڌي طرح والي ۽ وارث آھن، يعني پاڪستان جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ آھن، تنھن ڪري پاڪستان جي اندر واڙيل مظلوم قومون ايندڙ پنجاھه سالن تائين جمھوريت جي نالي ۾ ڦرجي لٽجي برباد ٿي وينديون. ڇو جو پنجاب سامراج جي انھن ٻنھي ادارن وٽ جمھوريت جو مطلب آھي اسيمبلي جي ايوانن مان مظلوم قومن جي قومي وسيلن جي ڦرلٽ جون نين کان نيون سازشي قراردادون پاس ڪرائي مظلوم سنڌي ۽ بلوچ قومن جي وسيلن تي پنجاب سامراج طرفان ھٿ صاف ڪرڻ ان جي ڦرلٽ جي خلاف اٿندڙ آوازن کي دٻڻ ۽ مظلوم قومن جي محب وطن فرزندن جو قتلام ۽ رتو ڇاڻ ڪرڻ ، اھو آھي پاڪستان جمھوريت جو معنيٰ ۽ مفھوم!ـاھو ئي سبب آھي جو پاڪستاني رياست جي جمھوري نمائندن وٽ مظلوم قومن جي حقيقي قومي جمھوري حقن ۽ مطالبن جو تصور به آٰءِ ايس آءِ ۽ فوج جي نقطه نظر کان مختلف ڪونھي. جئين ته انھن جا بنياد ئي غير جمھوري دولاب تي رکيل آھن ، تنھن ڪري پاڪستان ۾ قومي جمھوري حقن کي تسليم ڪرڻ جو مطلب آھي ، پاڪستان جي نالي ۾ مظلوم قومن مٿان حڪمراني ڪندڙ گريٽر پنجاب جي حيثيت کان ھٿ کڻڻ ، جيڪو پنجاب ڪنھن به صورت ۾ کڻڻ پسند نه ڪندو. تنھن ڪري پاڪستاني رياست جي سياسي اڻ نبيري (Dissolution) جو شڪار ٿي ريشم جي ڪيڙي جيان پنھنجي ئي غلطين جي حصار ۾ دم ٽوڙڻ طرف وڌي پئي. جڏھن پاڪستان جي سڌاري جو عالمي قوتن وٽ ڪو علاج ئي ڪونھي ته پوءِ اھڙي لاعلاج رياست کي ٽوڙڻ کانسواءِ ڪو رستو ئي نه ٿو بچي! ڇو جو پاڪستاني رياست جا واڳ ڌڻي نه صرف القاعده جي اڳواڻ اسامه بن لادن کي ڪيترن ئي سالن کان پناھه ڏيون ويٺا ھئا ، بلڪه آءِ ايس آءِ جي نگراني ۾ مختلف مذھبي گروپن جي صورت ۾ تاتيل 27 دھشتگرد تنظيمون به ھاڻي دنيا آڏو اچي چڪيون آھن. پاڪستان جو ايٽمي رازن کي وڪڻڻ وارو عمل به ھاڻي ڪنھن کان ڳجھو ناھي رھيو، بلڪه پاڪستان دنيا جو اھو واحد ملڪ آھي جيڪو سڀ کان گھڻا ائٽمي ھٿيار تيار ڪري رھيو آھي، ڪياني جا چين جا دور ا ۽ شجاع پاشا جو عرب شيخن سان ملڻ به ڪنھن کان ڳجھو ناھي، پاڪستان تي عالمي قوتن وڪي ليڪس جي صورت ۾ چارج شيٽ جاري ڪري چڪيون آھن. جنھن موجب پاڪستان کي نه صرف دھشتگردي جو عالمي سلطان تصور ڪيووڃي ٿو پر پاڪستان کي عالمي امن ۽ انساني ڀائيچاري جي راھه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ تسليم ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي وجود کي نه صرف پاڪستان ۾ واڙيل مظلوم قومن لاءِ بلڪه عالمِ انسانيت لاءِ ھڪ ڀيانڪ خطرو تصور ڪيو وڃي ٿو، تنھن ڪري ھاڻي پاڪستان جي (Reshape) جو آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ طرفان ٺاھيل پلان ھاڻي پاڪستان کي لامحالهٰ طور تي (De-shape) ڪرڻ طرف وٺي وڃي رھيو آھي. اھو ئي سبب ھئو جو سائين جي ايم سيد ھڪ دور انديش سياسي مدبر جي حيثيت ۾ پاڪستاني رياست جي اڻنبيري طرف وڌندڙ امڪانن کي پرجھي چيو ھيو ته:

”پاڻھي ايندم ھوت آئون پڻ اڳ ڀري ٿيان.“

تنھن جي ڪري سنڌي قوم کي پنھنجي قومي آزاديءَ جي حاصلات جو اگر اونو آھي ته سنڌ جي آزاديءَ قومي مزاحمت جي ذريعي حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجون جانيون ڏيڻ لاءِ تيار رھڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته دنيا سان جيڪڏھن گڏ ھلڻو آھي ته اسان کي به پنھنجي ھجڻ جو دنيا کي احساس ڏيارڻو پوندو ڇو جو عالمي طاقتون پنھنجي مفاد لاءِ پاڪستان کي ٽوڙڻ جو ڪم سرانجام ڏينپيون ته جيڪڏهن سنڌي قوم فرقي پرست قومپرستيءَ جي ڌٻڻ مان نه نڪري سگھي ته پوءِ سنڌي قوم جو مستقبل ڪشميرين کان گھڻو مختلف ن هوندو ڇو جو اسانجي نا اهليون سڀاڻي وري اسان کي ڪنھن ٻئي مصيبت ۾ وجھي سگھن ٿيون!ـ


کاھوڙي جيئي سنڌ متحدا محاذ جو ترجمان

Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment