Hot News
Loading...

Article on Brave Son of Sindhu Desh


سارين جي هُٻڪاءَ، زيتونن جي خوشبو، مهين جو دڙو جي مانائتي مٽي واري مهڪ ۽ سياست ۾ پنهنجو منفرد مقام رکندڙ اتر سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ننڍڙي شهر رتوديرو ۾ غلام مرتضيٰ قريشي جي گهر 10 آگسٽ 1959ع تي هڪ ٻار جنم ورتو، جنهن جو ڇٽي تي نالو بشير احمد قريشي رکيو ويو، جيڪو وڏ پڻ۾ جڏهن سنڌ جي قومپرست تحريڪ جو حصو ٿيو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد کيس سچو ديشي پڪو ديشي ڪري پڪاريندو هو ته قومي ڪارڪن وري کيس محبت ۽ احترام مان وڏو ڪري به سڏيندا هئا ته سندس ارڏي ۽ شهزور طبيعت هئڻ ڪري کيس سنڌ جو ابوجهاد ڪري به پڪاريندا هئا. شهيد بشير قريشي، سائين جي ايم سيد جي قافلي اندر زندگي جي آخري هچڪي تائين سنڌ سان وفاداري جو نينهن نڀائيندي عملي طور به ثابت ڪري ويو ته واقعي هو سنڌ جو ابو جهاد به ثابت ٿيو ته هو پاڻ کي سچو ديشي پڪو ديشي به ثابت ڪرائي ويو.

سائين جي ايم سيد جي ٺاهيل جيئي سنڌ هلچل ۾ وقت بوقت سنڌ جا ڪيترائي نوجوان شامل ٿيندا رهيا جن مان ڪجهه نوجوان سيد جي فڪر جي ڇانو ۾ پنهنجا سياسي قدڪاٺ ٺاهي اڳتي هلي پنهنجون الڳ پارٽيون ٺاهي ويٺا ته ڪجهه وري ذاتي آسائشون هٿ ڪرڻ لاءِ وڃي مُلڪي مشينري جو حصو بڻيا پر شهيد بشير قريشي، سيد جي سَٿ جو اهو سچو سپاهي ثابت ٿيو جنهن پنهنجي زندگي جا 35 سال سچائي، محنت، جفاڪشي ۽ مخلصي سان سيد جي سوچ کي سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن تائين پهچائي عوامي اڳواڻ واري حيثيت ماڻي.

شهيد بشير خان قريشي 1976ع ۾ جساف ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1978ع ۾ پهريون ڀيرو جيل ويو، پاڻ 1980ع ۾ جساف زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو صدر چونڊيو ويو. 1981ع ۾ قومي جدوجهد سبب کيس يونيورسٽي مان رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. 15 جنوري 1985ع تي کيس رتوديرو مان گرفتار ڪيو ويو، ان گرفتاري دوران فوجي عدالت کيس ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڦٽڪن هڻڻ جي سزا ٻڌائي، لساني جهڳڙن دوران 1988ع ۾ کيس وري گرفتار ڪيو ويو، ان دوران بشير خان 18 مهينا جيل اندر رهيو. 1994ع ۾ گرفتار ٿيو ته سندس ان گرفتاري دوران 25 اپريل 1995ع تي جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جو وڇوڙو ٿيو ته بشير خان لانڍي جيل ڪراچي ۾ قيد هيو، سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کي قوت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ ۾ انضمام جي صورت ۾ جيڪو جيئي سنڌ قومي محاذ ٺهيو ته عبدالواحد آريسر کي ان جو ڪنوينر ۽ بشير خان کي جيل ۾ هئڻ باوجود جسقم جو ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو، ان کانپوءِ 1996ع ۾ بشير خان جسقم جو جنرل سيڪريٽري ۽ اڳتي هلي چيئرمين چونڊجي ويو. بشير خان شاگردي واري دور کان پارٽي جو چيئرمين ٿيڻ تائين جنهن به عهدي تي رهيو ته عهدي تي هوندي هو صرف عهديدار ٿي ڪم نه ڪندو هو، پر سنڌ ۽ سيد جو سچو عاشق بڻجي 24 ڪلاڪ ڪم ۾ جنبيل رهندو هو، هن جي سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ايتري محبت هئي جو سنڌ جي مختلف ذاتين ۽ قبيلن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي جا ڳاٽا لاهيندي ڏسندو هو ته سندس جيءُ جهري پوندو هو، جنهن ڪري پاڻ ميڙ منٿ قافلا وٺي انهن ذاتين جي چڱن وٽ پهچي ويندو هو ۽ کين ٺاهه لاءِ راضي ڪري وٺندو هو، جتي ڏسندو هو کانئس ڳالهه وس کان ٻاهر آهي ته اتي شاهه لطيف ڀٽائي جي گادي نشين جي ڀاءُ نازڻ شاهه کي وٺي ويندو هو، هي پهريون قومپرست اڳواڻ هيو جنهن پنجاب پاران سنڌ جو پاڻي چورائڻ  ۽ڪالاباغ ڊئم خلاف سڄو سڄو ڏينهن پنجاب ويندڙ رستا توڙي ريل جون پٽڙيون بند ڪري ڏيکاريون جنهن ڪري ئي ڪنهن به مسئلي تي هزارين سنڌي ماڻهو گڏ ڪري ڌرڻا هڻڻ وارو عمل هن جي سڃاڻ بڻجي ويو هو، جنهن کانپوءِ ٻين پارٽين ۾ به ملڪ جون مک شاهراهون بند ڪرڻ جو ڏانءُ آيو هو پر وڏي ڳالهه ته ٺٽي ضلعي ۾ اڏجندڙ ذوالفقار آباد رٿا خلاف جيڪو پهريون آواز اٿيو هو اهو به شهيد بشير خان قريشي جو ئي هيو. ان کان علاوه اهو ڪريڊٽ به بشير خان ڏانهن وڃي ٿو جو هن پنهنجي اباڻي ضلعي لاڙڪاڻي يا ٻين قومپرست ليڊرن وانگر حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مالڪي لاءِ پنهنجو گهر ڪراچي ۾ ٺاهيو، سڄي سنڌ خاص ڪري ڪراچي جي ماڻهن جي سالن کان مختلف پارٽين جي قومپرستن قيادتن کان اها گهر رهي هئي ته اهي سنڌ جا ڳوٺ ۽ ٻيا شهر ڇڏي اچي ڪراچي ۾ آباد ٿين پر ڪوبه قومپرست ليڊر ان وقت ڪراچي ۾ آباد نه ٿيو، پر سنڌ جي هن ارڏي پٽ سنڌي ماڻهن جي خواهش موجب سڀ کان اول ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪئي ته ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين ۾ هڪ قسم جو ساهه پيو جنهن ڪري ئي اڄ به چاڪيواڙي کان سچل ڳوٺ ۽ شانتي نگر کان ڀٽائي آباد تائين جا سنڌي ماڻهو سنڌ جي هن سوڍي پٽ کي ياد ڪري نير وهائيندا رهن ٿا. اهي ڳجها هٿ جيڪي سنڌ جا بنيادي حق غصب ڪرڻ جا ذميوار آهن اهي ڪنهن به طرح بشير خان جي ڪراچي ۾ رهڻ واري عمل مان بلڪل خوش نه هئا، تڏهن ته ڪراچي ۾ ئي مٿس ٻه خونخوار حملا ڪيا ويا جن حملن ۾ بشير خان پاڻ ته بچي ويو هو پر هڪ حملي ۾ جسقم جو وائيس چيئرمين قيوم منگي شهيد ٿيو هو ۽ ٻئي حملي م جسقم ٺٽي جو اڳواڻ مشتاق خاصخيلي شهيد ٿيو هو. بشير خان عملي طور ڪراچي تي سنڌين جي مالڪي ثابت ڪرڻ ۽ حق خوداراديت لاءِ پهريان 7 نومبر 2009ع ۽ پوءِ 23 مارچ 2012ع تي ڪراچي ۾ لکين سنڌي ماڻهو گڏ ڪري اسٽيبلشمينٽ توڙي انهن جي پاليل ڪراچي اندر موجود دهشتگردن جيڪي وقت بوقت ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا نعرا هڻندا رهن ٿا، انهن کي ڏيکاريو ته سنڌ جو چپو چپو سنڌين جو آهي ۽ سنڌ جي حق خوداراديت واري جدوجهد جاري رکنداسين ۽ ها!! هن جا اهي عمل هئا جيڪي سنڌ خلاف سازشون ڪندڙ هٿن کي بنهه پسند نه هئا، جنهن ڪري ئي ڳجهي سازش ذريعي سنڌ جي هن وفادار ارڏي ۽ غيرتمند پٽ کي 7 اپريل 2012ع تي موت جي ابدي ننڊ سمهاريو ويو ۽ هلي هلي بينظر ۽ مرتضيٰ ڀٽو وانگر هن جي خون کي به مختلف حربن سان رياستي ايجنسين ملياميٽ ڪري ڇڏيو. پر سنڌ اڄ به پنهنجي هن ارڏي سپاهي جي جدوجهد کي ناهي وساريو. سنڌي اڄ به هن جي جدوجهد کي سلام ڪندا رهن ٿا.

ڏهين آگسٽ سنڌ جي هن سورهيه پٽ شهيد بشير خان قريشي جو جنم ڏينهن آهي ان حوالي سان اسان به کيس سلام پيش ڪرڻ اسان گڏ سندس گهر وارن  لکين چاهيندڙن کي بشير خان جي 54هين سالگره جون واڌايون ڏيون ٿا.

جميل گاد
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment