Hot News
Loading...

Article on Extra-judicial murder of Sindhi Nationalists

Article of Sir Muabarak Ali on Extra-judicial Murder of Sindhi Nationalists

منجهان نوچ نهار
ڌرتي ڄاون جي ماوراءِ عدالت قتل
مبارڪ علي لاشاري

جن سماجن ۽ ملڪن ۾ دليل، حق ٻڌڻ ۽ ڏيڻ جي رسم نه هوندي آهي، جن ۾ سهپ ۽ رواداري ناهي، جن قومن ۽ ملڪن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ايڪي و اتحاد جو ويين Vision ناهي هوندو انهن قومن ۽ ملڪن ۾ گولي جي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. جتي حق ۽ سچ جو جواب تشدد ۽ ڏاڍ سان ڏنو ويندو آهي. ستم ظريفي وري اها جو ان کي جائز ۽ درست سمجهيو ويندو آهي ۽ تصور ڪيو ويندو آهي ته سندن اهڙا قدم کين تحفظ ۽ ترقي ڏيندا جيڪا سندن ڀل هوندي آهي. 
ملڪ جيتري گهڻي ترقي ڪندا آهن انهن ملڪن ۾ پوليس گيري، ظلم و تشدد توڻي ڏاڍ و جبر ۾ گهٽتائي ايندي ويندي آهي. اهڙيون قومون پوءِ طاقت ۽ ڏاڍ تي ڀاڙڻ بجاءِ پنهنجي قومي ۽ ملڪي اعتماد تي يقين رکنديون آهن. جاپان جيستائين فورسز، پوليس ۽ فوج جي ڇانو هيٺ رهي تيستائين هو نه صرف ترقي نه ڪري سگهي پر انتهائي غير محفوظ هنڌ رهيو آهي اڳرايون توڻي حملا نه صرف ڳچي ۾ پيا پر کين ڀرپور قيمتون به چڪائڻيون پيون ۽ دنيا جي بدترين هٿيار جوهري بمن جو کاڄ پڻ ٿيو. تنهن پڄاڻان اڄ اڳرائي توڻي هٿيارن جو سڀ کان وڏو مخالف ملڪ جاپان آهي. ساڳئي وقت پنهنجي ٽيڪنالوجي ۽ گهڻين يونيورسٽين جو ملڪ پڻ جاپان آهي. اهڙي طرح ٻين ترقي يافته ملڪن کي ڳڻي سگهجي ٿو جيڪي پوليس يا فوج تي ڀاڙڻ بجاءِ پنهنجي خود اعتمادي تي يقين رکن ٿا. جن جي دفاع، تحفظ ۽ حفاظت جو دارومدار زور زبردستي يا پوليس يا ڏنڊا بجاءِ برابري، عدل و انصاف تي آهي.
پر اسان جي سماج و ملڪ ۾ جيتري تيزي سان وقت گذري ٿو اوتري تيزي سان سندس داخلي اڳرائي ۾ اضافو ٿئي ٿو. پنهنجي ڌرتي ڌڻين توڻي مستقبل جي معمارن لاءِ هتي ڏيڻ لاءِ ڪو مستقبل، حق يا عدل و انصاف تي ٻڌل سماجي انصاف جي بجاءِ گولي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته گولي جي ٻولي ڳالهائيندڙن جو مستقبل به بيشڪ مار ڌاڙ ۽ سماجي انتشار آهي. پاڪستان ۾ فوجي حڪمرانن جڏهن به امن ۽ ملڪي سلامتي نالي جيڪي حفاظتي قدم کنيا اهي سدائين عوامي ڦوٽهڙي ۽ انتشار جي شڪل ۾ ظاهر ٿيا. ان جو نتيجو ئي اڄوڪي صورتحال آهي ته ڪو جنوني پنهنجا ٻار ٻچا وٺي سندن گادي واري شهر ۾ 6 ڇهه ڪلاڪ سموري پوليس ۽ ميڊيا کي تماشو بڻائي ڇڏي ٿو.
جتي وزير داخلا ۽ حڪمرانن طبقو هڪڙي هٿياربند ۽ جنوني شخص جي زندگي کي پيارو ڪري کيس زنده پڪڙڻ جو حڪم ڏئي ٿو اتي ڪراچي جي مدو ڳوٺ مان ٽي نوجوانن ضامن شاهه، اميد علي ڏهر ۽ يامين چاچڙ کي کنڀيو وڃي ٿو ۽ کين کولين جو کاڄ بڻائيو وڃي ٿو ۽ حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد افضل پنهور کي گولين جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته سنڌ جو نوجوانن ۽ اسلام آباد ۾ دهشت ڦهلائيندڙ حافظ آباد ملتان واسي جي وجود ۽ ساهن ۾ ڪهڙو فرق آهي جو سرعام هٿيار کڻي گادي واري شهر ۾ ڏهڪاءُ پکيڙندڙ کي ته زندگي ڏني وڃي ٿي ۽ 6 ڪلاڪ ان ڪري ضايع ڪيا ويا وڃن ٿا جو سندن زندگي کي ڪو نقصان نه پهچي جڏهن ته بي پاسي بي هٿيار سنڌي نوجوانن کي هڪ لمحو ضايع ڪرڻ کانسواءِ کين گولين جي حوالي ڪيو وڃي ٿو.
ايئن لڳي ٿو ته هتي زندگين جي قيمتن جا معيار بدلجي ويا آهن. ڄڻ زندگين جي قيمت توڻي اهميت زمان ۽ مڪان سان جڙيل ۽ منسوب ٿيل آهن. اوچي مقام يا حڪمراني شهرن يا ماڳن جي دهشتگردن ۽ ڏوهارين جون زندگيون ايتريون قيمتي آهن جيتريون شايد بي هٿيار ۽ نوجوانن جون زندگيون آهن. انهن ۾ بيشڪ هڪڙو فرق آهي اهو آهي ڪنهن سرزمين تي جنم وٺڻ سان بي خوف و خطر ٿي زندگي جو قيمتي ٿي وڃڻ جڏهن ته ڪنهن ٻي هيٺين درجي جي سرزمين تي پيدا ٿيڻ سان گناهگار ۽ ڏوهي ٿي وڃڻ؛

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾، 
اڀا ايئن چون، ته متان پاند پسائين.

لطيف سائين چواڻي پاڻي ۾ ڪرڻ سان پاند ڪيئن نه پسندو، جيڪڏهن ڪنهن سرزمين تي ڄمڻ ئي گناهگار ٿيڻ آهي ته پوءِ ڪير گناهگار نه هوندو؟ پوءِ سارو ڏيهه ئي پاند آلو آهي، سمورا جنم ئي خطائن جي کاتي ۾ آهن. ان نقطه نظر تحت ڪو به روح انهي پالي کان آجو ناهي. پوءِ سمورو جڳ ۽ ان جڳت سان وابسته سموري فطرت پڻ پاند پسايل آهي. پوءِ سموري مظهر جي ٻولي به ساڳئي هوندي. پوءِ ته فطرت مان جنم وٺندڙ سموري سونهن به سزوار آهي. لطيف سائين چيو ته 

جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀئي شي ٿيا، سوري سزاوار،
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين؟

اهڙي صورتحال ۾ ظلمت جي انڌيرين راتين کي ياد رکڻ گهرجي ته سندن سزائون کٽي وينديون، سندن سنگينون ٿڪجي پونديون، سندن وارداتن جا ڍنگ ختم ٿي ويندا، سندن ڦٽڪا ۽ ڪوڙا چپ ٿي ويندا پر آواز نه دٻجي سگهندو. بيشڪ سمورا آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي،. ڪنهن کي ڪڇڻ ۽ ڪجهه چوڻ نه ڏنو وڃي پر سرگوشين کي روڪڻ انسان جي پنهنجي وس ۾ به ناهي، سندس فطرت ۾ به ناهي پوءِ آخر ڪيئن خاموش ڪندا؟
تون چئو نه ڪڇان، تون چئو نه لڇان، پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان، 
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو!
سنڌ ڌرتي جي واسين لاءِ ايڏيون سنگينيون جنهن سان شيخ اياز، استاد بخاري ۽ جي ايم سيد جا آواز گونجي رهيا آهن نڄاڻ سندن ڇا بگاڙيو هو جو کين ٻي درجي جي شهري جي حيثيت به نٿي ڏني وڃي. کين ڪڏهن ٽوپي پائڻ جو طعنو ڏئي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن کين اڻ پڙهيل جاهل سڏيو وڃي ٿو. ڪڏهن ملڪ جو غدار سڏيو وڃي ٿو ۽ کين سدائين جيلن جو دهمان ته ڪڏهن ڪونڌر اغوا ڪري قتل ڪري جسم کي ڇاڻي بڻايو وڃي ٿو. سنڌ ڌرتي هن ملڪ جو بنياد رکندڙ سرزمين آهي، مذهبي طرح باب الاسلام به سنڌ کي سڏيو وڃي ٿو پر ساڳئي وقت تي لادين سڏي کين اسلام سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

هي جرنيل ڪرنيل ڪاڻا،
نمازن جو اسان کان ڪن ٿا پڇاڻا، (آڪاش انصاري)

تاريخ گواهه آهي ته هر شڪ ڪندڙ نگاهه جي نه صرف تاريخ موجود آهي پر سنڌ جا شاعر تاريخ رکندڙ شاعري به سرجي سانڍيون ويٺا آهن. هن ملڪ جا حڪمران رڳو اسان جي شاعري جي تاريخ جا جواب ڏيئي سگهن ته به سندن ست خون معاف!
هن ملڪ جي ٺاهڻ جي سزا ۾ هن سرزمين کي پناهگير ڪيمپ ۾ تبديل ڪرڻ کانپوءِ کين هر قسم جي سزا ڏني ٿي وڃي. سواءِ سندس جائز حق ۽ دليلن جي باقي هر شي ڏني وڃي ٿي. کين روڊن تي سرعام ڪچليو وڃي ٿو، ڦاهيون، ڦٽڪا، جيل ۽ گهاڻا ۽ بک وبدحالي ڏني وڃي ٿي. سندن پنهنجي ڪمائي ۽ پنهنجو حق ڏيڻ کي گناهه سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن جي ايم سيد، رسول بخش پليجو ۽ بشير خان قريشي پيدا ٿين ٿا ته کين ڌرتي ۽ وطن ڄائو سمجهي کين دليل ڏنا وڃن ۽ سندن ڪيس توڻي دليلن کي سمجهيو وڃي. سندن باغي روح ۽ ڪردار جو جائزو ورتو وڃي نڪي منجهان منهن موڙي کين دٻايو وڃي.

مغز ڪو باغ جاني نه ديجيو غالب
ڪه ناحق خون پرواني ڪا هوگا.

سنڌ جي چئن نوجوانن جو هڪئي وقت قتل وقت جي سفاڪي ۽ ملڪي صفن ۾ انتشار توڻي شهري درجه بندي جي علامت آهي. جتي آوازن کي دٻائڻ ۽ تاريخ جي حقيقتن کان منهن موڙڻ جي بوءِ اچي رهي آهي. جيڪا پڻ هڪ وڏي غلطي ۽ گندي سازش محسوس ٿي رهي آهي. جنهن جو نتيجو اڃا وڌيڪ بي اعتمادي ۽ سازش جون پاڙون مضبوط ڪرڻ جو اشارو آهي. سنڌ پهرين کان تمام گهڻي سماجي انتشار جي ور چڙهيل آهي، جتي قبيلائي ۽ سياسي بت پرستي هن قوم کي سوين نه بلڪه هزارين سال پٺتي ڌڪي وئي آهي، ڌاڙيل ڪلچر کان وٺي جاگيرداري نظام هن سماج کي اڳيئي اڏوهي جيان کائي رهي آهي مٿان تعليمي نظام کي هٿ وٺي سازشن سان تباه ڪيو ويو آهي. اهي سموريون ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر رت ضرور موٽ کائيندي آهي. هن سفاڪي کي ياد رکڻ گهرجي ته ضامن شاهه، اميد علي ڏهر، يامين چاچڙ ۽ افضل پنهور جهڙن نوجوانن جي عدالت کان مٿاڇري قتل جهڙا منصوبا ۽ ڪارناما جواب طلب ضرور آهن. وقت جا حڪمران يا تاريخ کي جواب ڏيڻو ئي پوندو. يا غالب جي مٿين شعر چواڻي واضح ڪري ڏنو وڃي ته هن باغ ۾ مغز (سوچ، سمجهه يا حق گهرڻ) کي اچڻ جي اجازت ئي ناهي ۽ هي باغ ان لاءِ ناهي سجايل پر صرف گادي واري شهر ۾ دهشتگرد شوڪت جي زندگي جي تحفظ ڏيندڙ ملڪ ئي آهي
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment