Hot News
Loading...

Article On Shaheed Of Sindh

انسانيت جي المئي تي آزاد نظم . سنڌجي قومي شهيدن جي نانو. شاعر آدم



هي  ويران جڳهن ۾ ويران چهرا,
سنسان پريشان حيران چهرا,
ڪڏهن ڀلجي جن وٽ خوشي ڪين آئي,
جي آئي بِه, پل کن لئه مهمان آئي,
ٽٽل خواب نيڻن ۾ تن جي اڌورا
هي ويران جڳهن ۾ ويران چهرا
سنسان پريشان حيران چهرا
ٿيون اچن تن جون آهون ۽ دردن جون داهون,
سي بڻيون سڀ وڄندڙ, ٽلين جون صدائون,
ٿي فضا ۾ اڃان ڀي اچي گونج تن جي
۽
ڪا وڇڙيل وڳر کان رڙي ڪونج بڻجي,
جنهن جون لڙڪن سان ڀريل سوالي نگاهون,
لڇن ٿيون لڇن ٿيون, هر هر پڇن ٿيون,
ڇو لهي ٿو مقدر ڏکڙن سان لائون
اسان ڀي اوهان جيئن انسان آ هيون
ڪنهن جيجل جي خوابن جا, ارمان
آهيون,
دوا تنهنجي دردن جي درمان آهيون
ازل کان ابد تائين ڦاهيءَ تي ٽنگيل
خلائن ۾ جھلندڙ
صليبن تي لڇندڙ
ڪڙاهين ۾ پچندڙ
گولين سان ڀُڄندڙ
باهين ۾ سڙندڙ
تشدد وچان پيڙا مان چنگھندڙ
کولين ۾ رجھندڙ
مرندڙ ۽ جيئندڙ
ور ور ڏئي ڦرندڙ
سو رج جي اڀرڻ جا اعلان آهيون
يا پره جي پريءَ جا پيغام آهيون.
جي آ هيون به ناهيون خبر ناهي ڇاهيون؟
ڄڻ آدم ۽ هوا جي اولاد ناهيون
ڇو آشا هتڙي نراشا ٿئي ٿي
لهندڙ سج جا پاڇا ٿئي ٿي
قسمت به ڇا مان ڇا ڇا ٿئي ٿي
مسرت جا کڄندڙ جنازا ٿئي ٿي
ڏ کندڙ احساس تازا ٿئي ٿي
هر احساس کي آ پنهنجو پنهنجو چهرو
ڇو بره جي بهارن
پرينئن جي پڪارن
سُندر سُندر سهارن تي پهرو
ڇو گلڙن جي خوشبوءِ
پتين جي رنگت
۽ تن ساڻ
ڀنوري جي سنگت ڀري
ڀنڀناهٽ تي پهرو؟
ڇو مکڙين کي چاهي
ڳلي سان لڳائڻ
۽ لبڙن کي تن جي
لب سان ملائڻ
تي
پوپٽ جي پل پل چاهت تي پهرو؟
ڇو ڪويل جي ڪو ڪو
طوطي جي ٽين ٽين
بل بل سندي
چهچهاهٽ تي پهرو؟
ٻن پريمين جي چاهت
ڀري مسڪراهٽ مان
روحن کي ملندڙ راحت تي پهرو
ڄڻ آ بهارن جي مڙني نظارن تي پهرو
رٺل جن جي نيڻن کان سپنا سنهرا
هي ويران جڳهن ۾ ويران چهرا
سنسان پريشان حيران چهرا.
آ سنهري سپني مان آ واز آيو
اي فلڪ جا ستا رئو!
!اي فلڪ جا ستارئو !!
خلائن ۾ پکڙيل نوري نظارو !!!
اي روشن روشن حقيقت جا چارو
ڪو آ نازن سان ڀريل انداز آيو
ڪهڪشائن جي ڦرندڙ
جھرمٽن جي وچ ۾
آ
پر واز تي
لعل شهباز آ يو
ٿي جنهنجي پرن مان ڇڻي روشنا ئي
عاشق آ جنهن تي ساري خدا ئي
پر واز ۾ تنهن شهباز ا ندر
يا فطرت جي تنهن ڌُنِ ۽ ساز ا ندر
جها نن جا سارا نظارا ڦرن ٿا
بي ا نت تارا
فلڪ جا ڪنارا
چنڊ سيارا ڦرن ٿا
سڀ نقطن جي چوڏس
نظارا ڦرن ٿا
فطرت جي چئني
ڏسا ئن جي ا ندر
يا بي انت ڪهۡشائن جي ا ندر
لڳل آ هر جا
ستارن جو د يرو
جن خلائن ۾ ا ُڀري
ڪيو آ سو يرو
تن آ جھيڙيو سدا ئين
ا نڌ يرن سان جھيڙو
بيٺل آ جنهن تي
حيا تيءَ جو ٻيڙو
تنهن آ ٻيڙي مان ڪائي
چمتڪار آ ئي
عاشق آ جنهن تي
خدا جي خدا ئي
تون منهنجي حقيقت جو نور آهين
تڏهين ته ايڏو پر نور آ هين
تنهن نور جي ڪڍ
يا غور فڪر جي وچور جي ڪڍ
َ مخمور ٿي سَري شام
 سارا پتنگا ڦرن ٿا
سڀ مرڪيو مرڪيو حيا تيون ڏين ٿا
يا ارپي انهيءَ کي ڏاتيون ڇڏين ٿا
يا پنهنجون ذاتيون با تيون
۽ لا تيون ڇڏين ٿا
رڙن جنهنجي ڪڍهي
عاشق ٿا سارا
ٿا ڦرن پنهنجي راهن تي
نوري نظارا
هن بي انت ساگر جا
اڻ کٽ ڪنارا
جي هستيءَ ۾ پنهنجي
جلندا رهن ٿا
ڪاڙهي ا ندر ۾
ڪڙهندا رهن ٿا
ازل کان ابد کان ابد ڏانهن
ريڙهيون ڀرين ٿا
رڙهندا رهن ٿا
ڦرندا رهن ٿا
فطرت جي تنهن
ڌن ۽ ساز مان
يا نازن ڀريل ا نداز مان
يا ستل ڪنهن
مکڙيءَ جي خواب مان
يا بحري بازن سندي سرتاج
يا ڌاهپ سندي معراج مان
  يا سرخ شهباز جي پرواز مان
آ کنوڻين جي کجڪي جي
چمڪات آ ئي
يا لاٽن مان ٻرندڙ
ڪا لاٽ آ ئي
ڪا فصا ئن مان گو نجي
آ سر ٻاٽ آ ئي
تنهن سر ٻاٽ جي لاٽ مان
آ ا ٿيو ڪو پڙاڏو
آ پڙاڏي مان ا ڀري
هي پڙلاءُ آ يو
  ازل جو ابد ساڻ
سرچاءٌ آيو
  جو آ گونجي ٿيو ڪو
وڄن جو وراڪو
گرندڙ گجندڙ
گھٽا ئن جو نيا پو
مان ويران وستيون
وُ سائڻ هان آ يو
نگريون ستم جون
مِٽا ئِڻَ هان آ يو
سونهن سوراج جو گيت
ڳائڻ هان آيو
صداقت جي شمع
جلائڻ هان آيو
ٻرندي جا شمع
هر هڪ جي اندر
پکڙبي صداقت
گھرگھر ۽ در در
هيءَ فطرت جي سر جي
جا آ چادر
ڍڪي ٿي
ست سمندر جو سر
انهيءَ ۾ رکيل هِن
هي منهنجا دليل
جي اُڏائن ٿا شاهي
تختن جا پيل
پنهنجي تي جڏهين
هي پاڻهي اچن ٿ
انهيءَ جي اڳيان
تخت سراءِ جا
ڪنگرا لڏن ٿا
ڪهڪشائن ۾ ٽڙيل پکڙيل
ساريون پرٿويون
۽
آڪاش ڌڏن ٿا
  هي منهنجي حقيقت جا
تاڃي پيٽا ٿيئي يار
جيڪي اُ ڻين ٿا
صداقت جا ڄار
جڏهن هي حقيقت جي
جل تي پون ٿا
سوڌي سچاين جون
لعلون لهن ٿا
تن لعلن اڳيان
سڀ مسجد جا محراب
ڪليسا جا ڪنگرا
۽
مندر جي
هڪ هڪ ٿي
مورت لڙهن ٿا
تنهن صداقت کان
مڙئي ڪوڙا ڀڄن ٿا
مان سنسار جي
هر صداقت ۾ آ هيان
علم ۽ عمل جي طاقت ۾ آ هيان
تنهنجي ا ند ر جي عدالت ۾ آ هيان
مان فطرت جو ساڳئو ئي پيغام آ هيان
ا نڌ يرن ۽ آ نڌ ين جو ا نجام آ هيان
اوهان جو ساٿي همدم جو آ هيان
ساهن ۾ کڄندڙ دم دم جو آ هيان
ڌرتيءَ جي مٽيءَ جو خادم جو آ هيان
اوها جو پنهنجو آدم جو آهيان
جڏهن حقيقت ڪري ٿي
مونکي مٿ
تڏهن هر سلطان جو
ڄڻ من ٿو ڏڪي
هر سلطان ان لاءِ عزازيل آهي
جو انڪارِ دليل رزيل آهي.

 آدم شاه
لفظن جا مفهوم

1چئني ڏسائن يعني ڊيگھ ،ويڪر، اوچائي ۽ حرڪت
2 ٻيڙو اسانجي ڌرتي جو سيارو آ هي جيڪو خلائن ۾ تري رهيو آهي
ست سمنڊ انسان جا ست حواس آهن جن مان   ڇهڻ ، ڏسڻ، سنگھڻ، چکڻ، ٻڌڻ تي  مشتمل آهن اهي ٿيا عام پنج حواس جيڪي  اعليٰ قسم جي حيوانن ۾ ملن ٿا
  پر انسان جي پنهنجي تعارف ڪرائڻ جي صلاحيت انهيءَ جي ڇهين محسو سات يا حس آهي انهيءَ کان مٿي انسان جي بصيرت ڀري ٽين ڏاهپ ڀري اک آهي جيڪاقانونن جي ذريعي پوري فطرت جي گھراين ۽ وسعتن جو مشاهدو ڪري ٿي اها ماضيءَ جي ارتقائي ڪڙين ۾ به جھاتي پائي ٿي ته ماضيءَ جي روشني ۾ حال جي اندر پنهنجي ڪردار جو تعين به ڪري ٿي ته مستقبل جي امڪانن کي منهن ڏيڻ لاءِ منصو با بندي به ڪري ٿي 

 

Written by: Shah Adam

Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment