Hot News
Loading...

Article On Discipline

ا نقلابي تنظيم لاءِ نظم ۽ ظبط (discipline)مظهر جمال سنڌي


سڀ کان پهريان اسان کي نظم ۽ ظبط جي جدلياتي وضاحت سمجھڻي پوندي ته جدلياتي اعتبار کان نظم
ظبط اهڙن اصولن ۽ ظابطن جي پابنديءَ کي چيو وڇي ٿو جن ظابطن يا پابندين جي جي ذريعي تنظيم پنهنجي اندروني صحت کي برقرار رکندي آهي ته جئن معروضي صورتحال تي صحت مند طريقي سان اثر انداز ٿي سگھي تنظيم جي اندر اهڙا ظابطا يا پابنديون آئيني طور تي تنظيم جي هر هڪ رڪن ۽ قيادت تي لاڳو ٿي ويندا آهن جيڪي تنظيم جي اجتماعي يا مجموعي صحت لاءِ بهتر هوندا آهن جيتوڻيڪ ٻي سموري جماداتي، نباتاتي ، ۽ حيواني فطرت جي اندر مختلف نوعن جي غير حياتياتي وجودن ۾ فطرت جي جبلي تنظيم سازي آهي تنهنڪري انهن ۾ جبلي نظم ۽ ظبط جا اسانکي انيڪ مثال ملن ٿا جيئن ايٽمن جي مرڪزن جي چوڌاري اليڪٽرانن جا ست شيل ايٽمن جي عنصري حالت جو تعين ڪن ٿا ۽ عنصر باهمي ڏيتي ليتي جي ذريعي پنهنجي عنصري حالت کان مختلف مرڪب صورت اختيار ڪن ٿا جيئن آ ڪسيجن ۽ هيڊروجن جا ايٽم ٻڙيءَ گرميءَ جي درجي تي  پاڻيءَ ۾  تبديل ٿي ويندا آهن  ۽ هائڊروجن۽ ڪلورين جو مرڪب لوڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿي پوندا آهن اهڙي طرح فطرت جي تنظيم جا قسمين قسمين جا ڪيميائي ظابطا مختلف مخصوص گرمي پدن تي مختلف عنصرن جي جوڙ ٽوڙ جو ڪردار ادا ڪن ٿا اهڙيءَ ريت فطرت جي اندر تبديلين جو سدا سائو چشمو تسلسل ۽ تواتر سان روا دوان رهي ٿو.اهڙيءَ طرح پوري غير نامياتي فطرت کان نامياتي فطرت تائين  نامياتي فطرت کان زنده وجودن ۽ معاشري جي باشعور تخليقي هستين ۽ انهن جي ا نمول ايجادن تائين هرشيءِ ارتقا جي ا بدي چڪر ۾ گرفتار آهي اهوئي ڪارڻ آهي جو فطرت جي هرشيءِ پنهنجو پاڻ کان وڏي ٿي پنهنجي اعليٰ ترين ارتقائي صورت سان هم ڪنار ٿيڻ چاهي ٿي بلڪل اهڙيءَ ريت جهڙيءَ ريت انسان پنهنجي حيواني پستين جي جا هيٺان ڏاڪا ارتقائي طور پار ڪندي موجوده دور جي اعليٰ تهذيب يافته ثقافتي دنيا سان همڪنار ٿي با شعور معاشرتي هستيءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي تهڙيءَ ريت جماداتي، نباتاتي حيواني دنيا ۾ به مسلسل ارتقا جو آفاقي عمل جاري وَ ساري آهي هن ڌرتي ءَ جي گولي تي زندگيءَ جو ظهور نظام شمسي جي تنظيم ۽ فطري قانونن جي نظم ۽ ظبط جي جبر جو نتيجو آهي اهو فطرت جي تنظيم جو ارتقائي ظابطو ئي آهي جيڪو لقائن کي دعوا ٿيسز، ضد دعو ا ا ينٽي ٿيسز ۽ ٻنهي جي صحتمند جزن تي مشتمل ترڪيبي عمل سينٿيسز جي ذريعي وڌيڪ صحتمند لقائن جي ظاهر ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو ۽ فرسوده مدي خارج لقائن جي رد ٿيڻ ۽ مٽجڻ جو اعلان بڻجي ٿو پوءِ چاهي اهي جماداتي دنيا هجي يا نبا تاتي ،حيواني ۽ معاشرتي فڪري ،ذهني يا روحاني دنيا هجي سواءِ انسان جي شعوري تنظيم سازيءَ جي پوري فطري تنظيم سازيءَ تي انڌي جبلت جي حڪومت آهي.اڄ جي جديد سائنسي تحقيقاتن جي روشنيءَ ۾ انسان زندگيءَ جي جبلي تنظيم اندرجينياتي تبديلين جي ظابطن تي قابو پائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي جنهنڪري اڄ جو انسان نه صرف جينيٽيڪل انجنيئرنگ جي ذريعي ٻجن جون نيون نيون جنسون ٺاهڻ تي قدرت رکي ٿو ٻلڪ جانورن ۽ ٻوٽن جو نوا قسم به متعارف ڪرائي رهيو آهي پر ان سان گڏوگڏ هر جاندار جي ڪلوننگ به ڪري سگھي ٿو ته اسٽيم سيل جي ذريعي ميڊيڪل سائنس ۾ انقلاب به آڻڻ جي قابل ٿي ويو آهي ايستائين جو اهو انقلاب دنيان جي الائي ڪيترين ئي فارما انڊسٽرين جي وجود کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيندو ميديڪل سائس جا بنياد ئي تنديل ڪري ڇڏيندو بلڪ دنيان مان بيمارين جي پاڙ پٽڻ ۾ به پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ جي اهل بڻجي ويو آهي هيءَ ڳاله هاڻي ڪنهن به با شعور ماڻهون کان پوشيده ناهي رهي ته اسٽيم سيل جي ذريعي هر قسم جو جسماني عضوو تيار ڪري سگھجي ٿو ساڳيءَ ريت انسان ڪيميائي عملن جي ظابطا بنديءَ جي جدليات جي روشنيءَ ۾ نوان هٿ رادو عنصر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي تمام هيٺئين گرمي پدن تي گئسن ۽ رقيقن کي مها پسرائندڙ سپر ڪنڊڪٽر ۾ تبديل ڪري چڪو آهي جنهن سان جديد خود ڪار ٽيڪنالاجيءَ جا حساس ترين آلا ٺاهيا وڃن ٿا اهڙيءَ ريت هاڻي انسان ان قابل ٿي ويو آهي ته معاشري جي جبلي قانونن جي ادراڪ ذريعي معاشرتي غلاميءَ کان ويندي معاشرتي خرابين جو انهن جبلي قانو نن جي روشنيءَ ۾ صد باب ڪري سگھي ٿو ۽ تاريخي حالتن کي پنهنجي حق ۾ تبديل ڪري سگھي ٿو تنهنڪري اهي فطري معاشرتي حياتياتي قانو نن جي ظابطن کي سمجھي ٿو جيڪي ڪنهن به لقاءَ جي نشونما جا ظابطا طئه ڪن ٿا مثال جي طور تي معاشري ۾ حادثن کان بچڻ لاءِ  ماڻهون اخلاقي يا آئيني طور تي مختلف ظابطن جا پابند هجن ٿا جيڪڏهن ڪا تنظيم انقلابي نظم ۽ ظبط کان خالي آهي ته انهيءَ جي انقلابي سڏائڻ جي دعوا ڪوڙي کوکلي ۽ بوگس هوندي  آهي ڇو جو گھربل وقت ۾ لازمي ۽ انتهائي ضروري فرضن جي ادائيگيءَ ۾ ڪو تاهي تنظيمي معاشرتي ۽ تاريخي بحران کي جنم ڏئي ٿي جهڙيءَ ريت  ذهن جسم جو عضوياتي نظام پابنديءَ سان پنهنجو مختلف نوعيتن جا فرض سر انجام ڏيڻ ۾ اعليٰ مهارت سان ڪردار  ادا ڪري ٿو جنهنڪري جسم جي پوري تنظيم صحت مند رهي ٿي پر جڏهن به ڪو عضوو مفلوج ٿي ويندو آهي تڏهن انهيءَ جا اثر پوري جسم جي مجموعي صحت تي پوندا آهن اسان لبلبي جو ئي مثال وٺون ٿاجڏهن اهو مفلوج ٿي پوندو آهي تڏهن جسم شگر سان گڏ ٻين بيمارين جو آماج گاه بڻجي ويندو آهي ساڳيءَ طرح وڏن شهرن ۾ سگنل نظام جي خرابي ٽريفڪ ۾ بي ظابتگي جو سبب بڻجي ٿي جنهنڪري ايڪسيڊنٽ جا خطرا وڌي وڃن ٿا ساڳيءَ ريت تنظيمي ڇڙواڳين جي ڪري تنظيمون حادثن جو شڪار ٿي وينديون آ هن ۽ معاشرا منتشر ٿي ويندا آهن معاشري۽ تنظيم جي ظّابطن جي ڀڃڪڙي آئيني ڀڃڪڙين جو ڪارڻ بنڻبي آهي  بقو ل لينن جيئن ته انقلابي تنظيم انقالبي فڪر کانسواءِ ناهي ٿيندي  تنهنڪري ئي انقلابي نظم وظبط کان سواءِ انقلاب آڻي ناهي سگھبو ڇو جو انقلابي ظابطو انقلابي حڪمت عملين جي ضرورت هوندو آهي جيڪو ڪنهن به انقلابي تنظيم کي گھرا ۽ ٺوس نتيجا ڏيندو آهي ساڳيءَ ريت تنظيم ۾ ڪم جي ورهاست به مڪمل  منظم تخليقي انداز سان ڪئي ويندي آهي يعني حقن ۽ فرصن جي وحدت کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي  ته ڪنهنجا به اوترا حق ٺهي وڃن ٿا جيترا هو پنهجا فرض بجا آڻي ٿو ۽ هر رڪن کي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت موجب عهدو هئڻ گھرجي تنظيم جي اندر من پسند فيصلا هلائڻ به تنظيمي اصولن يا ظّابطن جي ڀڃڪڙي آهي هڪ انقلابي تنظيم جمهوري مرڪزيت پسند ٿيندي آهي ڇو جو ان سان سڀني ورڪرن جي پارٽيءِ سان نفسياتي ويجھڙائي ٿئي ٿي ۽ هو پارٽيءَ جي فيصلن کي پنهنجو فيصلو سمجھي ٿو ڇا ڪاڻ ته هن کي فيصلن ۾ شموليت جو احساس پارٽيءَ جي فيصلن کي آخرين فيصلي طور قبول
ڪرائڻ طرف مائل ڪري ٿي اها جمهوري مرڪزيت جي انقلابي ڳر آهي انهيءَ سان اجتماعي ظابطئه اخلاق و جود ۾ اچي ٿو انهيءَ اجتماعي ظابطئه اخلاق يا ڊسپلين ۾ اها قوت پوشيده آهي جيڪا هڪ منظم
جٿي کي غيرمنظم لشڪر تي سوڀ حاصل ڪرائڻ جي قوت رکي ٿي تنهڪري ظابطي کانسواءِ تنظيم جو تصور ائين آهي جئن زندگيءَ کانسواءِ شعور جو تصورمادي کاسواءِ توانائيءَ جو تصور تبديل کانسواءِ ڪيمسٽريءَ جو تصور يا ڪل کانسوءِ جز جو تصور ا هڙي طرح هر قسم جو ظابطو پنهجي مخصوس رابطي مان جنم وٺندو آهي جتي به ڪل ۽ جزن ۾ رابطي جي کوٽ هوندي آهي اتي ظابطي جي کوٽ هوندي آهي مثال طور جيڪڏهن  انسان جي دماغ جو  مرڪزي تنتي سرشتو پنهنجن سمورن عضون سان اطلاعاتي رابطي پهچائڻ جي اهليت وڃائي ويهي ته هوند پورو جسم مفلوج ٿي وڃي تنهڪري تنظيم يا معاشري ۾ آئين جي بالا دستي جو مقصد هوندو آهي ته معاشرتي يا تنظيمي قانونن جي جي پا بندي سان پيروي ڪرڻ ۽ ڇڙواڳيءَ کي حتالامڪان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ آخري نتيجي ۾ سزا يا ڏنڊ به وڌو ويندو آهي اهڙيءَ ريت انقلابي تنظيم صحتمند جزا قبول ڪندي آهي ۽ مدي خارج ڪڍندي يا رٽائير ڪندي وندي آهي .تنظيم در حقيقت ورڪرن جي اجتماعي قوت ارادي کي رابطي جي ذريعي ظابطي هيٺ آڻڻ جو نالو آهي .ڊسپلن اهڙِ ي پابندي يا ظابطي کي چيو ويندو آهي جنهنجي قانو نن جي ڏور ۾ هر رڪن پرويل هوندو آهي.جيڪو به انهن تنظيمي ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي اهو انار ڪسٽ جي حيثيت وٺي ويندو آهي.يعني اٿارٽي کي چيلينج ڪندو آهي.ڊسيپلن ليڊر کان ويندي رڪن تائين ساڳيءَ ريت نافظ ٿيندو آهي اهو نظم ۽ ظبط ئي آهي جنهن کي تنظيم جو جوهر چئي سگھجي ٿو معاشري ۾ تنظيمي نظم ۽ ظبط سماجي ارتقا سان گڏ ترقي پذير هجي ٿو يعني اهو هردور ۾ معروضي تصادن جيتري پيچيدگي اختيار ڪري ٿو غير نامياتي وجودن کان وٺي نامياتي وجودن تائين نامياتي وجودن کان معاشري ۽ معاشري کان انساني سوچن تائين جيڪي به نتيجا سامهون اچن ٿا ڪن مخصوص ظابطن جو نتيجو ئي هجن ٿا.
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment