Hot News
Loading...

Article On ظالم هر حال ۾ ذليل ٿيڻو آهي

ظالم هر حال ۾ ذليل ٿيڻو آهي
امر جليل

جهموريت ۾ منهنجو اعتقاد آهي پر سنڌ ۾ جھموريت جي جڏهن مٽي پليد ٿيندي ڏسندو آهيان تڏهن منهنجو اعتقاد لڏي ويندو آهي.
جھموريت کي ناجائز طور استعمال ڪندي سنڌ مان اهڙا نمائندا به چونڊجي وڃن ٿا جن جي سياسي سمجھه ٻڙي،تعليم ٻڙي،عقل ٻڙي ۽ اخلاق به ٻڙي هوندو آهي جھموريت وسيلي اهڙا ئي پير ، مير رئيس ۽ وڏيرا ڪاٽڪو ۽ پاٿاريدار اسمبلين تائين پهچي وڃن ٿا جيڪي اسمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ لاء قانون سازي هلندي اوٻاسيون ڏيندا آهن، منهنجي خيال ۾ افلاطون جي ذهن ۾ سنڌ جي سياست جو نقشو موجود هئو تنهن ڪري ئي شايد هن جھموريت جي مخالفت ڪئي هئي.مان جھموريت جو وڏو حامي آهيان پر دوستو ان جهموريت سنڌ کي وڏا عذاب به ڏنا آهن پر دنيا اميدن تي قائم آهي نيٺ ته سنڌ جو عوام سجاڳ ٿيندو ۽ ميرن پيرن ۽ وڏيرن جي نمائندگيء کان سنڌ کي نجات ملندي.

هڪ ڇڙوڇڙ طاقت جڏهن هڪ محور تي ايندي ته ان ڏينهن ئي سنڌ ۾ انقلاب ايندو بدقسمتيء سان اڄ ڪلهه سنڌ جي نوجوانن کي ڏاڍي دربدريء سان استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هو ڏاڍي معصوميت وچان EXPLOITATION جو شڪار آهن. اتفاق سان هڪ کنوڻ جهڙي ڇوڪريء سان ڪجھ عرصو ويجھو رهيو هئس ان ڇوڪريء جون پاڙون پاتاڙ م هيون مان سمجھان ٿو هوء خبرون پهچائيندڙ انفارمر هئي اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته هوء سنڌ جي نامور قومپرست اڳواڻن کي سندن نالن ۽ شڪيلين سميت سڃاڻندي هئي،نوجوانن کي ڏسي وائسي وک کڻڻ کپي بارودي سرنگون مٽي ء جي تهن جي هيٺيان پوريل هونديون آهن ۽ نظر نه اينديون آهن.وقت انتهائي تيزيء سان وقت جي وٿين مان نڪري رهيو آهي ۽ مان ته سنڌي قوم آهيان جنهن سستيء ۾ سڀ عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا اهن. ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ جنگ نه ختم ٿيندڙ جنگ آهي اونده جو روشنيء تي غلبو ٿيندو رهندو ۽ روشني اونده جو آسمان چيري ڦاڙي ظاهر ٿيندي رهندي ، ڪا رات سج کي اڀرڻ کان روڪي نه ٿي سگھي. سنڌ جا نامي گرامي وڏيرا مغل گورنر سان ساز باز ڪري شاه عنايت کي شهيد ته ضرور ڪرائي سگھيا هئا پر شاه عنايت کي شڪست ڏئي نه سگھيا هئا ظالم هر حال ۾ ذليل ٿيڻو آهي
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment