Hot News
Loading...

پريس رليز: جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت جو پريس بيان

جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت جو پريس بيان



________________________________________

اقوام متحده عالمي ادارا مهذب جمهوري ملڪ سنڌ جي سياسي قومي ڪارڪنن جي رياستي ادارن ۽ ايجنسين جي هٿان گم ڪرڻ، مارڻ ۽ غير انساني تشدد ذريعي چچريل لاشن ڏيڻ جو نوٽيس وٺن..
جيئي سنڌ متحدا محاذ طرفان شهيد ضامن جي جي ڀاءَ پريل شاهه ۽ شهيد افضل پنهورجي والد منور پنهور سميت سنڌ جي سمورن قومي ڪارڪنن آصف پنهور ، واجد لانگها، سرويچ پيرزادو، فهيم ڀٽو، روحيل لغاري اله وڌايو مهر جي گرفتارين گم شدگين ۽ سنڌ جي ڳڀرو پٽن جي رياستي قتل عام خلاف 21 ،22،23 آڪٽوبر تي سنڌ ۾ احتجاج ڪري عالمي برادريءَ کي اپيل ڪئي ويندي ته اها سنڌ ۾ رياستي ادارن هٿان سنڌ جي قومي آواز کي ڪچلڻ لاءِ قومي ڪارڪنن جي مارڻ گم ڪرڻ ۽ چچريل لاشن جي ذريعي آزاديءَ جي سياسي تحريڪ کي روڪڻ جي چال ۽ حرڪت خلاف آواز بلند ڪن..
اهڙخيالن جو اظهار جيئي سنڌ متحدا محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.هن چيو ته قومي سياسي ڪارڪنن جي جبري گم شدگي مارجڻ مٿن رياستي ادارن جو غير انساني ٽارچر تشدد ۽ چچريل لاشن جو روڊن تي اڇلڻ وارو مسئلو سموري سنڌي قوم ۽ قومي تحريڪ جو گڏيل ۽ مشترڪه مسئلو آهي ان ڪري ان اهم مسئلي تي سموري قومي تحريڪ جي سياسي ڪارڪنن کي هڪ يڪ آواز ٿي پنهنجي سياسي جدوجهد ڪرڻ گھرجي.هن چيو ته جسمم سنڌ جي قومي تحريڪ کي عوامي ميمبرشپ ذريعي جيڪو 5 لک ميمبر شپ ڪرڻ ۽ سنجيدا تنظيم سازي جو اعلان ڪيو هئو ان بعد جسمم جي قومي ڪارڪنن کي رياستي ادارن جي هٿان جبري گم شدگي ڪرڻ مارڻ ۽ چچريل لاشن ڏيڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي هن چيو ته عالمي ادارا اقوام متحدا آمريڪا يورپي يونين کي اپيڪ ٿا ڪريون ته اهي جسمم خلاف رياستي ظلم ڏاڍ ۽ جبر جو نوٽيس وٺن هن چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به قوم جي آزاديءَ جي تحريڪ جي رياستي رتوڇاڻ مارا ماري ۽ تشدد ذريعي ختم نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته سنڌ جا دانشور اديب صحافي ۽ سڄاڻ ڌرين کي قومي ڪارڪنن جي مارججڻ ۽ چچريل لاشن جو نوٽيس وٺڻ گھرجي.هن چيو ته جسمم هڪ سنجيدا سياسي قومي پارٽي آهي جنهن ڪري رياست سنڌ جي قومي تحريڪ جي ان سنجيدا سياسي ڌر خلاف گھڻي وقت کان وٺي غير انساني تشدد ،ٽارچر ۽ آپريشن جاري رکيو آهي هن چيو ته هي 21 صديءَ جو زمانو آهي جتي ڪنهن به قوم جي آزاديءَ جي حق کي ڪچلي نٿو سگھجي هن چيو ته جسمم سنڌ جي اندر سياسي قومي جدوجهد ۽ پنهنجي شهيدن گم ٿيل ڪارڪنن جي حياتين بچائڻ لاءِ سموري قوم ۽ دنيا جي اڳيان پنهنجي ڪيس رکڻ سان گڏ سياسي تهرڪ ۽ جدوجهد جو پڻ اعلان ڪري ٿي هن چيو ته قومي ڪارڪنن کي تنظيم سازي سان گڏ گم ٿيل ڪارڪنن ۽ سنڌ جي اهم قومي مسئلن تي سياسي تحرڪ ۽ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو پڻ شروع ڪريو ٿو وڃي جنهن لاءِ ڪارڪن تيار رهن ۽ گم ٿيل ۽ شهيد ٿيل اڳواڻن جو ڪيس قوم جي هر باشعور باضمير سنڌيءَ تائين پهچائين. هن وڌيڪ چيو ته قوم جي ڳڀرو جوانن ۽ ٻچن کي سنڌ جو نالو وٺڻ جي ڏوهه ۾ بي درديءَ سان ماريو پيو وڃي عالمي ادارا انساني حقن جون تنظيمون آمريڪا يورپي يونين ۽ مهذب جمهوري ملڪ نوٽيس وٺن ،سنڌ جي اديبن دانشورن صحافين کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان جي مائن ڀينرن پوڙهن والدين جي جھولين کي پٽن جي وجود کان خالي ڪندڙ هن وحشي رياست جي ظلم ۽ جبر خلاف پنهنجوآواز بلند ڪن.
.آزاديءَ جي عظيم مقصد لاءِ پٽن جي حياتين جا ٻليدان پيا پيش ڪيو چچريل لاشن جي ڪيس اقوام متحده ۽ عالمي ادارن تائين پهچائڻ لاءِ سياسي احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيون ٿا سنڌي ميڊيا ساٿ ڏئي. هن قتل غارت گريءَ ۽ موت اڳيان ڪنڌ نه جهڪائينداسين، جيڪي ڪنڌ دشمن اڳيان نه جهڪندا آهن اهي ئي ڪٽجندا آهن، اسان کي ان ڪري ماريو پيو وڃي جو اسان دشمن جي اڳيان هار نٿا مڃون، پنهنجي مقصد تي ڪلهه به بيٺل هئا سين اڄ به اٽل ارادن سان بيٺل آهيون. شهادتن جا ڏاج مليا آهن انهن کي پنهنجي جهوليءَ ۾ وڌو آهي رت جي آخري ڦڙي تائين ثابت قدم رهنداسين. موت اسان کي مات نٿو ڏئي سگهي ابن ڏاڏن جي عظمتن کي شرمندو نه ڪنداسين هر ظلم، ڏاڍ، غلامي ۽ ذلت جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکنداسين.
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment