Hot News
Loading...

Article Shaheed Desh Bhaget

شهيد ديش ڀڳت کي سرخ سلام. مظهر جمال


شهيد ”ديش ڀڳت“ کي سرُخ سلام(مظهر جمال)ديش ڀڳت شهيد ذوالفقار ڪولاچيءَ جو واقعو نه صرف سنڌ جي قومي تحريڪ جو بلڪه سنڌي سماج جو به الميو آهي، پر انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌ ڌرتيءَ جي ڏکن جي ڪهاڻي جو هڪ نئون داستان به رقم ٿيو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي اهڙن بهادر بانڪن پُٽن يا ائين چئون ته سنڌ ڌرتي جي اهڙن دنگن ۽ ننگن، لوئن، لڄن جي مُحافظ سپوتن جي شهادت درحقيقت سنڌ جي قوتِ مدافعت جي مزاحمتي ارادي جي نه صرف اعليٰ ص
لاحيت تي حملو آهي، بلڪه سنڌ جي ذهن ۽ ضمير تي حملو آهي. انهيءَ عمل جي جيتري مذمت ڪجي، اها اوتري گهٽ آهي.ذوالفقار ڪولاچي شهيد ديش ڀڳت ڪنهن فرد جو نه بلڪه سنڌ جي آزادي پسند فڪر جي اٽل ارادي جو نالو آهي، جنهن پنهنجي شهادت ذريعي سنڌ جي جاڳندڙروح ۾ اهو ويساهه پيدا ڪيو آهي ته اسان مري به معاشري جي ذهن تي هميشگي واري امرتا ڀري زندگي ماڻي سگهون ٿا. يعني اسان جي آدرشي موت جي سرحد پريان هڪ ٻئي نه کٽندڙ حيات انتظار ۾ بيٺي آهي جيئن صوفي صادق فقير پنهنجي شعر ۾ چيو آهي ته:ڪُهڻي ڪاتي يار جي، ڪُهي ڀِتئون ڀت،سدا آلي رتُ، مور نه سُڪندي ڪڏهن.شهيد ذوالفقار ڪولاچي پنهنجي ڪردار ۽ عمل جي ذريعي اهو ثابت ڪري ويو آهي، ته ذوالفقار ڪولاچي صرف ڪنهن فرد جو نه بلڪه سنڌ جي آزادي جي آدرشي نظريي، فڪر ۽ عمل جو نالو آهي. ديش ڀڳت سنڌ جي تاريخ جي انهيءَ ”پتنگي“ ۽ ”پروان“ ڪردار جو نالو آهي، جيڪو حبُ الوطني جي جذبي هيٺ ڪڏهن مهاراجا ڏاهر جي روپ ۾ وطن جي مٿان گهورجي ويندو آهي ته ڪڏهن دولهه دريا خان جي روپ ۾ وطن جي ويرين سان قومي بقا جي جنگ وڙهندي شهيد ٿي ويندو آهي، ته ڪڏهن شهيد مخدوم بلاول جيان گهاڻي ۾ پيڙهجي قومي ۽ انساني ضمير کي پنهنجي رت جي ريج سان سيراب ڪري ويندو آهي،
جيئن هي شعر آهي ته:ريج ڏئي رتُ جو ڌرتي ڪيم سيراب،
 ٽهڪي کڙيا ٽاڪ جو سهسين سرخ گلاب،
 شل سنگهارن پورا ٿين اکين اٽڪيل خواب،
ايڏو وهايان آب جو ڏکڙا تن ڌوپي وڃن.
ته ڪڏهن ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جيان پنهنجي وطن جي وارثي جي للڪار جي جرم هيٺ ڦاهيءَ جي تخت تي پنهنجي اک ٻوٽي معاشري جي اک کولي ويندو آهي، سنڌ جي آزاديءَ لاءِ زرعي انقلاب جا بنياد وجهي ويندو آهي يا ميانوال تحريڪ جي روح روان ميان شاهل محمد ڪلهوڙو جيان پنهنجي پڙڏاڏي آدم شاهه جيان سنڌ جي آزاديءَ ۽ زرعي انقلاب جي جدوجهد جو جهنڊو بلند ڪرڻ جي جرئت ڪري مغل سامراج جي لشڪر سان پنهنجي عظيم شاهڪار گهاڙ واهه جي ڪنڌيءَ تي محبِ وطن فقيرن سميت رڻ سان لائون لهندو آهي، ته ڪڏهن سنڌ جي بهادر سپوت سالار ميان دين محمد ڪلهوڙي جيان هڪ طرف مغل سامراج جي لشڪر کي نيئن گاج ڪاروڪوٽ نلي وٽ بدترين شڪست ڏيندو آهي. ۽ ٿڪل لشڪر مٿان ٻيو حملو ٿيڻ ڪري ساٿين جي شهادت کانپوءِ ميان دين محمد مغل درٻار ۾ پنهنجي تڙ ڏاڏي آدم شاهه جي ساڳي جرئت کي ورجائيندي مغل درٻار کي کتو جواب ڏئي چوندو آهي ته: ”اسين سنڌي جيڪو کيڙيون ٿا سو کائون ٿا اوهان کي ڏيڻ لاءِ اسان وٽ ڪجهه به ڪين آهي“ ۽ موت جو سزاوار بڻجي شهادت ماڻي تاريخي زندگيءَ جي امرتا ڀريو جام پي وٺندو آهي يا ڪڏهن شهيد هوش محمد شيديءَ جي للڪار جي روپ ۾ سنڌ جو تاريخي ارادو اعلان ڪندو آهي ته: ”مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏي سون.“ ته ڪڏهن شهيد صبغت الله شاهه ثاني سورهيه بادشاهه جيان ڦاهي جي ڦندي تي الله جي صبغت ڇڏي ويندو آهي ۽ پنهنجي پٺيان اهو اعلان ڇڏي ويندو آهي ته ”وطن يا ڪفن آزادي يا موت!“ يا سنڌ جي امر شهيد روپلي ڪولهي جيان انگريز سامراج لاءِ موهن جي ڌڙي جي دراوڙ جي للڪار بڻجي پوندو آهي ۽ پنهنجي مٿي تيٻاريل ڏياٽيءَ ذريعي آدرشن مٿان مري مٽجڻ جو نشان ڇڏي ويندو آهي ته:پتنگن پروڙيو آ جيون ڪارو رڻ،کنوي ٿيا کنوڻ اڌياري آڪاش تي.يا سنڌ ڌرتيءَ جو عظيم پروانو هيمو ڪالاڻي ڦاهيءَ جي ڦندي جو اطمينان سان آڌر ڀاءُ ڪندي مٽيءَ ماءُ کي ٺوٽ چپن سان چمي ويندو آهي، ۽ سنڌ جي ذهن ۽ ضمير ۾ آزاديءَ جا سلا پوکي ويندو آهي يا شهيد سميع لله ڪلهوڙي جا پنجابي فاشزم کي چيل هي لفظ بڻجي پوندو آهي ته: ”توهان مونکي جسماني طور تي ته ڊاهي سگهو ٿا پر سنڌ جي آزاديءَ جي ازلي ارادي کي پنجابي فاشزم جي مقتل گاهن تي جهڪائي نه ٿا سگهو ۽ آخرڪار اذيتناڪ ماحول ۾ مطمئن ضمير جي مسڪراهٽ ڇڏي ويندو آهي. يا رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جا پاڪستاني عدالت کي چيل هي تاريخي جملا ٿي پوندو آهي ته: ”گهڻو وقت ٿي ويو آهي منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي آءٌ ٻيهر دارو رسن کي سينگارڻ چاهيان ٿو.“ديش ڀڳت کي سنڌ جي تاريخي شعور مان اها پروڙ پئي ته تاريخ جي اسٽيج تي جيڪو انسان پنهنجي جيئڻ مرڻ جي ڍنگ کي پنهنجي تاريخي ارادي ۽ اختيار جي تابع بڻائي ٿو ۽ پنهنجي انفرادي وجود کي پنهنجي ڪل قومي معاشرتي وجود لاءِ ارپي ٿو. ڪل انهيءَ قطري کي پنهنجي روحاني يا فڪري تاريخي اسٽيج تي حياتِ جاودان بخشي ٿو. تنهنڪري جيڪو قطرو پنهنجي ڪل سمنڊ ۾ پنهنجي ذات جي انا جو قيد خانو ڊاهي ٿو اهو ڪل سان ملي هڪ ٿي وڃي ٿو. يعني قطرو سمنڊ سان ملي سمنڊ ٿي وڃي ٿو. يعني ڪل معاشرتي ڪردار جي مثالي صورت بڻجي پوي ٿو. اهڙي طرح باقي سدا لاءِ رهندڙ ڪل جي اعليٰ ڪردار جي صورت بڻجي وڃي ٿو. درحقيقت حق ۽ سچ جي آزادي پسند صدا معاشرتي ارتقا جا مرحلا طئي ڪندي ڪل قومي ارادي جي صورت وٺندي آهي. ۽ جڏهن ڪل معاشرو پنهنجي عظيم مثالي ڪردارن کي حقيقي طور سڃاڻي يا دريافت ڪري وٺندو آهي تڏهن انهن مثالي ڪردارن جي نقش قدم تي هلندو آهي آزادي جي اهڙن امر ڪردارن مان سنڌ امڙ جو حلالي پٽ شهيد ذوالفقار ڪولاچي به هڪ بڻجي ويو آهي، جنهن پنهنجو ساهه ڏئي آزاديءَ ۽ انقلاب کي ويساهه ڏنو آهي.ديش ڀڳت شهيد ذوالفقار ڪولاچي کي انهيءَ ڳالهه جي پروڙ هئي ته سنڌي قوم تاريخ جي نازڪ ترين فيصلا ڪن صورتحال مان گذري رهي آهي، جتان هڪڙو رستو عدم مزاحمت، مصلحت پسندي، انسداد پسندي، موقعي پرستيءَ جو رستو اختيار ڪندي، غلاماڻي نفسيات ذريعي غلاماڻي ڪردار طرف وڃي ٿو. ٻيو حق ۽ سچ جو رستو قومي مزاحمت، جرئت اڻکٽ حوصلي، آزادي ۽ انقلاب جو رستو آهي، جيڪو ترقيءَ جي عظيم شاهراهه کان ٿيندو ترقي بني آدم، اتحاد انساني ۽ امن عالم طرف مقصدِ حيات ڏانهن وڃي ٿو. اهو ئي ڪارڻ هو جو ديش ڀڳت خوف ۽ لالچ ۾ ورتل مصلحت پسندن جي سياسي واٽ بجاءِ آزادي ۽ انقلاب جي حق ۽ سچ جي پرخار رستي جو انتخاب ڪيو. جتي وک وک تي مقتل گاهه سجايل آهن، جتان هر صداقت جي ازلي مسافر کي پنهنجي سِر تي يسوع مسيح جيان ڪنڊن جو تاج پهري پير پٿون ڪندڙ ڏونگرن جي ڏاکڙن تان گذري صليب جو سينگار ٿيڻو پوندو آهي. حق ۽ سچ جي اهڙي اڙانگي سفر جي چونڊ ديش ڀڳت کي کاهوڙڪي جماعت جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم) جي پليٽ فارم سان گنڍي ڇڏيو. جيئي سنڌ متحدا محاذ سنڌي قوم کي شهيد صبغت الله شاهه ثاني سورهيه بادشاهه جي سنڌي قوم کي ڏنل انهيءَ عظيم وچن کي ورجائي رهيو آهي، جنهن تي سورهيه بادشاهه عمل ڪري ڏيکاريو، اهو عظيم وچن عظيم پيغام آهي؛ ”وطن يا ڪفن، آزادي يا موت!“ ڇو جو جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم) انهيءَ حقيقت کان بخوبي واقف آهي ته معاشرا جڏهن پنهنجي حريت پسنديءَ سان سرشار جرئت وڃائي ويهندا آهن، تڏهن معاشرا ٻاهرين ڦورو، لٽيرن، رهزنن جي سازشي چالن ذريعي ڀيانڪ حملن جو شڪار ٿي، موت جي منهن طرف ڌڪجي ويندا آهن، اهي پنهنجي قومي سڃاڻپ ۽ تاريخي ڪردار وڃائي ويهندا آهن، جيئن روسو چيو هو ته: ”ڪنهن به معاشري جي انهيءَ کان وڌيڪ ابتڙ صورتحال ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، جتي غلام غلاميءَ جي احساس کان عاري هجي ۽ آزاديءَ جي ثمرات کان بيخبر هجي.“ مطلب ته جڏهن معاشرا پنهنجي خود شناسائيءَ جي شعور کان وانجهجي بيحس، بي همت، بزدل ۽ ڪانئر بڻجي ويندا آهن. تڏهن خود غرضاڻي انفراديت پسنديءَ جي ور چڙهي، وحدتِ فڪر و عمل جي واٽ وڃائي زريون پرزيون ٿي پنهنجي اجتماعي تاريخي جرئت ۽ همت وڃائي ويهندا آهن. ٻين لفظن ۾ اهي پنهنجي مدافعتي قوت (Immunity) وڃائي مختلف سماجي، معاشرتي براين، بيمارين جو شڪار ٿي، تيزيءَ سان آهستي آهستي پنهنجي مدافعتي قوت (Immune Power) وڃائڻ جي نسبت سان تنزل جو شڪار ٿي تاريخ جي صفحي هستيءَ تان ميسارجڻ لڳندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو جسمم مهاجوڳي (Great Teacher) جي روحن کي بيدار ڪندڙ مرلي کڻي سنڌ جي دردِ ازل جي ڪهاڻيءَ کي ازلي آلاپ ذريعي سنڌي قوم جي قومي اونداهين غلاميءَ جي غار ۾ ستل روح کي سڏڻ، اٿارڻ ۽ جاڳائڻ جا جَتنَ ڪري رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته:اُٿو اُٿو مانجهيا ويريءَ کان وٺو وير،ڌَرتي مَاتَا تي ڌريو ٿَوَ رهزن ڦوروءَ پير،اوڀاريو سجُ سوير، متان اونداهيءَ اڙجي پئو.هاڻي پاڻ شهيد ذوالفقار ڪولاچيءَ جي شهادت جي اصل ڪارڻ سنڌ جي قومي غلاميءَ جي ڪيس کي انگن اکرن سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. جنهن غلاميءَ جي ڪاري ڪُنَ اسانجي انقلابي سفر جي سٿ مان اسان کان اسانجا جاني جگر جدا ڪيا آهن.جيتوڻيڪ انگريز سامراج ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي تعاون سان ڏکڻ ايشيا جي اڪثر قومن کي الڳ الڳ آزاد رياستي حيثيت ۾ فتح ڪيو ۽ انهن رياستن کان انهن جي تاريخي حيثيت کسي دهليءَ جي سلطنت جي زيردست ڪري ڇڏيو. اهو ئي ڪارڻ هئو جو 1936ع ڌاران سائين جي ايم سيد سنڌ جي محب وطن سنڌين سان گڏجي سنڌ کي بمبئي کان آزادي ڏياري. ٺيڪ چئن سالن کان پوءِ 1940ع جي قراردادِ پاڪستان پاس ڪرائي وئي، پر انگريز سامراج ڏکڻ ايشيا مان ويندي ويندي پنهنجي نمڪ حلال وفادار پنجابي جنرل سڪندر حيات کي خانه ڪعبي تي 1914ع ۾ گوليون هلائڻ ۽ انگريزن جي صفن ۾ ويهي پين اسلام ازم جي سرڪرده رياست، سلطنتِ عثمانيه سان جنگ وڙهڻ جي وفاداريءَ هيٺ پنجابين کي تحفي طور پاڪستان جو منصوبو ٺاهي ڏنو. اهڙيءَ طرح مذهبي بنياد پرستيءَ کي هوا ڏئي ٻه قومي مذهبي بنياد پرستيءَ جي بنياد تي برِ صغير جي ورهاڱي جو سازشي منصوبو جوڙي ورتو، ڇو جو انهيءَ دوران 1944ع کان ٻي عالمگير جنگ ڇڙي چڪي هئي جنهنڪري برطانوي انگريز سامراج کي ڏکڻ ايشيا مان قومي تحريڪن جي اوڀار جي ڪري پنهنجا پير اکڙندي نظر آيا ۽ دنيا جي عالمي سياست ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي هئي هڪ ڪئمپ جي اڳواڻي سابقه سوويت بلاڪ ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي سرمائيدار ڪئمپ جي اڳواڻي آمريڪا مهاراج ڪري رهيو هو. عالمي سامراجي بلاڪ کي اها پريشاني وڪوڙي وئي هئي ته جيڪڏهن اهو ڏکڻ ايشيا مان نڪتو ته پورو ڏکڻ ايشيا سوويت سوشلسٽ بلاڪ جي زيردست هليو ويندو ڇو جو انهيءَ دور ۾ افغانستان ۾ مير امان الله هو جيڪو سوشلسٽ ڪئمپ ڏانهن جهڪاءُ رکي پيو. هندستان ۾ پربتن جهڙو ڪردار جواهر لعل نهروءَ موجود هو. چين جي جدوجهد مائوزيتنگ جي قيادت ۾ پنهنجي بامع عروج تي پهچي چڪي هئي. ايران ۾ ڪميونسٽ تودا پارٽيءَ جي صورت ۾ ڏينهن به ڏينهن سگهارا ٿي رهيا هئا. روس جيڪو وچ ايشيا جي رياستن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي افعانستان کان ٽپي ايراني نار ۽ عربي سمنڊ جي گذرگاهن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي وچ اوڀر تائين پنهنجو سياسي اثر رسوخ وڌائڻ پيو چاهي انهيءَ سڄي خطري کي نظر ۾ رکندي عالمي سرمائيدار ڪئمپ کي هن خطي ۾ اهڙي مهاڙي واري رياست (Foot Live State) جي ضرورت هئي جيڪا هن خطي ۾ عالمي سامراج لاءِ انتهائي ڀروسي جوڳي رياست هجي جيڪا انهيءَ جي اشارن تي ۽ هن سڄي خطي ۾ هڪ وفادارڪُتي وارو چڙهائي ۽ چوڪيداري وارو ڪردار ادا ڪري اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو ڪردار بعد ۾ هلي عالمي دهشت گرديءَ ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو پاناما، هيٽي، سوماليا، افغانستان کان ويندي دنيا جي 32 بيٺڪن جي مٿان چڙهائي ۽ چوڪيداريءَ وارو بڻجي پيو اهو ته ٿيو پاڪستان جو خارجي ڪردار جيڪو سڄي جو سڄي سرد جنگ ۾ اسلامي بنياد پرستيءَ جي مذهبي پرورش ۽ جهادي تبليغ مبلغ بڻجي فوجي تربيت به ڪندو رهيو. ته عالمي طور تي دهشت گرديءَ جا عالمي منصوبا به ٺاهڻ سکي ويو، جن کي سوويت يونين جي خلاف استعمال ڪندو رهيو، بهرحال اها ته ٿي پاڪستان جي خارجي صورتحال هاڻي پاڻ پاڪستان جي پيدائش جي وجهن کان ٿيندا پاڪستاني آدم خور رياست جي 64 سالا رت پياڪ اوسر کي سمجهنداسون. يعني پاڪستان جي داخلي صورتحال جو تاريخي پسمنظر سمجهڻ جي جسارت ڪنداسين. پاڪستاني رياست 1940ع ۽ 1943ع جي قرادادن جي ابتڙ 1947ع ۾ وجود ۾ آئي. هن رياست پهرين ئي فرست ۾ 1940ع جي قراداد جو انڪار ڪيو، جنهن ۾ هرهڪ قوم هڪ آزادي رياست جي صورت ۾ هڪڙي گڏيل اتحاد طور تي پاڪستاني سڏجن پيون، پنجابين سڀ کان اول انهيءَ قرارداد کي گريٽر پنجاب جو پاڪستان نالي مضبوط وفاقي ڍانچو ٺاهيو جنهن ۾ آزاد وطنن کي گريٽر پنجاب عرف پاڪستان جو نالو ڏئي پنجابين جي سازشي ڄار پاڪستان جون صوبائي ايڪايون ڄاڻايو ويو ته جيئن مظلوم قومن جي وسيلن تي پنجاب پنهنجا خوني چنبا کوڙي سگهي. پنجاب پنهنجي سامراجي تڪميل جي عمل لاءِ سازشي منصوبابندي ٺاهڻ شروع ڪئي، انهيءَ منصوبابندي تي عمل ڪندي، پنجاب سامراج پاڪستان جو پهريون مالياتي ايوارڊ هڪ يهودي نزاد جيرمي ريزمين کان ٺهرايو، جيڪو يهودين جو ننڍي کنڊ اندر سڀ کان وڏو مبلغ هو. هو هڪ انتهاپسند يهودي هو جيڪو پنجاب جو انڪم ٽيڪس ڪمشنر به رهي چڪو هو، جنهن جو ڪم ئي اهو هو ته ڳرا ڳرا محصول هڻي، زبردستي قومن جي وسيلن جي لٽ مار سان انگريزن جون ٽجوڙيون ڀرڻ هو. ريزمين سڀ کان پهريان قومن جي سيلز ٽيڪس تي ڌاڙو هڻايو جيتوڻيڪ سيلز ٽيڪس ۾ انگريزن طرفان ٽيڪس جي آمدنيءَ جو 100 سيڪڙو صوبن جو اختيار تسليم ٿيل هو، ايسيتائين جو ٽيڪس جي اوڳاڙيءَ ۽ ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ رقم خرچ ڪرڻ جو فطري اختيار صوبن وٽ هو. ريزمين سيلز ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ رقم مان صوبن جو 100 سيڪڙو گهٽائي 50 سيڪڙو ڪري ڇڏيو 50 سيڪڙو رقم مرڪز حوالي ڪري ڇڏي جنهن لاءِ پنجابين ڀڃ ڊاهه جي نالي تي 1947ع کان پوءِ مرڪز جي تعميرِ نو ڪرڻ لاءِ ريز مين کان فنڊ جار ي ڪرايا، جيڪي تعميرِ نو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 100 سيڪڙو آمدني صوبن کي واپس ڪرڻي هئي. پر سيلز ٽيڪس ڪڏهن به صوبن کي واپس ٿي اٽلندو مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ جي سمنڊ، درياءَ ۽ آئيني حقن تي پنهنجي اقتدار جي ڪرسيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب کان ڌاڙا هڻائيندي، سيلز ٽيڪس جي 100 سيڪڙو رقم به مرڪز حوالي ڪري ڇڏي انهيءَ سنڌ جي ڀٽي صاحب طرفان ڪرايل ڀيل جا تفصيل اڳي هلي بيان ڪندا سين في الحال پاڪستاني رياست جي جوڙجڪ جي تاريخ تي بحث ڪنداسين. پاڪستاني رياست عجيب و غريب قسم جي توازن جي ٽڪنڊي تي بيٺل هئي، فوج جي اعليٰ عهدن تي اڪثر پنجابي فائز ٿيل هئا يعني فوج تي پنجاب جو ڪنٽرول هو، سياسي توازن بنگال جي ذريعي مظلوم قومن جي حق ۾ هيو ڇو جو بنگال جون سيٽون اولهه پاڪستان جي مڙني صوبن کان وڌيڪ هيون، پر بنگال قومن جي برابر نمائندگي جي حق ۾ هيو، ۽ سرمايو ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ بوهري وٽ هيو، جنهن اچي صدين کانپوءِ تاريخي حادثي طور پنهنجي وطن ڏانهن موٽ کاڌي هئي يعني بينڪن کان ويندي انڊسٽري ميمڻ ۽ ڪاٺيا واڙ جي هٿن ۾ هئي. اهڙيءَ طرح پنجابين مها پنجاب کي تڪميل تي رسائڻ يعني سامراجي تڪميل لاءِ شيطان جي آنڊي جيڏن نه کٽندڙ سازشي منصوبن پويان منصوبا ٺاهڻ شروع ڪيا، اهو ئي سبب هيو جو پنهنجي وجود ۾ اچڻ جي شروعاتي ڏينهن ۾ پاڪستان اندروني طور تي شديد قسم جي سياسي عدم استحڪام جو شڪار رهيو. هن رياست جي خفيه واڳ ڌڻي پنجاب سامراج کي حڪمران تبديل ڪرڻ جا جُلاب ٿي پيا، صرف 1947ع کان 1958ع تائين 11 سالن ۾ پاڪستان جا 9-8 حڪمران تبديل ٿي چڪا هيا، سڀ کان پهريان ته محمد علي جناح کي سلو پوائزن ڏئي آخرڪار کٽارا ايمبولنس ۾ دم ٽوڙايو ويو. پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي راولپنڊيءَ جي ڪمپني باغ ۾ 16 آڪٽوبر 1951ع ۾ گولين جو نشانو بڻايو ويو ڇو جو اهو پنجابين طرفان ٺهرايل ريزمين ايوارڊ جو سڀ کان وڏو مخالف هو، لياقت علي خان 14 آگسٽ 1947ع کان آڪٽوبر 1951ع تائي رهيو انهيءَ کان پوءِ خواجه نطام الدين 17 آڪٽوبر 1951ع کان 17 اپريل 1953ع تائين رهيو، خواجه نظام الدين کان پوءِ محمد علي بوگرا 17 اپريل 1953ع کان سيپٽمبر 1955ع تائين هڪ سال پنج مهينا رهيو تنهن کي هٽائي وري محمد علي چوڌريءَ کي 12 آگسٽ 1955ع کان 12 سيپٽمبر 1956ع تائين ڪرسيءَ تي ويهاري گهر جي ٽڪيٽ پڪڙائي انهيءَ کان پوءِ حسين شهيد سهروردي 12 سيپٽمبر 1956ع کان 17 آڪٽوبر 1957ع تائين ويٺو هي بنگال جي عوامي مسلم ليگ مولانا ڀاشاني جي پارٽيءَ جو ماڻهو هو جيڪو بنگال جي عوامي مسلم ليگ اڳتي هلي مجيب الرحمان جي عوامي ليگ بڻي انهيءَ کي هٽائي 17 آڪٽوبر 1957ع کان 16 ڊسمبر 1957ع تائين ابراهيم اسماعيل چنديگڙهه کي آندو ۽ لاٿو ويو فيئر اليڪشن جي خطري کي محسوس ڪندي، 16 ڊسمبر 1957ع ڌاران سر فيروز خان نون کي آڪٽوبر 1958ع تائين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري مارشل لا جي هيلو ٽيسٽنگ ڪئي وئي، ان کانپوءِ 7 آڪٽوبر 1958ع کان ايوبي آمريت مڙهي وئي پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ جي عالم اڳواڻ پنڊت جواهر لعل نهرو پاڪستاني سياست تي تبصرو ڪندي چيو هو ته مون ايترن سالن ۾ ايتريون ڌوتيون به تبديل نه ڪيون آهن جيترا پاڪستان جا حڪمران تبديل ٿي چڪا آهن.مٿي بيان ڪيل سياسي عدم استحڪام واري صورتحال کي صرف از صرف ان لاءِ پنجاب جي سامراجي ذهنن طرفان تخليق ڪيو ويو هو، جو پنجابي سامراجي سوچ کي انهيءَ ڳالهه جي خبر هئي ته جيڪڏهن صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وئي ته پوءِ بنگال جي کٽجي اچڻ ۽ مظلوم قومن جي بنگال سان گڏ هجڻ جي نتيجي ۾ پنجاب جي سامراجي ”هڪ هٽي“ اسيمبليءَ جو ايوان ۾ دم ٽوڙي ويهندي، تنهنڪري پنجاب سامراج مختلف آنن بهانن سان هڪڙن حڪمرانن کي اقتدار تي عارضي طور تي ويهاري اقتدار ڇڏرايو ته ٻين کي خوار خراب ڪري زهر ڏئي يا گولين سان اڏائي ڇڏيو. آخرڪار مارشل لا جي صورتحال پيدا ڪري ملڪ جي مٿان ايوبي آمريت کي مڙهيو. انهن مذڪوره ايمرجنسين ۽ مارشل لائن لڳائڻ جو سڀ کان اهم مقصد اهو هو ته جيئن پنجاب سامراج مغربي پاڪستان ۾ واڙيل مظلوم قومن جي سياسي توازن کي پنهنجي حق ۾ تبديل ڪري، اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي تصور هيٺ بنگال کي سياسي ميدان ۾ شڪست ڏئي ۽ قومن جي تاريخي حقن تي ڌاڙا هڻڻ جي سرزمين هموار ڪري سگهجي. ٿورو اڃان ماضيءَ جي واقعن ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته سر سڪندر حيات پنجابي جنرل کي پاڪستاني رياست 1914ع ڌاران 14 رپين جي خصيص ڪرائي تي خانه ڪعبي تي گوليون هلائڻ جي وفاداري جي سِلي ۾ سونپي وئي، اڳتي هلي خانه ڪعبي تي گوليون هلائيندڙ پنجابي اسلام جا سڀ کان وڏا دعويدار بڻجي، مذهبي بنياد پرستي ۽ انتهاپسنديءَ جي بنياد تي پاڪستان عرف سازشتان جو منصوبو گهڙي ورتو. پنجابين پنهنجي ڦرلٽ جي آکاڙي ٺهڻ جي شرط ئي 1940ع جي قرارداد پاڪستان جي انحرافي ڪندي (States) جي جمع لفظ کي اڪيلي رياست (State) ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. يعني رياستن بجاءِ رياست جو اصطلاح ڪتب آندو ويو. جيتوڻيڪ 1940ع جي پوري قرارداد جي پنجن ئي پيراگرافن ۾ (Single Muslim State) جو ڪٿي به اصطلاح ڪونه هو، 1940ع جي ٺهراءُ جي پهرين پيراگراف ۾ اهو لکيل آهي ته اسان 1935ع جي ايڪٽ کي مڃون ئي ڪونه ٿا، نه ئي برصغير جي آزاد رياستن کي صوبن جي طور تي تسليم ڪيون ٿا. پر پنجابين پنهنجي روحاني ڏاڏي نٽشي جي حرامي ڦر اقبال جي ڏسيل سازشي واٽ تي هلندي (States) جي اصطلاح کي (Single State) ۾ تبديل ڪري ورتو ۽ 1936ع ڌاران رنجيت سنگهه جي سنڌ تي قبضي جي بيحودي خواهش کي شرمنده تعبير ڪرڻ لاءِ پنجابي فاشزم پاڪستان جي ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي اقبال جي غليظ سازشي ترغيب ذريعي حرڪت ۾ اچي ويو هو. رهي کهي ڪسر اقبال جي فاشزم جي پوکيل روحاني ٻج پوري ڪري ڇڏي. جن انسانيت جي مٿان بنيادپرستي جي ڦٽ کي وڌائي وڌائي وڻ ڪري بنيادپرستيءَ جو پوري سرد جنگ جي دوران مها قلعو بڻائي ڇڏيو. جيڪو اڄ عالمي امن لاءِ سرطان جو ڳڙهه بڻجي پيو آهي.درحقيقت هر گهڻ قومي رياست پنهنجي جوهر ۾ غير قومي رياست هوندي آهي ۽ غير قومي رياست، غير فطري رياست هوندي آهي. پنهنجي حتمي نتيجي ۾ اها مظلوم ۽ محڪوم قومن جو قيد خانو هوندي آهي، ۽ هر قسم جو قومي قيد خانو قومن جو جبري الحاق هوندو آهي. جتي مٿي بيان ڪيل سازشي چالبازين ذريعي قومن کي زبردستي چنگل ۾ ڦاسايو ويندو آهي، ۽ انهن جو ڀرپور استحصال ڪرڻ لاءِ انهن جي تاريخي حيثيت (Status Quo) جو انڪار ڪيو ويندو آهي. جيئن پاڪستان ۾ ٿيندو آيو آهي. 1948ع ۾ بلوچستان تي حملو ڪري انهيءَ کي زوريءَ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ جڏهن مظلوم قومون سامراجي ڦرلٽ جي خلاف آواز اٿارينديون آهن يا رستن تي نڪري اينديون آهن، تڏهن حاڪم قوم فاشزم جي هٿيار کي استعمال ڪندي انهيءَ آواز کي دٻائڻ لاءِ هر بيهودي تشدد ۽ ڏاڍ جو رستو اختيار ڪندي آهي، جيڪو پنجاب مظلوم قومن جي مٿان ڪندو آيو آهي. انهيءَ جو ڀيانڪ ترين عملي مثال 1954ع دوران سامهون آيو، جو پنجابين 1954ع ۾ ون يونٽ جو منصوبو انهيءَ لاءِ ٺاهي ورتو هو ته جيئن انهيءَ جو لاڀ ايندڙ دور ۾ لُڻن. جنهن لاءِ پنجاب سامراج مغربي ۽ مشرقي پاڪستان جي تصور کي اڀاري وطنن جي رهي کهي صوبائي حيثيت ختم ڪري انهيءَ کي مهاپنجاب بنائڻ پئي گهريو.بهرحال پنجاب سامراج کي مظلوم قومن مان اهڙو وطن فروش ماڻهو مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو ملي ويو، جنهن جي ڊرامائي ڪردار ذريعي هنن سنڌي عوام کان ڀٽي کي حمايت وٺرائي انهيءَ کي سنڌ ڪارڊ جو نالو ڏنو، جنهن ڪارڊ کي خود سنڌي قوم جي خلاف استعمال ڪيو ويو، انهيءَ سنڌ ڪارڊ جو مفهوم آهي سنڌ جي يرغماليت جو جاگيردار طبقي کي مليل حمايت جو پتو. جيتوڻيڪ 1971ع جي اليڪشن ۾ شيخ مجيب الرحمان 167 کان 169 سيٽون ڀٽي جي مقابلي ۾ کڻي آيو، ۽ ڀٽي 85 سيٽون کنيون، پر يحيٰ ۽ ڀٽي پنهنجي پنجابي آقائن جي اشارن تي مجيب الرحمان کي اقتدار ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اهڙيءَ طرح پنجابين 30 لک بنگالين جو قتلِ عام ڪيو ۽ 5 لک عورتن جي عصمتن سان کيڏيا، اهڙيءَ طرح بنگال کي زبردستي الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو ته جيئن پنجاب بنگالين مان جان ڇڏائي، پاڪستان ۾ واڙيل سنڌين ۽ بلوچن جي وسيلن تي هٿ صاف ڪري سگهي، تنهنڪري بنگال جي علحدگيءَ کان پوءِ قومي اسيمبلي فطرتن معطل ٿي چڪي هئي، قومن جي وچ ۾ نئون تاريخي معاهدو ٿيڻ کپي هان پر پنجاب سمورا آئيني انساني ۽ قومن جي تاريخي حقن جا ليڪا لتاڙي، پنهنجي شو مين مسٽر ذوالفقار ڀٽي کي اقتدار جي چوسڻي پڪڙائي کائنس پنهنجي غليظ ترين منصوبن جي تڪميل ڪرائي.هڪ ته مسٽر ڀٽو کان 1974ع ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي سوديبازي ڪري پنجاب دنيا جو ڇهون وڏي ۾ وڏو ڊيم تربيلا ڊيم ٺاهيو، جيڪو 50 ڪلوميٽرن جي پکيڙ تي ڦهليل آهي، جنهن جي اونهائي 485 فٽن تائين آهي، انهيءَ سنڌوءَ تي پاڻيءَ جي ڌاڙي جي منصوبي کي اپريل 1976ع ۾ مڪمل ڪيو ويو، جيڪو صوبي سرحد جي هريپور ضلعي ۾ تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 13.69 ڪيوسڪ ميٽر پاڻي سمائڻ جي گنجائش آهي، سنڌوءَ تي ٺهرايل ڊيم جي انهيءَ پاڻيءَ سان هڪ طرف پنجاب جون زمينون آباد ڪيون ويون آهن، ته ٻئي طرف انهيءَ جي بجليءَ جي سموري رائلٽي صوبي سرحد کي دورِ حڪومت ڀٽو ۾ ڏني وئي. صرف ايترو ئي نه بلڪه پنجاب ڀٽي جي ذريعي پنهنجي سنڌوءَ تي اڏيل ٻن بئراجن جي پڻ تڪميل ڪئي، جيڪي تونسا ۽ جهلم لنڪ ڪئنال جي نالي سان مشهور آهن. ٽئين طرف ڀٽي صاحب عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرائيندي پنجابين کي خشڪ گوڌيءَ (Dry Port) جي منصوبي جي منظوري ڏني، جنهن جي ذريعي پنجاب سامراج هٿان سنڌ جي بندرگاهه جي ڪمائيءَ تي ڌاڙو هڻايو ويو. ڀٽي پنجابين کي فرانس سان سفارتي تعلقاتن ذريعي ايٽم بم ٺاهڻ ۾ مدد وٺرائي ڏني. شملا معاهدي جي ذريعي معصوم بنگالي عوام جي قاتل پنجابي 90 هزار کان وڌيڪ ڍول سپاهين کي آزاد ڪرايو، جن مان جنرل ضياءُ به هڪ هئو، جيڪو ڀٽي کي اهڙي بدترين ڍيڍ جي ڪردار ادا ڪرڻ جي سلي ۾ تحفي طور مليو. ايترو ئي نه بلڪه ڀٽي 73ع جو آئين ٺاهي پاڪستاني شيطان رياست کي زندگي ڏئي ويو. جيتوڻيڪ بنگال جي علحدگيءَ سبب آئيني طور تي پاڪستان جي چونڊ قالعدم يا معطل ٿي چڪي هئي. تنهڪري قومن جي وچ ۾ نئون سياسي معاهدو ٿيڻ گھريو هو ۽ نئين سر چونڊون ٿيڻ گھربيون هيون، پر ڀٽي صاحب اقتدار جي حرص ۾ ايتروته انڌو ٿي چڪو هو، جو هن 73ع جي آئين ذريعي مظلوم سنڌي ۽ بلوچ قومن کي چوکنڀو ٻڌي، پنجاب جي فوجي لانگ بوٽن جي نظر ڪري ڇڏيو. انهن فوجي لانگ بوٽن جو آخرڪار کيس به نشانو بڻجڻو پيو.1972ع ۾ دور حڪومت ڀٽي دوران 40 هزار حريت پسند محبِ وطن بلوچ گوريلن جو قتل عام ڪيو ويو. انهيءَ کان اڳ پنجابين بلوچستان جي آزادي پسند اڳواڻ نوروز خان کي قرآن وچ ۾ آڻي جبلن تان لاهي سندس پٽن کي اکين آڏو شهيد ڪري، آخرڪار هن بلوچستان جي بهادر پُٽَ جو به قتل ڪري ڇڏيو۽ ڦاهي ڏئي ڇڏيايم آر ڊي 86-1983ع دوران سنڌي عوام جو قتل عام ڪيو. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن تي فوجي چڙهائي ڪري هزارين ماڻهن جو قتل عام ڪيو ويو. سنڌ جي نياڻين جي بي حرمتي ڪندي، انهن جي سلوارن ۾ ٻليون وڌيون ويون، انهن کي وارن کان پڪڙي ٽرڪن ۾ کڻي ٿاڻن ۾ لاڪ اپ ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح پنجابين ڀٽي جي ذريعي مظلوم قومن کي آئيني طرح غلام بڻائي ڇڏيو ۽ قومن جي حقن تي ڌاڙا هنيا. اهڙيءَ طرح پنجابين نه صرف سياسي اقتدار تي آئيني حيثيت ۾ دائمي قبضو ڄمائي ورتو، پر ڀٽي جي ذريعي ڪوڙي سوشلزم جي نعري هيٺ ميمڻ ۽ ڪڇي سرمائيدارن جي فيڪٽرين نام نهاد قومي تحويل ۾ وٺي چينوٽي سرمائيدار ذريعي قبضو ڄمائي ورتو. اهڙي طرح رياست جي ورهايل توازن جي ٽڪنڊي فوج، سياست ۽ معيشيت تي قبضي ڄمائڻ کانپوءِ پنجاب پنهنجي سامراجي تڪميل ماڻي ورتي ۽ مظلوم قومن جي بي تحاشا ڦرلٽ جا دروازا کولي ڇڏيا. ميمڻ سرمائيدارن 1984ع ڌاران تڏهن اهو محسوس ڪري ورتو ته هاڻي انهن کان مارڪيٽ کسي پئي وڃي، ڇو جو ضياءَ جي دور ۾ جڏهن قانوني طور تي ميمڻ جا اثاثا واپس ڏيڻ جو وقت آيو تڏهن انهن مٿان اهو شرط لاڳو ڪيو ويو ته جيستائين ميمڻ پنهنجون سموريون بقاياجاتون گذريل ڀٽي جي دور کان وٺي نه پياريندا، انهن کي او ڊي يعني (Over Draft) جيڪو دنيا جي هر سرڪار سرمائيدار کي 60 سيڪڙو سرمايو لڳائڻ سان 40 سيڪڙو قرض جي شڪل ۾ ڏيندي آهي، اها نه ڏني ويندي. تنهن ڪري ميمڻن اهڙيءَ مصيبت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ مهاسڀا تنظيم ٺاهي، جنهن تنظيم کي سنڌ جي جاگيردار طبقي ۽ جاگيرداراڻن ٻنڌڻن ۾ گذاريندڙ معاشري کي اهڙي تنظيم نه ملي سگهي، جيڪا شهرن ۾ کين سياسي تحفظ فراهم ڪري سگهي. تنهن ڪري سنڌ جي شهري آبادي ۾ موجود جديد ترقي پسند سوچ رکندڙ سياسي ورڪرن سان لهه وچڙ ۾ اچي رابطو ڪيو.جن ۾ مکيه رهنما علامه علي مختيار رضوي، انتظار حسين زيدي، پروفيسر قرار حسين جهڙن عالمن ذريعي ”اي پي ايم ايس او“ جي مٿان هٿ رکيو، جنهن سان ”اي پي ايم ايس او“ ٿلهي ٿنبري ٿي ”ايم ڪيو ايم“ بڻجي پئي، جنهن ٺهڻ شرط ئي اهو نعرو هنيو ته ”سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي، ڌوتي نسوار کهان سي آئي.“ اهڙيءَ طرح ميمڻ صرف ڪنهن حد تائين شهري مارڪيٽ کي بچائي سگهيا، ڇو جو ٻي سموري مارڪيٽ تي گجرانوالا سيالڪوٽ ۽ لاهور پنهنجو قبضو ڄمائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنجاب سامراج سياسي اقتصادي محاذ تي پنهنجو قبضو مڪمل ڪري ورتو باقي فوج تي ته هونئن به سندس دسترس اڳي ئي موجود هئي. اهڙي ريت پنجاب سامراج گهڻ قومي رياست جي ٽڪنڊي يعني فوج، سياست ۽ معيشيت تي قبضو ڪري پنهنجي سامراجي تڪميل ماڻي ورتي آهي.اچو ته ڦرلٽ جي هن وقت تائين ظاهر ٿيندڙ تناسب کي هيٺين انگن اکرن ذريعي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. ايم ڪيو ايم جي سابقه ناڻي واري وزير سيد سردار احمد شاهه 1998ع کان 2002ع مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ جاري ڪيل ناڻي ايوارڊ چارٽر مان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته پاڪستان جو سڄو خرچ سنڌ جي آمدنيءَ مان پورو ڪيو وڃي ٿو، انهيءَ چارٽر موجب: سنڌ چئن سالن ۾ وفاقي پول ۾ هڪ هزار ارب رپيا يعني هڪ کرب رپيا پياريا، ان کي 139 ارب رپيا واپس ڏنا ويا. پنجاب 362 ارب رپيا پياريا، ان کي 365 ارب رپيا ڏنا ويا. سرحد 100 ارب رپيا پياريا، ان کي 101 رپيا ڏنا ويا. بلوچستان 35 ارب رپيا ڏنا، ان کي 65 ارب رپيا واپس ڪيا ويا. باقي سنڌ پاڻ مرڪز کي اوڳاڙي ڪري ڏئي ٿي، پر مرڪز جي ٻي اوڳاڙي الڳ آهي. پنجاب مرڪز جي آڙ ۾ مختلف آنن بهانن، حرفتن، سازشن ۽ چالبازين ذريعي سنڌ جي قومي وسيلن جي ڦرلٽ ڪندو آيو آهي.حسين هارون جي جنوري 2009ع ڌاران آمريڪي ماهرن سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرس ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ويو ته سنڌ جو تيل سعوديءَ کان وڌيڪ آهي ۽ سنڌ جي گيس جا زخيرا سعودي ۽ ايران جي گڏيل زخيرن کان وڌيڪ آهن.16 مئي 2010ع تي قائم علي شاهه جي ڪيل پريس ڪانفرس ۾ اهو چيو ويو ته ڪوئلي جي اعليٰ معيار جا 175 ٽرلين زخيرا موجود آهن. اڃا ڪوئلي جي صرف 8 بلاڪن جي کوٽائي جاري آهي، جنهن سان 60 هزار ماڻهن کي نه صرف روزگار ملندو پر هڪ بلاڪ مان پاڪستان جي 100 هزار سالن جي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. اهي ڪوئلي جا صرف 8 بلاڪ سنڌ جي 32 سئو سالن جي توانائي جي ضرورت کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. سڀ کان وڌيڪ دنيا کي ڇڙڪائيندڙ انڪشاف اهو آهي ته: پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کي انهن جي تيل ۽ گيس جي رائلٽي ملي ٿي، پر سنڌ کي نه ٿي ملي. انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي تيل ۽ گيس جي فيلڊن ۾ 90 سيڪڙو غير سنڌي ملازم ڪم ڪن ٿا. جڏهن قومي ڦرلٽ ۽ استحصال جي صورتحال مٿين بيان ڪيل انگن اکرن جهڙي هجي ته پوءِ انهيءَ ڦرلٽ جي خلاف هڪ سچي محبِ وطن قومپرست جو حقيقي سچو ردِ عمل جيئي سنڌ متحدا محاذ جي سياسي لائين جهڙو ئي ايندو. ڇو جو جڏهن رياست هر سگهاري آواز کي دٻائي رهي هجي، هر نام نهاد سياسي اڳواڻ جو رويو غير سنجيدگيءَ وارو هجي ته پوءِ سنجيده ماڻهن جو ائين ئي قتلِ عام ڪيو ويندو، جيئن جيئي سنڌ متحدا محاذ جي اڳواڻن ۽ ورڪرن جو ڪيو ويو آهي، پر جيئي سنڌ متحدا محاذ، اياز جي هنن سٽن جيان ائين مضبوط ٿيڻ لڳي آهي، جيئن اياز چئي ٿو ته: هي ماڻهو وِههُ جو ڍُڪ ٿيا،جيئن لُڪَ لڳي تيئن رُڪَ ٿيا.جيئن گهنشام پرڪاش جيل مان موٽڻ کانپوءِ چيو هو ته: رياست جي ٽارچر ڪئمپ مان ٽن قسمن جا ماڻهو نڪري ايندا آهن. هڪڙا مون وانگر سياست تان هٿ کڻي ڪري ايندا آهن، ٻيا منظم غدار ٿي ايندا آهن، ٽيان مري کپي يا رچي ريٽا لعل ٿي ايندا آهن. اهڙي ماحُول ۾ شهيد سميع الله ڪلهوڙو، ذوالفقار ڪولاچيءَ جهڙن نڊر، بهادر قسم جي قومي اڳواڻن کي پنهنجي رستي تان هٽائڻ هن رياست جو نصب العين بڻجي چڪو آهي. هي رياست اهڙن سياسي ورڪرن کي غير سنجيده بنائڻ جو ارادو رکي ٿي. جيڪي هن رياست جي سڄي حرامپاين کي سمجهي پنهنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ سنجيده سياسي جدوجهد ۾ عملي طور تي ڪردار ادا ڪن ٿا. شهيد سميع الله ڪلهوڙو، ذوالفقار ڪولاچي، شهيد ممتاز ڀٽو، ٽارچر ڪئمپ ۾ تشدد جو نشانو بڻجندڙ مظفر ڀٽو ۽ ٻيا سنڌ جي انهيءَ آزادي پسند خمير جي مٽيءَ مان ٺهيل انسان آهن، جن جي نقشِ قدم تي هلي هيءَ قوم دير سوير پنهنجي آزادي ۽ انقلاب جي منزل تي ضرور رسڻي آهي. پنجاب سامراج فردن جي انفرادي زندگي جي چراغ کي ته اجهائي سگهي ٿو پر سنڌ جي آزاديءَ جي ازلي ارادي کي ختم نه ٿو ڪري سگهي، ڇو جو خود پاڪستان جو تاريخ جي صفحي هستيءَ مان ايئن خاتمو ٿيڻو آهي، جيئن ڊائنوسارز کي پنهنجي جسماني طاقت فطرت جي تبديلي آڏو ٽڪائڻ ۾ ناڪام وئي. پاڪستان سرد جنگ جي جنهن عالمي سامراجي مفادن جي تناظر ۾ ٺهيو هو، اڄ اهو تبديل ٿي چڪو آهي، پاڪستان جنهن پين اسلام ازم جي فرسوده ٻه قومي نظريي تحت وجود ۾ آيو هيو. اهو هاڻي اها بنياد پرستي بڻجي پيو آهي جيڪا عالمي سرمائي جي اوسر آڏو سڀ کان وڏي رجعت پسند ديوار ٿي اڀري آهي.تاريخ ڪالهوڪي ڪميونسٽ کان تاريخي ڪردار کسي ڪميونسٽ ۽ ملي کي هڪ ئي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، ڪالهوڪا ڪميونسٽ ته امپورٽيڊ ڪميونسٽ هيا، پر هاڻي ته Made in ISI ڪميونسٽ ميدان ۾ لاٿا ويا آهن. جيڪي رياستي پگهاردار آهن. تاريخي حالتن هر شيءِ کي ڇنڊي ڇاڻي بيهاريو آهي، جنهن تاريخ جي حمام ۾ هر سياسي رستو اگهاڙو بيٺو آهي. پاڪستاني رياست پنهنجي ضد شرطن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻ هن رياست کي ڪوبه نام نهاد ڪميونسٽ ٽيڪو نه ٿو ڏئي سگهي. آءِ ايس آءِ جي چيف پاشا کي آمريڪا ۾ انهيءَ لاءِ ئي گهرايو ويو هو ته هاڻي پاڪستان يعني پنجاب سامراج وڌيڪ ڪِڙڪڙِ نه ڪري نه ته انهيءَ جو حشر افغانستان کان مختلف نه ٿيندو: ”نه ڊرون حملا بند ٿيندا نه ئي پاڪستان عرف پنجاب سامراج کان اجازت ورتي ويندي، بلڪه سي آءِ اي پاڪستان ۾ پنهنجو مضبوط نيٽ ورڪ ٺاهي پنجابي سامراجيت جو قلعو قمع ڪندي.“سائين جي ايم سيد اڪثر طور تي چوندو هو ته: ”پاڻهي ايندم هوت آئون به اڳڀري ٿيان.“ تاريخ جي انهيءَ اڳڀري ٿيڻ جو رستو سنڌ ڌرتيءَ جي بهادرعظيم ثپوتن جي قربانين سان ئي ٽمٽار هوندو، جيڪو آخرڪار هن کاهوڙڪي سفر جي مسافرن کي پنهنجي هوت ”سنڌي قوم“ جي بيداريءَ ۽ عالمي قوتن جي همدردين سان ضرور ملائيندو.ان آواز سنڌوديش جي مٿان شهيدن جا روح معاشري مان ارتقا ڪري يا ياداشت ۾ هڪ نئون جنم وٺي تاريخ جي اسٽيج تي فلڪ جا ستارا ٿي ٽڙندا. انهن ستارن ۾ هڪ مسڪرائيندڙ ستارو امر شهيد ذوالفقار ڪولاچي هن سنڌ ڌرتيءَ جو بهادر پٽُ ديش ڀڳت به نمايان طور ٻهڪندو نظر ايندو.
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment