Hot News
Loading...

Article Take From Khahorri

جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو ــ چاچا حفيظ قريشي



ڀائرو! عجيب اتفاق آهي ته سائين جي ايم سيد جي گذريل سالگراهه تي آئون تمام گھڻو بيمار هيس! هن سالگرهه تي پڻ سخت بيمار آهيان. مون سوچيو هو متان آئون مري وڃان، ان ڪري ڪم از ڪم سائين جي سالگرهه تي شرڪت جي سعادت حاصل ڪري ڇڏيان. منتظمين کي گھربو هو ته مونکي تقرير کان معاف فرمائين ها. انهن جڏهن حڪم ڪيو ته مناسب ٿو سمجهان ته آئون ڪجهه ڳالهايان.

ڀائرو! فلسطيني تمام مظلوم آهن، مگر ست عرب ملڪ هنن جي حمايت ۾ آهن. لينين تمام عظيم ماڻهو هو، مگر لينين جو ملڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان شروع کان ئي دنيا جي نقشي تي موجود هو. مائوزي تنگ تمام عظيم ماڻهو هو پر چين اڳي ئي آزاد ۽ قومي الحبشه ملڪ موجود هو. مجيب الرحمان جا ماڻهو هتان کان ٻه هزار ميل کن پري هئا. ياسر عرفات کي جنهن قوت سان وڙهڻو پوي ٿو، ان جي مذهب ۽ سندس ۾ فرق آهي. دنيا ۾ جهڙو سنڌ جي ماڻهوءَ سان انڌير ٿيل آهي ته:

صد شڪر خدا ڪا، ڪوئي غير نه ٿا

جلاد مسلمان، مسلمان ڪافر.

اهڙو انڌير جو سنڌ جي ماڻهن تي جيڪو قبضو آهي يا جن جو قبضو آهي، اهي مسلمان آهن. انهي ڪري هتي جيڪا جدوجهد جي صورت ٿئي ٿي، اها منفرد ۽ نرالي قسم جي آهي. سنڌ جي آزادي، خودمختياري ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي جي تحريڪ جو سيمبل ۽ علمبردار، ان کي جنهن مشڪل ۾ بيهڻو آهي اهو صرف جي ايم سيد ئي ڪري سگھي ٿو.

ڀائرو! قرآن حڪيم ۾ جن پيغمبرن جي ضمي سندن قومن جي آزادي جي جنگ هئي انهن جي ڪم ۾ نماز ۽ روزي جو ذڪر ئي ڪونهي! حضرت موسي جي ذمي بني اسرائيل کي آزاد ڪرائڻ جو ڪم هو ان جو مشن اهو ئي هو. جن به پيغمبرن جون قومون غلام ٿين ٿيون انهن جو مين فنڪشن انهن قومن جي آزادي آهي. اهڙي نموني سان هن دور ۾ به توهين ڏسو جتي به انقلاب اچي ٿو ڪنهن ڌرتي کي ڇڏائڻ يا آزاد ڪرائڻ لاءِ اتي انقلابي ۽ تحريري پسند قوتون ڪم ڪن ٿيون. مثال طور تازو انگولا جي آزادي جون خبرون اخبارن ۾ اچن پيو، ڪڏهن ائين ڪونه ٿيو آهي ڪٿي به ائين ڪو نه ٿيو آهي ته ڪا ڌرتي غيرن جي قبضي ۾ هجي ۽ ان ڌرتي جا ماڻهو چون ته غيرن جي قبضي ڇڏائڻ کان اڳي اقتصادي مسئلو طئي ڪريو. جڏهن به ڪا ڌرتي ٻن مسئلن سان دوچار ٿئي ٿي، هڪڙو ان جو داخلي، اقتصادي مسئلو ۽ ٻيو ان ڌرتي تي غيرن جو قبضو ته پهرين ان ڌرتي کي غيرن کان آزاد ڪرائڻ جي جيڪا جنگ آهي ان جي جدوجهد مقدم ڪئي وڃي ٿي. مائوزي تُنگ جي جدوجهد کي 1935ع ۾ پڙهو توهان ڏسندا ته چين جي صورتحال ايتري ضعيف ڪانه هئي جيتري سنڌ جي صورتحال آهي. سنڌ جي جيڪا صورتحال هن وقت آهي اها تمام پست ۽ تمام ڪمزور آهي. اسان آزاد ملڪ تي ناهيون پر غلام ملڪ به نه آهيون. اسان غلام صوبو آهيون، اسان غلام صوبو به نه آهيون. پر پنهنجي صوبي جي اندر آهسته آهسته ڌڪبا اقليت ٿيندا پيا وڃون. چين جي صورتحال اها ڪانه هئي. چين بنيادي طرح دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ قائم هو. ٻي جنگ اعظم هلي رهي هئي البته جاپان، چين تي قابض ٿي ويو هو. پر دنيا ۾ هي ڳالهه طئي شده هئي ته چين هڪ آزاد ملڪ آهي مگر سنڌ جي حالت اها ڪانهي. هتي جڏهن به سنڌ جي آزادي جي جنگ ۽ جدوجهد ڪنهن به صورت ۾ شروع ڪئي وڃي ٿي تڏهن ساڄي کان حملو ٿئي ٿو ته اسلام خطري ۾ آهي ۽ کاٻي کان حملو ٿئي ٿو ته هاري خطري ۾ آهي. فلسطين واري همراه مون کان اڳ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اوهين هاري لاءِ ڪجهه به ڪو نه ٿا ڪريو اوهان مزدورن لاءِ ڪجهه به ڪو نه ٿا ڪريو توهان خود فلسطين ۾ چئو ٿا ته پهرين فلسطين جو سياسي مسئلو طئي ڪيو وڃي. توهان ائين ڇو نٿا چئو ته اسين فلسطين جو معاملو بعد ۾ طئي ڪنداسين پهرين اسان شاهه حسين ۽ شاهه فيصل جو معاملو طئي ڪنداسين. اوهين ڇو ٿا شاهه حسين ۽ شاهه فيصل جهڙن رجيت پسند بادشاهن کان مدد وٺو؟ اوهين ڇو نٿا پهرين اتي هاري، مزدور جو معاملو طئي ڪريو؟ اوهين ڇو پهرين فلسطين جو سياسي معاملو طئي ڪرڻ گھرو ٿا؟ مگر هتي ائين ٿئي ٿو ته جڏهن به اسان سنڌي ۽ غير سنڌي جو معاملو کڙو ڪيون ٿا ته ساڄي کان حملو ٿئي ٿو ته اسلام خطري ۾ پئجي ويو ۽ کاٻي کان حملو ٿئي ٿو ته هاري خطري ۾ پئجي ويو. آئون پڇان ٿو ته جيڪڏهن سنڌ تان غير سنڌي جو پريشر ۽ تسلط ڪمزور ٿيو ته ڇا هاري مزدور کي ان جو فائدو ڪونه پوندو؟ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ هلائجي، غير سنڌي تي حملو ڪجي ۽ ان کي ٽارگيٽ بنائجي ته چيو وڃي ٿو ته توهين وڏيرا آهيو. انگولا ۾ آزادي جي جنگ تيز آهي اتي جا ليڊر ڇو نٿا پهرين هارين ۽ مزدورن جو معاملو طئي ڪن؟ ڇو ٿا پهرين پورچوگال سان وڙهن؟ ڇو فلسطين وارا پهرين يهودين سان وڙهن؟ ۽ ڇو نٿا پهرين شاهه حسين ۽ شاهه فيصل سان وڙهن؟ اهي به وڏيرن جا وڏيرا ۽ رجيت پسند بادشاهه آهن. نه بلڪل نه جڏهن به اهڙو معاملو پيدا ٿئي ٿو جڏهن به ڪا ڌرتي ٻي جي قبضي ۾ اچي ٿي تڏهن پهرين قبضو ڇڏائبو آهي. ٻيا سڀ انتظام بعد ۾ ڪبا آهن مگر اسان وٽ هي چيو وڃي ٿو ته غير سنڌين جي قبضي ڇڏائڻ کان اڳئي سڀ ٽپڙ رسول بخش پليجي کي ڏئي ڇڏيو. چڱو ڏيو سڀ ٽپڙ رسول بخش پليجي کي، پر پڇوس ته توکي انهن ٽپڙن جي ورهائڻ حق آهي؟ ڌرتي ٻي جي قبضي ۾، ورهائڻ ٻئي جي قبضي ۾، ڌرتي تي ٽيڪس وجھڻ جي طاقت ٻي جي هٿ ۾، فوجي قوت ٻي وٽ، گورمنٽ جي قوت ٻي جي هٿ ۾، اها ڳالهه سمجهايوس ته چي ته اوهين سڀ وڏيرا آهيو. جي ايم سيد وڏيرو آهي. پهرين لکيائين ته جي ايم سيد بنگلي ۾ رهي ٿو. پوءِ ياد آيس ته آئون به بنگلي ۾ رهان ٿو. وري لکيائين ته جي ايم سيد شاندار بنگلي ۾ رهي ٿو. هي چاهين ٿا ته سنڌ ۾ ماڻهن کي ماڻهو سان وڙهايو وڃي جيڪو ماڻهو ڏهه رپيا ڪمائي ٿو سو ويهن رپين ڪمائيندڙ ماڻهو سان وڙهي، مزدو رازي سان وڙهي، رازو ٺيڪيدار سان وڙهي، ٺيڪيدار انجيئر سان وڙهي، سنڌي پاڻ ۾ وڙهن ته جيئن غير سنڌي ٽارگيٽ کان بچي وڃي. واه واه عجيب استدلال آهي. اصل ڳالهه هي آهي ته سنڌ جي ماڻهو کان زمين ڦري گورمنٽ جي حوالي ڪئي وڃي ۽ گورمنٽ غيرن جي هجي! اها گورمنٽ آبادي جي بهتري جو بهانو بڻائي پاڪستان جي ڪهڙي به صوبي جي ماڻهن کي اها زمين ورهائي ڏئي ڇڏيندي ۽ چوندي ته “آبادي ڪي بهتري ڪي ليئي هم ڪو اسا ڪرنا پڙا” صرف انهي مقصد ڪارڻ سنڌ جي ماڻهن کان زمين ڦرڻ خاطر هي صاحبان نظريه جن کي آئون نظريه جو نوڪر چوندو آهيان. نظريه جا نوڪر جيڪي اسلام جو نالو وٺن ٿا ۽ نظريه جا اهڙا ئي نوڪر جيڪي ڪميونزم جو بهانو بڻائين ٿا اهي ساڄي ۽ کاڄي کان سنڌ جي جنگ آزادي تي حملو ڪن ٿا. ۽ هر اهو ماڻهو جيڪو انهن جي نظرين جي نوڪرن جي بعيت نٿو ڪري سو ساڄي وارن لاءِ ڪافر ۽ کاٻي وارن لاءِ وڏيرو آهي. مون چيو ته آئون برابر وڏيرو آهيان سنڌ ۾ هزارن ۽ لکين ماڻهو وڏيرا آهن. اسان جي ڪمدار غلام محمد کي به ماڻهو وڏيرو چوندا آهن سنڌ ۾ هر چڱي ڀلي ماڻهوکي وڏيرو چوندا آهن. انهي صلاح موجب (پيلجا) توکي وڏيرو چئي سگھجي ٿو. تنهنجي دوست فاضل راهو کي وڏيرو چئي سگھجي ٿو. پڻهين علي محمد کي وڏيرو چئي سگھجي ٿو. ڀاڻين کي وڏيرو چئي سگھجي ٿو. ڏاڏاهين کي وڏيرو چئي سگھجي ٿو. قوم طبقن جي هڪ ڪاڪ ٽيل آهي. قوم طبقن جو هڪ گلدستو آهي، قوم شين جو هڪ مجموعو آهي. قوم ۾ هاري ناري، قوم ۾ عالم فاضل، واپاري ۽ پورهيت سڀ اچي وڃن ٿا، بابا اوهين غيرن کان جان ڇڏايو پوءِ به سڀ ٽپڙ ڪامريڊ پليجي جي حوالي ڪري ڇڏيو پيو بهاريون ڪري. الله اڪبر ڪهڙي عجيب ڳالهه آهي اسان جي قوم تي حيرت آهي مخالفت لاءِ چونڊي چونڊي صرف جي ايم سيد کي لڌو اٿن. ٻيا هڙئي وڏيرا وسري ويا. صرف جي ايم سيد وڏيرو بچيو آهي؟ مير علي بخش خان جنهن جي تقرير ٿي ۾ ڇپجي، اهو وڏيرو ڪونهي. سردار بهادر نواب مير الهداد خان ٽالپر جو پٽ اهو وڏيرو ڪونهي؟ اهو هاري آهي؟ آئون جيڪو تحريڪ جو پنج سال ڪنوينر هيس سو آئون به هاري آهيان؟ مسٽر رسول بخش پليجو پاڻ به هاري آهي؟ روزانو ٻه ڍڳا وٺيو سرڙيون هاري ٿيو پيو ڪمائي؟ مسٽر فاضل راهو به هاري آهي، حصرت ڄام ساقي جيڪو لکي ٿو ته جي ايم سيد آمريڪا جو ايجنٽ آهي. هاءِ هاءِ سنڌي قوم! آفرين آهي توهان کي اهو ماڻهو جيڪو ڏاڙهي رکيو تسبيع کنيو گمنامي ۾ چندڙا وٺيو گذر سفر پيو ڪري اهو به چئي پيو ته جي ايم سيد رجيت پسند ۽ آمريڪا جو ايجنٽ آهي. مساوات اخبار جڏهن هفتيوار ڇپجي هئي ته ابوبڪر مگسي لکيو هو ته جي ايم سيد اسرائيل جو ايجنٽ آهي.

جڏهن جي ايم سيد لسٽن واري معاملي ۾ اچي چيو ته ٻيلي ون يونٽ اڃان ڪو نه ٽٽو آهي، ٿوري دانائي ۽ خبرداري سان سنڀالي قدم کڻو. ڏسو متان ساري طاقت لسٽن واري معاملي تي ضايع ٿي وڃي. پاڻ کي اڃان ٻيا ڪم به ڪرڻا آهن. سرڪاري ماڻهن کي چئو ٿا ته ٻيلي ڏاها ٿيو سنڌ ۾ لسٽون ٺاهيو، انهي خيال کان سائين جي ايم سيد ويچارو پنهنجا ڪانا وڪڻي هتان وفد وٺي راولپنڊي ويو ته هڪڙي ڪامريڊ اخبار ۾ لکيو ته “سنڌ جو چنيسر پنڊي جو پانڌيئڙو” اڙي هي هڙي پيا روالپنڊي وڃن هي هڙي ئي پيا يحيي سان ملن. هي غريب پنهنجو هڪڙو وفد ٺاهي هڪڙي قوم جي ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ ويو آهي ته سنڌ جو چنيسر پنڊي جو پانڌيئڙو!!!!

يقتلون البيين بغير الحق

جي ايم سيد ويچاري به سمجهيو هو ته اسلام جي نالي ۾ ماري کاڌي اٿئون! هاڻي وٺون ٿا سوشلزم جو پاسو. سوشلزم به اسان جا پاسا سڪائي ڇڏيا! اسان سمجهيو هو ته هي مولوي ٻولوي وڏا تريناڪ آهن تنهن ڪري هاڻي انهن جي اسلام کي پاسائتو ڪري وٺون ٿا. سوشلزم جو پاسو، ادا هي ته اهي قهري نقطا جو توبهه زاري! انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو قهر آهي؟ ته ڄام ساقي لکي ٿو ته جي ايم سيد آمريڪن ايجنٽ آهي. ڪو حيا ڪو شرم، ڪو ڪارل مارڪس جو واسطو، ڪو لينين جو واسطو وجھي چويس ته  ٻيلي ڪا ته ديانت ڪريو. هن خدا جي ٻانهي پير مرد جنهن سڄي حياتي سنڌ لاءِ بنواس ڪاٽي آهي ڀلا ڪجهه نه ڪجهه سنڌي جي خدمت ڪئي اٿس. آئون ٿوري وقت لاءِ چوان ٿو ته چلو جي ايم سيد عظيم ناهي پر هڪ انسان آهي. سنڌي ماڻهو آهي. توهان کي لينين ۽ ڪارل مارڪس جو واسطو ٻيلي ڪوڙ نه هڻو.

سائين جي ايم سيد به سمجهيو هو ته مولوي ٻولوي پراڻن خيالن جا آهن، هي ڪامريڊ ٽائيپ لڏو تازن خيالن وارو آهي. من اهي ڪو حق ڪن. اهي ڪو انصاف ڪن. پر يار هي ته مرڳو مظلوم قومن جي حقن ۾ اهڙا نقطا جهڙو مائوزي تنگ!!!!

مائو 100 سالن جو، اهڙو ٿلهو جهڙو ايٽم بم!! وڏو ملڪ، ملڪتيون، سو ڪروڙ ماڻهو، هي ساڍا ست ڪروڙ ويچارا ڪارڙا ڪارڙا بنگالي مارجن پيا!! اڙي ٻيلي خدا جا بندا تون جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نٿو ڪري سگھين ته کين ٻه اکر حق جا ته ڳالهائي!!! پر مجال جو ڪڇي! جهڙو گونگو!!!!!

ڀائرو! قرآن ۾ لکيل آهي ته چئن قسمن جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گھرجي (و آت ذي القربي واليتمي و السماڪين و ابن السبيل) چار ڪيٽيگريز آهن. ذي القربي جيڪي اوهان کي ويجهو هجن. پوءِ ويجهو خيالن ۾ هجن، ويجهو پاڙي ۾ هجن، ويجھو دل تي هجن انهن جي مدد ڪريو. آئون ڀانيان ٿو ته روس کان چين کي ايسٽ بنگال وارا ويجھا آهن. مائوزي تنگ لاءِ بنگالي ذي القربي آهن. ٻيا ڪير جن جي مدد ڪريو. والتيمي جن جا وسيلا ڪٽجي ويا هجن،  و السماڪين جيڪي مسڪين هجن، و اب السبيل جيڪي رستي ۾ ڏتڙجي ويا هجن، يعني راهه ڀليل رهبر جي رهزني سبب منجهيل ويساهه وسوڙيل واهرو، مائوزي تنگ لاءِ بنگالي ذوالقربي به هئا ته واليمتي به هئا، والسماڪين به هئا ته و ابن السبيل به هئا. مگر سندس مفاد کيس انهن مظلومن جي مدد ڪرڻ کان منح ڪري ڇڏي.

هڪڙي ڪامريڊ مون کي چيو ته آئون سنڌ جي خدمت ان ڪري ٿو ڪريان جو آئون ڪميونسٽ آهيان. مون هن کي چيو ته آئون ڪميونسٽ ان ڪري آهيان جو آئون سنڌي آهيان. تون سنڌ جي خدمت انهي ڪري ٿو ڪرين جو توکي ڪميونزم ائين ٿو چوي. جيڪڏهن ڪميونزم توکي ائين نه چوي يا لينين جي ڪتاب ۾ اهو لکيل نه هجي ته جيڪر تو سنڌ جي خدمت ڪو نه ڪرين ها. پر مون کي جيڪڏهن حديٽ ڏيکاري وڃي ته محمد رسول الله چيو آهي ته سنڌ جي آزادي جي تحريڪ نه هلائي وڃي ته به آئون تحريڪ هلائيندس! ۽ حديث کي رد ڪري ڇڏيندس. آئون نظريه جو نوڪر ناهيان. مون هميشه چيو آهي ته جواب آئون خدا ڪارڻ ڏيندس پر لٺ ڀاءُ ڪارڻ کڻندس.

ڳالهه پي هلي ته سنڌ جي آزادي جي اسين چون ٿا ته سنڌ تان غير سنڌي جو قبضو لهڻ کپي، چي اوهين وڏيرا آهيو. پر وڏيرو يا هاري ڌرتي پنهنجي آهي. پاڻ ليکو ڪرائي کائينداسين. اسان کي ڪو به اعتراض ڪونهي. ڀلي هنيئر ئي سڀ ٽپڙ پليجي جي چوڻ موجب پاڪستان گورمنٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو پر ورهائڻ جي قوت پاڻ وٽ رکو. اسان سنڌ تي ڪهڙي به قسم جي حڪومت مڃڻ لاءِ تيار آهيون پر اها سنڌ جي ماڻهن جي مرضي سان اچي. سوشلسٽ حڪومت هجي، اسلامي حڪومت هجي يا کڻي ڪهڙي به حڪومت آڻيو مگر هر قسم جي حڪومت سنڌ جو ماڻهو آڻيندو. ايندي سنڌ جي ماڻهو جي مرضي سان. مون اڳي توهان کي عرض ڪيو هو ته 1935ع ۾ جڏهن جاپان چين تي غلبو ڪري رهيو هو ته چين جي ڌرتي جاپان جي تسلط هيٺ هئي! تڏهن مائوتنگ جو هي پروگرام هو ته جنگ ۽ تحريڪ جو پهريون ۽ بنيادي نقطو اينٽي چيئنيز يعني پهرين ٽارگيٽ آهي جاپان. مگر هتي جيڪڏهن جي ايم سيد ساڳي خيال ۽ ساڳي ڳالهه کي ورجائي چوي ته پهرين نقطا آغاز اهي اينٽي سنڌ يعني پنجابي آهن ته جي ايم سيد وڏيرو آهي. اهو پليجو هجي يا ڪشمريڊ ملو، ساقي جيڪو به ڪامريڊ اٿي ٿو تنهن کي ڄڻ ته استادن ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ميان! فرسٽ آف آل، يو مسٽ اٽيڪ مسٽر جي ايم سيد. ڄڻ ته ڪميونزم جي پڌرنامي ۾ پهريون پهريون ايٽم ئي هي آهي ته جي ايم سيد کي خوار ڪيو. جي ايم سيد جنهن جاءِ ۾ رهي ٿو تنهن کي بنگلو چئي کيس بدنام ڪريو. جي ايم سيد کي ٻه پٽ آهن ان جو به کيس طعنو ڏنو ويو آهي ته جي ايم سيد کي ٻه پٽ آهن! جي ايم سيد ماني ٽڪر پنهنجو ٿو کائي، چندڙو ڄام ساقي وانگر ڪو نه ٿو وٺي. ڀائرو سمجهو انهن مقصدن جي تلاش ڪريو ته اهي ڪهڙا مقصد آهن؟ جنهن جي ڪري سنڌ جي آزادي جي علمبردار ۽ سميبل جي خلاف هي تحريڪون ۽ تحريون ته جي ايم سيد وڏيرو آهي، آمريڪن ايجنٽ آهي. هي وڏيرن سان ساز باز آهي. وڏيرا هن سان شامل آهن. ڪهڙا وڏيرا هن سان شامل آهن؟ پر جي آهن ته ڀلي اچن هي سنڌ جي درٻار آهي جيڪو پنهنجو سر سنڌ جي آزادي لاءِ کڻي اچي سو ڀلي اچي. هتي وڏيري جو سر هوندو، هاري جو سر هوندو، مزدور جو سر هوندو، شاگرد جو سر هوندو، عالم جو سر هوندو. مبارڪ آهن اهي سر جيڪي هن درٻار ۾ اچن. جيڪو توهان جي بعيت قبول نه ڪري تنهن تي طعني زني ته وڏيرو آهي!

 اسان ٻڌائي ٿا ڇڏيون ته اسان جي ايم سيد جي مقابلي ۾ ٻي ڪنهن جي به بعيت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. استدلال ٿو ڏجي ته هڪ شريف ڊاڪٽر پر اهو ڄاڻو ڪونهي ان جي مقابلي ۾ هڪ غريب شريف ۽ بداخلاق ڊاڪٽر آهي سو ڄاڻو آهي ته ڇا مريض ان کان غلاج ڪو نه ڪرائيندو؟ آريسر سچ چيو آهي ته اهڙو ڊاڪٽر جيڪو مريض سان علاج بهاني دمام دم مست قلندر ڪري اهو ڊاڪٽر ڀلي ڪهڙو به…… هجي اسان ان کان علاج ڪو نه ڪرائينداسين؟

(سيد جو ساٿي، حفيظ قريشي ڪتاب تان کنيل)
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment