Hot News
Loading...

Article Man's Importancy

معاشرتي انا جي پسمنظر ۾ فرد جي وجودي حقيقت (حجت عباسي)

19 هين صدي جيعظيم نفسيات دان سگمنڊ فرائيڊ جي موجب ”انسان جي وجودي حقيقت انهيءَ جي ذهنيصورتحال سان ڳنڍيل هجي ٿي.“ سندس نقطئه نظر موجب “ID”(اِڊِ) جبلت  “Ego”  انا ۽ “Super Ego” فوق الانا، جي ٽنهي مرحلن مان انساني شخصيت جڙي راسٿئي ٿي. سندس چوڻ موجب “ID”انسان جي اندر پيدائشي طور تي موجود انهيءَ جبلي قوت جو نالو آهي جيڪا زندگيءَ جيحياتياتي عمل کي جاري رکڻ لاءِ خود روانيت جي يعني “Auto-Dynamism ”  جي صورت ۾حياتياتي سرچشمو هجي ٿي. جيڪا مختلف ضرورتن کي پيدا ڪري خواهشن کي جنم ڏئي ٿي. اهاجبلت هر انسان کي پنهنجن ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي ٿي، جنهن کي فرائيڊ “ID” جو نالو ڏئي ٿو.
ٻيو “Ego”يعني انا فرائيڊ موجب ايگو اهڙي ذهني عمل جو نالو آهي. جيڪو حقيقتن کان عام عقل جيفعال رشتي کي پيدا ڪري ٿو ۽ گهڻو ڪري شعوري عملن جو پورائو ڪري ٿو.
ٽيون “Super Ego” يعني فوق الانا فرائيڊ موجب هي انسان جي اندر اخلاقي جزو آهي اُنسان فرد جا اخلاقي معيار متعين ٿين ٿا، جن جو تعلق انساني ضمير سان هجي ٿو.
فرائيڊ موجب جڏهن “ID” جي جبلت ڀري انڌي قوت ڪنهن فرد جي اندر بک جي ضرورت جي روپ ۾خواهش جي طور تي سامهون اچي ٿي، تڏهن “Ego”اُن خواهش کي عملي صورت ڏيڻ ۽ ضرورت جي پورائي لاءِ عام عقل جي فعال رشتي کي پيداڪري ٿو ۽ جڏهن ڪنهن محفل ۾ کاڌي جي ميز ڏانهن ڪنهن جا هٿ بيساختگيءَ سان اِڊ ۽اِيگو جي گڏيل اثر هيٺ وڌن ٿا تڏهن فوق الانا پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏئي ٿي. اها فوقالانا اندر ۾ اِن خيال کي جنم ڏئي ٿي ته اِهو اخلاقي معيار جي خلاف آهي ۽ ضمير کانڪريل حرڪت آهي ڇو جو ٻيا اڃا کاڌي جي ميز تي نه ويٺا آهن. اهڙيءَ طرح اِهو “ID” ۽ “Ego”جي زير اثر وڌيل هٿ موٽڻ لڳي ٿو. ۽ اخلاقي دٻاءَ هيٺ ٻين جو انتظار ڪرڻ لڳي ٿو.
پر هڪ ٻيو مارڪسي ۽ جدلياتي نقطئه نگاهه به آهي  جنهن موجب انسان ٻين جاندارن جيان اندرونيموروثي خصلتن “Genotype” کي متعين ڪندڙ معروضي خصلتن “Phenotype” جومرڪب آهي. هن نقطئه نظر موجب هر جاندار کي جياپي جا اندروني طور جينياتي اعتبارکان اهڙا اوزار مليل آهن جهڙي طرح انهيءَ جاندار هستي پنهنجي معروضي صورتحال سانڇڪتاڻ دوران فطري چونڊ جي عمل ذريعي پاڻ مٿان لاڳو ٿيل شرطن کي حل ڪندي اهڙائيحواس ۽ اوزار حاصل ڪيا آهن جهڙي انهن ماحول سان مطابقت حاصل ڪئي آهي. مطلب ته انهنجسماني اوزارن ذريعي معاشي جدوجهد جهڙا حواس حاصل ڪيا آهن، جيڪي حواس ترقي ڪري غيرڪرنگهيدار جاندارن کان ڪرنگهيدار جاندارن تائين ڪرنگهيدار جاندارن کان ٿڻاونجاندارن يعني “Mammals”  ۾ پنجن حواسن جي صورت ۾ سهيڙياآهن. اعليٰ قسم جي جاندار مئملن مان هڪ مئملن جو هڪ نسل انسان به آهي. پر انسانڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ، ۽ ڇُهڻ جي پنجن حواسن کان هڪ اضافي حواس پنهنجي ذات جوادراڪ پنهنجو آپو  Self يامان يعني I am به حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن کي مان ڇهين حواس جي ذمري ۾ آڻيان ٿو.
سوال ٿو پئدا ٿئي ته اِهو انسان جو آپو يا مان هن جي اندرهميشھ کان هئو يا تاريخ جي ڪنهن خاص اسٽيج ئي هن اِهو آپو يا مان ڪن خارجي حالتنجي زيرِ اثر حاصل ڪيو آهي. بقول جان لاڪ جي ته هر دور جو انسان ڪوري ڪاغذ جيانپيدا ٿئي ٿو، معاشرو جيڪي ڪجهه هُن جي ذهن تي لکي ٿو انسان اُهو ئي بڻجي پئي ٿو.انهيءَ جو واضح ثبوت اِهو آهي ته جيڪڏهن اڄ به انسان جي ٻار کي پيدائشي طور تيجهڙي ماحول ۾ ڇڏبو مٿس اُهو ئي رنگ چڙهندو، جهڙو کيس ماحول ملندو. سندس چهرو تهانساني هوندو پر سندس احساسن،جذبن ۽ تصورن جو جوهر جانوراڻو هوندو. پنجن حواسن کانعلاوه جيڪا شيءِ سندس راهه ۾ انسان بڻجڻ آڏو رڪاوٽ تصور ڪري سگهجي ٿي، اُها سندسآپي يا انا جي غير موجودگي هوندي. ڇو جو انساني انا انساني ماحول جي پيداوار آهي،جيڪا انساني خودي يا انا انسان جي خود آشنائي انسان کي انساني رشتن جي وچ مان ئيحاصل ٿئي ٿي ۽ انساني رشتا ڪنهن نه ڪنهن پيداواري طريقي سان جڙيل هجن ٿا ۽ هر قسمجو پيداواري طريقو پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن مخصوص قسم جي پيداواري اوزارن ۽ آلاتن جوجيئرو جاڳندو مظهر هجي ٿو. تنهنڪري هر معاشرتي هستي يا وجود جي انا يا خودي بهمختلف سماجي مظهرن مان پنهنجي مخصوص معاشرتي صورت جو اظهار ڪري ٿي.
اِهو ئي ڪارڻ هئو جو فرانسيسي ماديت پسندن چيو هئو ته انسان پنهنجن احساسن،جذبن ۽ تصورن سميتپنهنجي مخصوص معاشرتي ماحول جي پيداوار هجي ٿو. انهيءَ چوڻ جو مقصد هئو ته انسانيا فرد جي شخصي انا ڪنهن نه ڪنهن معاشرتي شعور يا ڪُلي معاشرتي انا جو اظهار ڪندينظر اچي ٿي. جڏهن معاشرتي وجود مادري سماج ۾ رهي پيو ته اُن جو معاشرتي شعور بهمادري سماج وارو هئو، غلام داراڻي سماج ۾ غلامداراڻو، جاگيرداراڻي سماج ۾  جاگيرداراڻو هو ، سرمائيداراڻي سماج ۾سرمائيداراڻو آهي ۽ خودڪاريت تي مشتمل سماج(ڪميونسٽ سماج) ۾  پنهنجي دور جي تضادن جهڙو ٿي بيهندو. تنهنڪري هنچوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته انسان جي ذاتي انا يا تشخص انهيءَ جي ذات جو خالصاظهار ناهي هوندو پر فرد جو آزاد تشخص معاشرتي رشتن جي وچ مان تڏهن ئي جڙندو آهي، جڏهنفرد معاشرتي شعور جي جبر مان آزادي وٺندو آهي. مطلب ته جڏهن فرد معاشرتي شعور جوادراڪ حاصل ڪري ٿو ته اُن وقت هو اڌ آزادي حاصل ڪري ٿو ۽ انهيءَ ادراڪ تي عمليقابليت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت دوران مڪمل آزادي حاصل ڪري ٿو. يعني انسان جهڙي معاشرتيسرگرميءَ ۾ وسيع بهرو وٺي ٿو سندس مان يا ذات به اهڙي ئي بڻجي پوي ٿي.
انسان جي انهن ڇهن حواسن کان مٿي هڪ ستون حواس به آهي جيڪوتاريخ جي هر دؤر ۾ عام ماڻهن کان مٿانهين سوچ رکندڙ فلسفين،مفڪرن، سائنسدانن ۽ڏاهن کي پيدا ڪري ٿو جنهن کي پاڻ آسان لفظن ۾ ”ڏاهپ“ يا ”فوق حواسياتي“ تجريدي عملچئي سگهون ٿا، جيڪو حواسن کان ماورا صداقتن تائين پهچڻ جي رسائي رکي ٿو. مثال جيطور تي ٻڙيءَ”0”  جو تصور انساني پنجن حواسن کان ويندي پنهنجي ذاتجي ڇهين حواس کان به مٿانهون هجي ٿو. ڇو جو ٻُڙي نه صرف لامحدوديت جي نمائندگي ڪريٿي پر ڪنهن به عدد جي اڳيان لڳائڻ سان اُن کي نو دفعا وڌائي به ڇڏي ٿي ۽ خالص حالت۾ قدر۽ قيمت کان وانجهيل هجي ٿي. هڪ کان ويندي نون تائين عدد ٻڙيءَ سان ملي پوريڪائنات جي سمورن عددن کي ونڊ، ڪٽ، جوڙ ۽ ضرب ڪري سگهن ٿا. جيئن جارج برڪلي خيالپرستي کي تقويت ڏيندي اِهو سوال اُٿاريو هيو ته ”هن لامحدود ڪائنات کي هي محدودذهن ڪيئن سمجهي سگهي ٿو؟“ پر برڪلي جي انهيءَ ڇهين حواس مان اُٿاريل سوال جو جوابڏاهپ ڀري ستين حس هن ريت ڏئي ٿي ته ”هن لا محدود ڪائنات کي محدود قانونن ۽ پئماننجي ذريعي سمجهي سگهجي ٿو.“ ساڳيءَ طرح سائنسدان، فلسفي ۽ ڏاها قانونن سان سرشارفڪري اُڏام ذريعي ماضي، حال ۽ مستقبل جي حقيقتن جي نقاب ڪُشائي ڪندا رهن ٿا. اهو ئيسبب هئو، جو البرٽ آئن اسٽائن زمين جي ”ڪشش ثقل“ جي زيرِ اثر سج جي روشنيءَ جي خمجي پيشن گوئي ڪئي هئي، جيڪا سچي ثابت ٿي هئي. بنهه ئي اهڙيءَ ريت جهڙي طرحآرڪميڊيز اُڇال جي قانون کي ٽب جي اندر ڳولهي لڌو هو. جنهن هٽاوَ “Displacement” جي قانون تي جهازن جي تيراڪي کان ويندي  ايروڊائنامڪس جا قانون وضح ڪيا ويا آهن.
ساڳيءَ ريت پوري انساني تاريخ جي اندر تخليقن ۽ ايجادن ۽انڪشافن جو پورو جو پورو عمل انسان جي ستين حس يعني ”قانونن جي ذريعي اعليٰ تجريديصلاحيت تي مشتمل رهيو آهي.“ جنهن کي مان محسوسات جي انتهائي اعليٰ صورت “Super Sensitivity of feelings” چوان ٿو.
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment