مان ته صبح هان شام ۾ لڪي ويندس
By: Shah Adam
مان ته صبح هان، شام ۾ لڪي ويندس،
ڌڙڪندڙ دل هان انجام تي رُڪي ويندس،
جڏهن به ياد ڪيئي تو ياد ۾ کڙي پوندس،
تنهنجي ذهن تي نئين باک ٿي ٽڙي پوندس.
ساري ڄاڻ تنهنجي سڃاڻ ٿي پوندس،
تنهنجي چُڀندڙ يادن جي کاڻ ٿي پوندس،
جڏهن به ياد ڪيئي تو ياد ۾ وري ايندس،
جي ڪيئي فرياد ته مان داد ٿي پوندس.
مان ته گيت هان سنگيت ۾ ڍلي ويندس،
يا ڪا پريت هان ريت سان ملي ويندس،
جڏهن به ياد ڪيئي تو آواز ۾ هلي ايندس،
تنهنجي ساهن جو ويساهه مان ته ٿي ويندس.
مان ته لڙڪ هان لار ٿي وهي پوندس،
تنهنجي اندر جي گهري پڪار ٿي پوندس،
جڏهن به ياد ڪيئي تو لاءِ مان لڙي پوندس،
پنهنجي هستيءَ کان سيلاب ٿي وڇڙي پوندس.
مان ته ڪا پرک هان پئمان ڪيئي ٿي پوندس،
آزادين جا اعلان ڪيئي ٿي پوندس،
جڏهن به ياد ڪيئي تو ياد ۾ ٽڙي پوندس،
مان سڳنڌ جو نئون واس ٿي پکڙي پوندس.
مان ته ناز هان انداز سان ڍلي ويندس ،
سُرخ شهباز هان تاج ٿي اڏي ويندس ،
جڏهن به ياد ڪيئي تو ياد تي تري ايندس،
سدا تنهنجي فرياد مان ته ٿي ويندس.
مان ته ڪا مُرڪَ هان کُڙڪَ بڻجي نچڻي هان،
ڪنهن جي ياد جي مان ٻڙڪَ بڻجي وڃڻي هان،
جڏهن به ياد ڪيئي تو ياد ۾ مان اچڻي هان،
مان هر دور جي فرياد بڻجي وڃڻي هان .
مان ته مَاڪَ هان پرڀات جو ئي پوڻي هان،
هر هڪ ڪليءَ جو شباب بڻجي اٿڻي هان،
جڏهن به ياد ڪيئي تو ياد ۾ مان اچڻي هان،
نيئن صبح جي فرياد بڻجي وڃڻي هان.
مان ته ڪا سوچ هان لوچ سان ئي رلڻي هان،
هر نئين ذهن ۾ پوک بڻجي پچڻي هان،
گهوري ڏس موهن جي دڙي جي نچڻي هان،
ٽانڊن تي رقص ڪري واپس اچڻي هان.
مان ته مٽي هان فطرت جي ڪائي گهٽي هان،
ڏس هٽائي پردو تنهنجي ئي ڳالهه چٽي هان،
مان ته لهر هان بحر ڏانهن ئي وڃڻي هان،
جڏهن به ياد ڪيئي تو ياد ۾ مان اٿڻي هان،
مان ته ڪا چيخ هان تاريخ بڻجي وڃڻي هان،
جڏهن به ياد ڪيئي تو ياد ۾ مان اچڻي هان.
مان ته ساز هان آواز سان ئي رلڻو هان،
هر نئين ڌن ۽ انداز سان مان ڍلڻو هان.
مان ته آواز هان فضائن ۾ گم ٿيڻو هان،
جڏهن به ياد ڪيئي ڪا گونج بڻجي ورڻو هان،
مان ته راز هان انداز بڻجي وڃڻو هان،
پنهنجي دور جي پرواز بڻجي وڃڻو هان.
Blogger Comment
Facebook Comment