Hot News
Loading...

Article On Freedom

Fight For Freedom


قو مي انقلاب نه ئي ڪنهن جذباتي چرب زبانيءَ جو نالو آهي نه ئي انڌي عقيدي پرستيءَ سان ان جو پري جو به ڪو واسطو هوندو آهي پر قومي انقلاب سر مائيداراڻي سماج جي نشو نما جي جدليات ۽ قومي تشڪيل جي تاريخي عمل جي آلجبرا کي سمجھڻ ۽ سائنسي بنيادن تي حل ڪرڻ جو نالو آهي سماجي انقلاب جي جد و لن کي سمجھڻ ۽ لاڳو ڪرڻ ۽ تاريخي گھرجن کي پورو ڪندڙ نتيجن حاصل ڪرڻ جو نالو آهي تنهنڪري قومي انقلابي پارٽيون پنهنجي انقلابي پرو گرام ۽ پاليسين جي ذريعي انقلابي صورتحال کي پيدا ڪرڻ ۽ گھربل انقلابي نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدو جهد ۾ سرگرم هونديون آهن ۽ پنهنجي جدو جهد تي مسلسل تنقيدي نظر رکنديون آهن ته جيئن پنهنجي ڪا ميابين ۽ نا ڪامين جي وجهن کان خبردار رهن ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن انقلابي جدو جهد دوران معمو لي کان معمو لي غلطي به تر جي گٿي سئو چوٽون کائڻ جي برابر هوندي آهي تنهنڪري اها انقلاب لاءَ انقلابي پارٽيءَ جي مسلسل تقاضا هوندي آهي ته هڪ طرف پنهنجي لاءِ گھربل صحت مند مواد ۽ لاڙن کي لڳا تار هڪ زنده جسم جيان قبوليندي آهي ته مدي خارج مواد ۽ لاڙن کي پاڻ مان خارج ڪندي آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو هڪ انقلابي پارٽي انقلابي نظرئي ، انقلابي پاليسين انقلابي تربيت يافته ڪيڊر اعليٰ اداري سازي سياسي جدو جهد جي خارجي ۽ داخلي صورتحال جي گھري ادراڪ ، سماجي چر پر تي مسلسل سائنسي تنقيدي نگاه ،وقتائتا فيصلا ، ترجيحاتن جو مسلسل بدلجندڙ حالتن موجب تعين ، وسيع عوامي رابطن، تنظيم جي فو لادي ظابطن ، راز دارين، انقلابي جانبداري، دشمن جي ۽ پنهنجي ڪمزورين جي ادراڪ حالتن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڀر پور صلاحيت ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي اعليٰ صلاحيت جي مالڪ هئڻ دوست ۽ دشمن قوتن جي صفبنديءَ جي تميز يعني سماجي اختيار جي مالڪ هجڻ ڪري ئي ڪابه پارٽي انقلابي چورائڻ جي اهل هوندي آهي
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment