Hot News
Loading...

Article on Shafi Burfat

شخصيت پرستي ۽ انقلاب شفيع محمد برفت


جيتوڻيڪ تاريخ پنهنجي بيچين فطرت منجهان پنهنجي گهرجن جيپورائي لاءِ عظيم شخصيتن کي جنم ڏيندي آهي. جيڪي شخصيتون تاريخي گهرجن کي، پوروڪرڻ سان ئي تاريخي عظمت جي مقام کي ڇهي وٺنديون آهن. پر انهيءَ جو قطعي اهو مطلبنه ٿو نڪري ته معاشري جي اجتماعي ضرورتن کي فردِ واحد انفرادي طور تي بنا ڪنهنتنظيم ۽ تحريڪ جي پورو ڪرڻ جي اهليت به رکندو هجي. بقول پليخانوف جي ته ”مجموعيتاريخي حالتون، مضبوط ترين فردن کان وڌيڪ طاقتور هونديون آهن. تنهنڪري هڪ عظيمانسان جي لاءِ اُن جي دور جو مجموعي ڪردار هڪ اعتبار کان تجربي طور تي موجود ضرورتجو حڪم رکندو آهي“.
يعني هڪ عظيم انسان کي عظمت جي مقام تائين رسائيندڙ سياسي ۽معاشرتي تنظيم ئي هجي ٿي. جيڪا ڪامل مهارتن جو مجموعو هجي ٿي. بلڪل اهڙي طرح جهڙيريت دنيا جي ڪنهن به مشهور يا اعليٰ يونيورسٽي جو وائس چانسلر تيستائين پنهنجيعظمت جي معراج کي نٿو رسي سگهي، جيستائين اهو مختلف فيڪلٽيز يا ادارن کي پنهنجنپنهنجن شعبن جي ڪامل مهارتن سان سرشار نٿو ڪري. يعني اهليت جي معيار يا ميرٽ کيترجيحي بنيادن تي ذاتي پسند ۽ ناپسند جي داخليت پسندي کان مٿانهون ٿي معروضيمعيارن تحت عهدن تي فائز نٿو ڪري. تيستائين هو  يونيورسٽي جي تعليمي عدم معيار ۽ اقرباپروري جيروش جي ڪري پنهنجي بي پناهه قابليت جي دهمان سميت، هو پنهنجي معاشرتي عظمت جيمعيار کي نٿو ڇهي سگهي. سواءِ ان جي ته هو سائين سنوارين ۽ مراوت يافته چمچن جيهجوم جي پسنديده شخصيت بڻجي پوي. نه ڪي معاشرتي ۽ عالمي معيار جي اسٽيج تي ڪو خاصمقام رکندو هجي. جيئن جنگي حڪمت عمليءَ جي سائنس ذرعي دور جي ڪنهن ڪامل مهارت جياهميت کي هن ريت جتائي ٿي ته”شهه سوار جي گهوڙي جي سُنب ۾ نال لڳائڻ وقت هڪ ڪوڪوڍلو لڳي ويو، ڪوڪي ڍلي لڳڻ ڪري گهوڙي جي پير جو ترو نال جي لچڪ سبب زخمي ٿي پيو.جنهن ڪري گهوڙو منڊڪائڻ لڳو ۽ گهوڙي جي رفتار مار کائي وئي، گهوڙو لشڪر کان پٺتيرهجي ويو شهه سوار جو گهوڙو پٺ تي رهجي وڃڻ جي ڪري شهه سوار لشڪر جي اڳواڻي نه ڪريسگهيو، جنهن ڪري هڪ منتشر لشڪر مخالف منظم لشڪر کان شڪست کائي ويو“
ساڳيءَ طرح هڪ انقلابي تنظيم مختلف شعبن جي ڪامل مهارتن جيمجموعي جو نالو هوندي آهي. جيڪڏهن ڪا انقلابي نظرئي ۽ عمل جي دعويدار تنظيم ڪاملمهارتن کي گهوڙي جي نال ۾ ڍلي ڪوڪي جيان نظر انداز ڪندي آهي ته ان جو به حشرانهيءَ مٿئين منتشر لشڪر جهڙو ٿيندو آهي جيڪو منظم قوتن کان شڪست کائي ويندو آهياهڙيءَ ريت انقلابي تنظيمون يا پارٽيون پنهنجي ڪامل مهارتن جي مجموعي ڪردار جيذريعي جمهوري مرڪزيت جي عالمي انقلابي معيارن تحت مختلف شعبن جي گڏيل اداري نيشنلڪانگريس يعني مدر پارٽي صورت ۾ پنهنجي وچ مان هڪ خاص معياد يا پنجن سالن جي لاءِڪو سربراههِ اعليٰ منتخب ڪري انهيءَ جي خداداد صلاحيتن مان پنهنجا مقرر ڪيل حدفپورا ڪرڻ چاهينديون آهن. جڏهن سربراههِ اعليٰ پنهنجي اعلانين حدف کي پورو ڪرڻ ۾ناڪام ٿي ويندو آهي تڏهن اهو جمهوريت پسند هجڻ جي ناتي سان پنهنجي عهدي تان مستعفيٿي ٻئي ڪنهن سربراههِ اعليٰ جي لاءِ پنهنجي سيٽ کالي ڪري ويندو آهي. پر هڪ متعلقالعنان قسم جو سربراههِ اعليٰ ادارن جي جمهوري مرڪزيت جا ليڪا لتاڙي، ورڪرن کانپارٽي کسي اُن کي مستقل مرڪزي جمهوريت جو آکاڙو بڻائي ڇڏيندو آهي. جيئن اسٽالن ڪيوجنهن لينن جي منتخب ڪيل سڄي جو سڄي سينٽرل ڪاميٽي مارائي ڇڏي ۽ تنظيمي ادارن کيپنهنجو رقيب سمجهي تباه ۽ برباد ڪري هڪ آمر ڊڪٽيٽر جي صورت ۾ تنظيم کي پنهنجي چمچنجي ذريعي گهر جي لونڊي ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ڪري روسي انقلاب ڪميونسٽپارٽيءَ ۾ موجود اسٽالن جي چمچن جو آکاڙو بڻجي وئي جيڪي پولٽ بيورو جي صورت ۾ روسيانقلاب لاءِ اڏوهي ثابت ٿيا. اهو ئي خاص ڪارڻ هئو جو اسٽالن انقلابي تنظيم جياجتماعي ڪامل مهارتن کي مسمار ڪرڻ لاءِ پنهنجي شخصيت پرستيءَ جا قلعا اڏڻ جي جنونجي خبط ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
پوءِ جڏهن اها مطلق العنان شخصيت جيڪا پنهنجي ڀر ۾ ڪنهن کيڏسڻ به ناگوارا سمجهندي آهي، جڏهن ڪنهن حادثي سبب دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويندي آهيته پوءِ لازمي طور تي هڪ وڏي خليج جو پيدا ٿيڻ اڻٽر هوندو آهي، جنهن خلا کي ادارنکانسواءِ ڀرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي، اهڙيون تنظيمون جيڪي شخصيتپرستيءَ جي چوڌاري طواف ڪنديون آهن جڏهن انهن جي مرڪزي شخصيت ختم ٿي ويندي آهي،تڏهن اهڙيون تنظيمون سياسي طور تي کسي بڻجي وينديون آهن. اهڙي طرح شخصيت پرستي جيسحر ۾ ورتل تنظيم ادارن کانسواءِ شخصيت جي خلا کي ڀرڻ جي اهل نه هوندي آهي. تنهنڪريئي اهڙيون شخصيتن جي طواف جي ڪڍ ڦرندڙ تنظيمون آهستي آهستي منتشر ٿي تباهي ۽بربادي جي حالت ۾ ماضي جي مزار جو داستان بڻجي وينديون آهن. ڇاڪاڻ ته عوام جنهنشخصيت ڪري تنظيم سان سلهاڙيل هوندو آهي جڏهن اُها شخصيت ئي نه رهندي آهي ته ماڻهنجو اُن تنظيم تان ويساهه کڄي ويندو آهي، اهڙيءَ طرح ماڻهن جو اُن تنظيم جي ٽٽل ڦٽلادارن سان عدم وابستگي جو جنم وٺڻ ڪو اتفاق نه رهندو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ سياسي ورڪرن جون قربانيون،شهادتون ۽جدوجهدون هڪ فرد جي مرڻ سان گڏ لڙهي وينديون آهن تڏهن ئي ٽراٽسڪي کي هي لفظ چوڻاپئجي ويا هئا ته” ڪڏهن ڪڏهن هيرا پنهنجي نرگسيت يعني خود نمائيءَ جي جلواگريءَ ۾ايترا ته انڌا ٿي ويندا آهن جو پنهنجو تاريخي دڳ ۽ ڪردار وڃائي ويهندا آهن“. پرٻئي طرف جيڪڏهن شخصيت پرستي ۽ آپيشاهي جون اصل جڙون تلاش ڪبيون ته اسان کيغلامداراڻي ۽ جاگيرداراڻي سماجي رشتن جي گهراين ۾ کُتل نظر اينديون. جڏهن آقا خدابڻيل هئا ۽ اڳواڻ پيغمبريءَ جون دعوائون ڪندا هئا. ڇوجو انهن سماجي دورن ۾ سماجي ۽ فطري سائنسن ايتري ترقي نه ڪئي هئي جواُهي ماڻهن کي اجتماعي وحدتِ فڪر ۽ عمل جي قالب ۾ سموئڻ جون حامل ٿي سگهن ها. تنهنڪريغلامداراڻي ۽ جاگيرداراڻي دور ۾ ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ ۽ انقلاب برپا ڪرڻ جو واحدذريعو مذهبي انڌا عقيدا ئي هئا. پر هن جديد صنعتي دور ۾ تنظيمن کي انڌن عقيدن تياستوار ڪرڻ تاريخ جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي احمق پڻي ۽ جهالت پسندي جي معراج کي ڇهڻ جيبرابر آهي، ڇو جو هڪ اڳواڻ جي اڳواڻي ڪارڪنن ۽ عوام جي حمايت تي بيٺل هوندي آهيجڏهن ڪارڪن ۽ عوام اڳواڻن کان پنهنجيون همدرديون واپس وٺندا آهن تڏهن ليڊرن جيليڊريءَ جا پٽڪا ڌوڙ ۾ ملي ويندا آهن ۽ انهن مان ليڊريءَ جا ڪيڙا نڪري ويندا آهن.
 صنعتي معاشرو جتيهڪ طرف قوميتن جي جڳهه تي جديد قوم، فرقي پرستي جي خلاف جديد قوم پرستي، بنيادپرستيجي جاءِ تي سيڪيولرازم ،شخصيت پرستيءَ جي جاءِ تي اداري سازي، عقيدي جي جڳهه تيعلم، مذهب جي جڳهه تي سائنس، رومانيت پسنديءَ جي جاءِ تي عقليت پسندي ۽ آمريت جيجاءِ تي جمهوريت، فرسودگي ۽ رجعت پسندي جي جاءِ تي ترقي پسنديءَ جي سرزمين هموار ڪريٿو ته ٻئي طرف اُهو صنعتي سماج جاگيرداراڻي دور جي نه صرف پيداواري قوتن کي شڪستڏئي شخصيت پرستيءَ جي جاءِ تي صنعتي دور جي ادارتي مظهر کي سامهون آڻي ٿو ۽ جديدقومي تشڪيل لاءِ نئين دور جي پيداواري قوتن جي هر اول تاريخي ڪردار قومي سرمائيدارجي اڳواڻي جو اعلان ڪري ٿو ۽ پراڻي جاگيرداراڻي دور جي سياسي،اقتصادي،تهذيبي،ثقافتي ۽ نفسياتي ڪار منسبيءَ جي سڄي تاڃي پيٽي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري تاريخ جيڪاٻاڙ خاني جي نظر ڪري ۽ جاگيرداراڻي آپي شاهيءَ جي باقيات سورمائيت پسنديءَ جيآخرين علامت شخصيت پرستيءَ جي جاءِ تي منظم ادارتي عمل  کي سامهون آڻي ٿو.
ڇاڪاڻ جو  قومي سماجيانقلاب جي لاءِ شخصيت پرستي اڏوهيءَ واري حيثيت رکي ٿي. جنهن جو تجربو ۽ اندازودنيا جي قومي انقلابن، تحريڪن کان علاوه سنڌ جي قومي تحريڪ جي مٿان ڇانيل شخصيتپرستيءَ جي ڀوت جي منحوس پاڇي مان لڳائي سگهجي ٿو. تاريخ ۾ اُن جا ويجها مثال عراقجي صدام، مصر جي حسني مبارڪ، شام جي بشارالاسد ۽ لبيا جي قذافي جي عبرت ناڪ انجاممان لڳائي سگهجي ٿو. اهڙي قسم جي شخصيت پرستي پراڻي قبائلي ۽ جاگيرداراڻي دور جيسورمائيت پسنديءَ جي رهجي ويل هڪ باقيات آهي، جيڪا اڄ جي تاريخي حالتن ۾ پنهنجيموت پاڻ مري رهي آهي.
اڄ جو تاريخي دور شخصيت پرستيءَ جي جاءِ انقلابي تنظيم جياداري سازي سائنسي جدلياتي سوچ جي تقاضائن جي پورائي انڌي عقدت پسند  ورڪرن (Dogmatic Workers)جي جاءِ تي نظرياتي ورڪرن شخصي آمريت جي جاءِ تي پارٽي جيجمهوري مرڪزيت تنظيمي تنقيد ۽ خود تنقيدي جائزي ورڪرن جي باهمي ۽ معاشرتي رابطيتنظيم جي فولادي ضابطي تاريخي گهرجن کي پورو ڪندڙ پروگرام تخليقي پاليسين ۽انقلابي منشور تحت پارٽي ورڪرن ۽ قيادت کي انقلابي اخلاقيات جي اصولن تي هلندڙتنظيم  مٿان تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪري ٿو.
۽ هي دور اهڙين ئي تنظيمن کي جائز ۽ صالح قرار ڏئي ٿو، جيڪيپاڻ ۾ تاريخي گهرجن کي پوري ڪرڻ جي اهليت رکن ٿيون. تنهنڪري جيڪي تنظيمون ادارتيعمل جي تنظيم ڪاري جي صلاحيت کان وانجهيل هونديون، تاريخ اُنهن کان آزادي ۽ انقلابجو حق کسڻ وقت ڪنهن به جذباتي نعري جي سحر جي خبط ۾ مبتلا ٿيڻ جي فريبڪاري کانآزاد بي رحم معروضي ارادي جي حيثيت ۾ وجود رکي ٿي. 
بدقسمتيءَ سان سنڌ جي قومي تحريڪ منجهه به ڪا اهڙي تنظيمڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي جيڪا انقلابي تعليمات ۽ اداراسازي واري انقلابي عمل سان سرشارهجي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي قومي تحريڪ مخصوص شخصيتن وٽ سدائين يرغمال پئيرهندي آئي آهي. 
تنهنڪري ئي آءٌ جسمم جي باني چيئرمين ۽ تاريخ جي هڪ ذميوارفرد جي حيثيت ۾ هڪ اهڙي انقلابي تنظيم سازيءَ جا بنياد وجهي رهيو آهيان جيڪا قوميتحريڪ کي قومي عوامي انقلابي پارٽي جي صورت ڏئي قومي آزادي ۽ انقلاب کي برپا ڪندي،سنڌي قوم جي تاريخي تشخص کي بحال ڪري دنيا جي آزاد ۽ خود مختيار قومن جي صفن ۾بهاري امن عالم، ترقي بني نوع آدم ۽ اتحاد انساني جي بحاليءَ لاءِ دنيا جي مهذب ۽پر امن قومن سان گڏجي جدوجهد ڪندي ۽ انسانذات کي حسن ازلي جي حقيقت سان همڪنار ڪندي.
شفيع محمد برفت
(چيئرمين جيئي سنڌمتحده محاذ)
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment