سنڌ ڪيس جو مختصر تاريخي پسمنظر: شاهه آدام
انساني تاريخ جا ٽي قديم ترين مکيه تهذيبي مرڪز پئي رهيا آهن. جن مان هڪ سنڌو ماٿر جي تهذيب ٻيو واديئي نيل جي تهذيب ٽيون ميسوپوٽاميا جي تهذيب اچي وڃن ٿا. مطلب ته شاندار تاريخ رکندڙ ملڪن مان سر زمينِ سنڌ به هڪ رهي آهي جنهن جو ماضي نهايت شاندار با وقار ۽ پر عظمت پئي رهيو آهي هڪ طرف سنڌ جي سرزمين پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان دنيا جي مکيه سامونڊي گذرگاهن مان هڪ رهي آهي. ته ٻئي پاسي سنڌودرياءَ هن سرزمين کي صدين کان سيراب ڪندو رهيو آهي. ويتر جو قدرتي وسيلن جي جهجهائپ سان گڏ علم،ادب ۽ هنرن حرفتن سان مالامال هجڻ ڪري، دنيا جي ڦورن، لٽيرن، رهزنن ۽ بدمعاش قومن جون حريص نظرون سدائين سر زمينِ سنڌ جي پيداواري دولت ۾ پئي رهيون آهن. تنهنڪري هن سرزمين جي خوشحالي ٻاهرين ڦورو قومن ۽ نسلن کي سنڌ مٿان چڙهائي ڪرڻ تي سدائين پئي حرصايو ۽ اُڪسايو آهي. جنهنڪري سنڌي قوم صدين جي طويل ارتقائي سفر دوران آزادين ۽ غلامين جي لاهين چاڙهين مان پئي گذرندي رهي آهي. ڪڏهن سنڌ تي آريا حملي آور وارد ٿيا ته ڪڏهن عرب ، ايراني ته ڪڏهن ارغون ۽ ترخان ڪڏهن ساساني، ته ڪڏهن مغل ، ڪڏهن انگريز ۽ هاڻي پنجابي فاشزم جي فوجي بوٽن جي لتاڙ هيٺ پاڪستان جي جبري الحاق اندرمنهنجي قوم سنڌي قوم سميت ٻين مظلوم قومن کي واڙيو، غلام بڻايون ويٺو آهي.
سنڌي قوم هر دور ۾ پنهنجي سرن سان ڪفن ٻڌي پنهنجي وطن جي آزادي ۽ پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ وڙهندي رهي آهي، جڏهن اسين سنڌ جي تاريخ تي سرسري نظر ڦيرائينداسين تڏهن اسان کي 323ع کان 415 ع تائين سنڌ تي مقامي دراوڙ نسل جي راءِ گهراڻي جي حڪومت نظر ايندي. انهيءَ کانپوءِ 645ع کان 712ع تائين برهمڻ گهراڻي جي حڪومت نظر ايندي، جنهن سنڌ جي محبِ وطن خاندان جو آخري بادشاهه مهاراجا ڏاهر پنهنجي وطن ۽ سنڌي قوم جي دفاع جي جنگ وڙهندي شهيد ٿي ويو. ان کانپوءِ سنڌي قوم 712ع کان 854ع تائين غير سنڌي ،عرب حڪمرانن جي تسلط هيٺ رهي. 854ع کان پوءِ سنڌي قوم سنڌ جي سورمن سومرن جي اڳواڻيءَ ۾ عربن جي تسلط کي ختم ڪيو.سومرن کانپوءِ 1051ع کان 1350ع تائين سنڌ جي سما خاندان سنڌ جون واڳون سنڀاليون. 1351ع کان 1523ع تائين سنڌ هڪ دفعو ٻيهر غير قومي ڦورو لٽيرن ارغونن جي تسلط هيٺ اچي وئي .1523ع کان1560ع تائين سنڌ هڪ دفعو ٻيهر غير قومي ڦورو لٽيرن ترخانن جي تسلط هيٺ اچي وئي ۽ ترخانن جي لٽ مار جو شڪار رهي. اُن کانپوءِ 1560ع کان 1575ع تائين مغل سامراجيت جو پهريون دور رهيو. ۽ 1575ع کان 1682ع تائين مغل سامراجيت جو پويون دور رهيو. 1520ع کان 1700ع تائين سنڌي ماڻهون سنڌ جي قوميتي تڪميل ۽ آزاديءَ جي جدوجهد هلائيندڙ ميانوال تحريڪ جي قيادت هيٺ جيڪا 200 سالن تائين مغل سامراج سان مسلسل وڙهندي رهي. آخرڪار سن 17 صدي عيسوي ڌاران مقامي ڪلهوڙن صدين جي قومي غلاميءَ مان سنڌ کي آزاد ڪرايو ۽ پنهنجي نئين آزاد رياست جو بنياد رکيائون. انهيءَ دور ۾ نه صرف سنڌ جون جديد سرحدون بحال ٿيون پر ان سان گڏ سنڌي ادب به پنهنجي عروج کي رسيو . ڪلهوڙن 550 واهه کوٽائي ايشيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي نظام جا بنياد وڌا ۽ سنڌي معاشري کي قوميتي انقلاب ذريعي قبائليت کان قوميتي تڪميل طرف وٺي آيا. سندن حڪومت 1782ع تائين رهي.
سترهن سئو ٻياسيءَ کان ارڙهن سئو ٽيتاليھ تائين سنڌ تي ٽالپرن جي حڪمراني رهي. جيڪي فوجي بغاوت جي ذريعي اقتدار تي رسيا هئا
. سترهن اپريل ارڙهن سئو ٽيتاليھ عيسوي تي چارلس نيپيئر سنڌ تي چڙهائي ڪري سنڌ تي انگريزي تسلط قائم ڪري ورتو. اهڙيءَ طرح سنڌ هڪ دفعو ٻيهر ڌارئي انگريز سامراج جي غلام ٿي وئي. انگريز سامراج ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ذريعي پنهنجو سياسي اثر رسوخ وڌائيندي آخرڪار جديد اسلحي جي زور تي ڏکڻ ايشيا جي هڪ هڪ رياست کي الڳ الڳ ، انهن جي آزاديءَ کي صلب ڪندي پنهنجي قبضي هيٺ آندو.
ارڙهن سئو ٻياسي عيسويءَ.
تائين انهن آزاد رياستن کان تاريخي حيثيت کسي، دهليءَ جي نئين انگريز سلطنت جي تابع ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ
کي 1843ع ۾ فتح ڪرڻ کان پوءِ چئن سالن اندر 1847ع ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو بڻايو ويو. سنڌ ۾ پنهنجو الڳ قومي تشخص برقرار رکڻ جي خواهش جيئن پوءِ تيئن زور پڪڙڻ لڳي. نيٺ 85 سالن کان سنڌجي وڃايل تاريخي حيثيت بحال ڪرڻ لاءِ اُن وقت جي محبِ وطن سنڌي هندو سرمائيدارن ۽ سنڌي مسلم ميمبرن رهبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ کي بمبئيءَ کان آزادي ڏيارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.1939ع کان 1945ع تائين ٻين عالمي جنگ جرمني جي امن معاهدي تان ڇڙي ، اتحادين پاران جرمنيءَ تي قبضو ڪري اُن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. جنگ جي نتيجي ۾ پوري يورپ، ٻي عالمي جنگ کان ٻاهر اچڻ کانپوءِ ٻن بلاڪن ۾ ورهائجي وئي. اهڙيءَ طرح تنهن وقت جي عالمي سامراج کي قومي تحريڪن جي اُڀار سبب ڏکڻ ايشيا مان پنهنجا پيراُکڙندي نظر آيا. اُن وقت جو برطانوي انٽيليجنٽ آفيسر ڪرنل فلپ تنهن وقت جي سنڌ جي آزاديءَ جي گوريلا حُر تحريڪ تي تبصرو هن ريت ڪري ٿو ته ”جيڪڏهن حُر تحريڪ کي مختلف سازشن ذريعي ناڪام نه بڻايو وڃي ها ته هن خطي مان اسان جا پير اُکڙي وڃن ها، تنهنڪري اسان فيصلو ڪري ڇڏيو ته سڄو هندستان ڇڏي سگهون ٿا پر اُن وقت سنڌ ۽ بنگال نٿي ڇڏي سگهياسين ڇاڪاڻ ته ڪراچي بندر دنيا ۾ مظبوط ترين بندر آهي، ٻيو ڪلڪتي بندر تي جيڪڏهن جپانين سباش جي مدد سان قبضو ڪري ورتو ته ايشيا ۾ اسان جو خاتمو اچي وڃي ها، اڄ ڪله به انهن بندر جي اُها ئي اهميت آهي. چين ته ڪلڪتي بندر تي نظرون کوڙيون ويٺو آهي. ايشيا ۾ اسين انهن ٻنهي بندرن جي ڪري تسلط قائم رکي سگهياسين نه ته 1945ع ۾ سڄي ڏکڻ ايشيا تي جپان جو قبصو هجي ها.“
جيتوڻيڪ انهيءَ عالمي جنگ جي نتيجي ۾ عالمي سياست ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي چُڪي هئي. هڪ سوشلسٽ ڪئمپ جي سرواڻي سابقه سوويت يونين ڪري رهيو هو ته ٻي سرمائيدار ڪئمپ جي سرواڻي تنهن دور جو آمريڪا مهاراج ڪري رهيو هو. ڏکڻ ايشيا جي صورتحال ڪجهه اهڙي هئي، جنهن عالمي سامراج کي اِهو محسوس ڪرايو ته جيڪڏهن اُهو هن ننڍي کنڊ مان نڪري ويندو ته سڄو جو سڄو ڏکڻ ايشيا سوشلسٽ ڪئمپ جي زيرِ اثر هليو ويندو. ڇو جو هندستان،افغانستان ۽ ايران ۾ سوشلسٽ ڪئمپ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري چڪي هئي، ٻئي پاسي چين ۾ انقلاب جي لاءِ صورتحال پڪي پختي ٿي تيار بيٺل هئي. سوويت يونين جي ايراني نار يعني گرم پاڻي ۽ هندي عربي مهاساگر تي قبضي ڪرڻ جا امڪان چٽاپٽا بيٺا هئا. سوويت يونين عربي سمنڊ، هندي مهاساگر ۽ ايراني نار تي ڪنٽرول ڪري وچ اوڀر جي عرب سلطنتن تائين پهچي، تنهن دور جي سرمائيدار ڪئمپ کي مفلوج بنائڻ پيو چاهي، انهيءَ سڄي صورتحال جي خطري کي محسوس ڪندي عالمي سامراجي ڪئمپ کي هن خطي ۾ اهڙي مهاڙي واري رياست يعني فرنٽ لائين اسٽيٽ جي ضرورت پيش آئي. جيڪا هن خطي ۾ عالمي سامراجي مفادن جو پورائو ڪري سگهي. اِهو ئي سبب هئو جو ”چرچل“ مسٽر ”جناح“ کي گهرائي پاڪستاني رياست جي قيام جي باري ۾ اتساهيو ۽ اندرونِ خانا پنهنجي وفادار پنجابي فوج ،جن 1914ع ۾ انگريز سامراج جي چوڻ تي خانه ڪعبه تي 14 روپين جي تڇ ڪرائي تي گوليون هلايون. انهيءَ جي سلي طور پنجابي جنرل سڪندر حيات کي پاڪستاني بنياد پرست رياست جون واڳون سونپڻ لاءِ منصوبه بندي تيار ڪري ڏني وئي. پاڪستان جي مسلمان رياست طور وجود ۾ اچڻ جو مکيه سبب اهو ئي هوته پاڪستان جي ذريعي مسلمان رياستن ۽ دنيا ۾ پکڙيل مسلمانن کي ڪٺو ڪري سوشلسٽ ڪئمپ خلاف عالمي جهاد جو ماحول تيار ڪجي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر جي مسلمان رياستن جي مٿان عالمي سامراج پنهنجا من پسند ڊڪٽيٽر ويهاري ڇڏيا ته جيئن سوويت سوشلسٽ ڪئمپ جي اُتي داخل ٿيڻ جا دروازا بند ڪيا وڃن، اهڙيءَ ريت مڊل ايسٽ ۾ سامراج نواز آمريتون مڙهيون ويون. 1947ع ۾ پاڪستاني رياست ٺهڻ شرط ئي 1940ع جي قرارداد جي انحرافيءَ ڪئي وئي، جنهن 1940ع جي ٺهراءَ جي پيراگراف ۾ لکيل آهي ته اسان 1935ع جي ڪالونيل ايڪٽ کي مڃون ئي نٿا نه ئي برصغير جي آزاد رياستن کي صوبن جي طور تي تسليم ڪيون ٿا پر پنجاب اسٽيٽس جي جڳه تي سنگل اسٽيٽ جو تصور اڀاري آيو. اهو سنگل اسٽيٽ جو تصور دراصل سامراجي تصور آهي. يعني ٻين جي قومي سرحدن جي انڪار جو نالو آهي پاڪستان جهڙي گھڻ قومي بدمعاش ، بنيادپرست رياست انتهائي مڪاري ۽ اياريءَ سان اصطلاحن جي هيرا ڦيريءَ سان مختلف آئيني جواز گھڙي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي قومي حقن تي ڌاڙو هڻدي آئي آهي.اڻويه سو اٺيتاليھ ڌاران جنرل آرڪو ٿرون ذريعي
جيئن ئي ڀارت سان گڏ پاڪستان جنگ کان ٻاهر آيو تڏهن برطانوي سامراج هڪ آسٽريلوينزاد جنرل آرڪوٿرون ذريعي پاڪستاني فوج کي انٽيليجنس ادارو آءِ ايس آءِ ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي. آءِ ايس آءِ سڀ کان پهريان جناح کي سلو پوائزن ذريعي ڀڳل ايمبولينس ۾ دم ٽوڙايو، اڻويھ سئو ستيتاليھ کان اڻويھ سئو اڻونجاھ تائين سياسي عدم استحڪام واري صورتحال پيدا ڪندي سورهن آڪٽوبر اڻويھ سئو ايڪونجاھ ڌاران لياقت علي خان کي پنجابين جي مفاد ۾ ٺاهيل مالياتي ريزمين ايوارڊ جي مخالفت ڪرڻ ڪري ، پنهنجي رستي تان ڪمپني باغ تي گولين جو نشانو بڻائي هٽائي ڇڏيو. اها آءِ ايس آءِ ئي هئي جنهن اڻويھ سئو اٺيتاليھ ۾ بلوچستان تي حملو ڪرائي، اُن کي زوريءَ پاڪستان ۾ شامل ڪيو هو.صرف1947ع کان 1958ع تائين 11 سالن ۾ پاڪستان جا اٺ حڪمران تبديل ٿي چُڪا هئا، جنهن نسياسي عدم استحڪام تي تبصرو ڪندي جواهر لعل نهرو چيو هيو ته” ايترين سالن ۾ مون ايترون ڌوتيون به تبديل نه ڪيون آهن جيترا پاڪستان جا حڪمران تبديل ٿيا آهن. “ 1962ع۾ بلوچستان جي آزادي پسند محبِ وطن انسان نوروز خان جڏهن بلوچستان جي قومي ڦرلٽ جي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو تڏهن فاشي پنجابي فسطائين مڪاري ۽ چالاڪيءَ سان قرآن جي آڙ ۾ هن بهادر انسان کي ڳالهين جي بهاني سان گهرائي بلوچستان جي حقن تان دستبردار ٿيڻ لاءِ اُن جي ستن پٽن کي هڪ هڪ ڪري نوروزخان جي آڏو ڦاهي ڏني پر هن بهادر انسان پنهنجي ماتر ڀومي مٿان پنهنجو ٻچو ٻچو قربان ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي مقصد تان تر جيترو به نه هٽيو اهڙيءَ طرح پنجابي فاشي درندن هٿان پاڻ جيل اندر قيد ۽ بند ۾ ماريو ويو.
سورهن آڪٽوبر اڻويھ سئو ايڪونجاھ ڌاران راول پنڊيءَ جي کليل ميدان ۾ وزيرآعظم لياقت علي خان کي ڀري جلسي ۾ پنجابي ايجنسي آءِ ايس آءِ گولين جو بک بڻايو. پنجابي فاشزم جي ڪروڌجو شڪار بڻجي پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح کي جمهوريت جي ڳاله هڪرڻ تي گولين سان پروڻ ڪيو ويو.
اڻويھ سئو چوونجاھ ڌاران جنرل ايوب جي مارشلا جي داداگيريءَ هيٺ پنجابين ون يونٽ جي فاشي منصوبي جو نفاذ ڪيو ته جيئن پنجابي باقي مظلوم قومن کان انهن جي تاريخي سڃاڻپ کسي انهن جي تاريخي حيثيت جي انڪار جو جواز پيدا ڪري. اهو ئي سبب هئو جو پنجابي ذهنيت اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جو تصور اوڀاري پوري ايوبي آمريت جي دور ۾ قومن جي خلاف ڀيانڪ سازش جو ميدان استوار ڪري آيا ته جيئن پنجاب سامراج مغربي پاڪستان اندر جبري الحاق ۾ واڙيل مظلوم قومن جي سياسي توازن کي ڪنهن به ريت پنهنجي حق ۾ تبديل ڪري. اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي تصور کي اڀاري ڪجهه اوڀر پاڪستان يعني بنگال مان سيٽون کڻي ۽ اوله پاڪستان مان اڪثريتي سيٽون کڻي ته جيئن بنگال کي سياسي محاذ تي شڪست ڏئي سگهي ۽ مظلوم قومن جي تاريخي حقن ۽ قومي وسيلن تي ڌاڙن هڻڻ جي سرزمين هموار ڪري سگهي.
اڻويھ سئو چوونجاھ کان اڻويھ سئو ستر عيسوي ۾ آءِ ايس آءِ ون يوٽ جو منصوبو انهيءَ لاءِ جوڙايو هو ته انهيءَ جو لاڀ ايندڙ دور ۾ لڻي. جيتوڻيڪ پنجابين جي تمام وڏي خطرناڪ سازشي نيٽورڪ جي باوجود عوامي ليگ پارٽي اڪثريت سان اولهه پاڪستان جي پنجابي سازشي نانيءَ ويڙهي کي اليڪشن ۾ ذلت آميز شڪست سان همڪنار ڪيو. عوامي ليگ 6نقاطي پروگرام کي ملڪ ۾ نافذ ڪري قومن کي صوبائي خودمختاري سان گڏ تاريخي تشخص جو موقعو فراهم پئي ڪيو.
پاڪستان ٺهڻ وقت پنجابي، فوج ۽ آءِ ايس آءِ تي قابض هئا سياست بنگال جي ذريعي مظلوم قومن جي حق ۾ هئي ۽ معيشت سنڌ جي ميمڻ،ڪاٺياواڙي ۽ بوهري سرمائيدار جي هٿ ۾ هئي، پنجابين جي آءِايس آءِ کي هڪ اهڙي سياسي شخصيت جي ضرورت هئي جيڪو سنڌ جي ووٽ بينڪ کي يرغمال بڻائي پنجاب سامراج جي آڏو هڪ سياسي جوا جي پتي جي طور تي ڦٽو ڪري. آخرڪار پنجاب سامراج جي ڳجهي اداري آءِ ايس آءِ کي اهڙو شخص ”مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو“ ملي ويو جنهن کي سياسي شهرت جي اُفق تي پهچائي سنڌي عوام جي حمايت وٺرائي اُن سنڌي قوم جي ووٽ بينڪ جي يرغماليت کي سنڌ ڪارڊ جو نالو ڏنو. جڏهن 1971ع جي اليڪشن ۾ مجيب رحمان 167 کان169 سيٽون کڻي آيو ۽ ڀٽو صرف اولهه پاڪستان ۾ 85 سيٽو ن کنيون ته پاڪستان جي سربراه جنرل يحيٰ خان ڀٽي ۽ آءِ ايس آءِ جي اشارن تي اقتدار مجيب رحمان جي حوالي ڪرڻ بجاءِ 30 لک معصوم بنگالي عوام جو قتلِ عام ڪرايو ۽ 5 لک بنگالي عورتن جون عصمتون لٽي بنگال کي پنهنجي رستي تان هٽائي الڳ ڪري جمهوري محاذ تي قبضو ڪري آءِ ايس آءِ دم پٽيو.
پاڪستان پنهنجي پراڻي آئيني حيثيت وڃائي چڪو هو. تنهنڪري جيئن ته پاڪستان هڪ آئيني دستاويزي رياست هو اُهو اُن آئين جي ٽٽڻ سان گڏ پاڻ به ٽٽي چڪو هو ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته اُنوقت قومن کي اعتماد ۾ وٺي نئين سر قومن جي وچ ۾ هڪ آئيني معاهدو ٻيهر طئي ٿئي ها پر پنجاب سامراج جو بنگالين کي هٽائڻ جو مقصد ئي اهو هو ته جيئن هو اسيمبليءَ جي اندر مظلوم قومن کان ميمبرن جي عددي اڪثريت ذريعي محڪوم قومن مٿان پنجاب جو دستوري سامراجي تسلط قائم ڪري سگهي.
اهو ئي سبب هيو جو سائين جي ايم سيد 1971ع جي واقعي کانپوءِ 1972ع ڌاران جيئي سنڌ نوجوان محاذ جا بنياد رکيا ۽ چيائين ته هاڻي پاڪستان ۾ پارليامينٽ پنجاب وٽ يرغمال ٿي چُڪي آهي تنهنڪري هاڻي پارلياماني سياست جي ذريعي قومي جمهوري حق وٺڻ پاڇي کي ڪُٽڻ برابر آهي.
اهو ئي مکيه ڪارڻ هو جو بلوچستان جي محبِ وطن ماڻهن 1972ع۾ جڏهن پنهنجي قومي حقن ۽ قومي تشخص جي بحاليءَ جي جدوجهد هلائي ته هڪ طرف بلوچستان جي 40 هزار آزادي پسند غيور بلوچن جي رت سان بلوچستان جي ڌرتي کي رنگيو ويو ته ٻئي طرف بلوچستان جي مائرن ڀينرن ۽ ونين کي ڳڀرو پٽن،ڀائرن ۽ ورن جا تحفا ڏنا ويا ۽ ٽئين پاسي ڀٽو کي ٽيڪرون ڏئي اقتدار جو ڪاٺ ڪلهي تي کڻائي 73ع جو تاريخ دشمن آئين پاس ڪرائي مظلوم قومن کي چوکنڀو ٻڌي پنجابي لانگ بوٽن جي آڏو قانوني ۽ دستوري طور ڦٽو ڪرڻو هو. ڇو جو ان آئين ۾ ٻين ڪالونيل حرام پائن سان گڏوگڏ پنجاب جو قومي اسيمبليءَ ۾ سيٽن جو تعداد ٽنهي صوبن کان وڌيڪ رکيو ويو.
ڀٽو دور حڪومت ۾ 1973ع ڌاران پنجاب سامراج هٿرادو ٻوڏ ڪرائي پي. پي .پي حڪومت کان چشما جهلم لنڪ ڪئنال۽ تونسا پنجند بئراج سنڌو درياءَ جي مٿان ڪڍرايا ۽ هڪ معاهدو ڪيو ته ٻوڏون پنجن ڇهن سالن کان پوءِ اينديون آهن انهن جو پاڻي پنجاب موٽندو نه ڪي سنڌ جي پاڻي تي ڪو حق واسطو رهندو، پر پنجاب ٻارنهن ئي مهينا پاڻي کڻندو رهي ٿو ۽ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندو رهي ٿو. ناڻي جي ورڇ وسيلن بجاءِ آباديءَ جي بنياد تي ڪئي وئي. ناڻي جي اڳئين سويلين ضابطي جي ميمبر عبدالڪريم لوڌي جو چوڻ هو ته اها مالياتي ڪميشن پنجابين جي مفادن جي پورائي لاءِ ئي آهي. اين ايف سي ۾ پنجاب کانسواءِ ٽنهي صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي.ايڪهتر عيسوي جي خونريزيءَ کان پوءِ هن فاشي قوم جون واڇون مظلوم قومن جي رت پيئڻ تي ايڏو ته هري پيون آهن جو ماڻهپي جا سڀئي ليڪا لتاڙي هن قوم جو هر ٻچو ٻچو راڻو رنجيت سنگهه بڻجي پيو آهي جيڪو فاشي مهم ۾ هزارين پٺاڻن کي ماري انهن جي لاشن جي مٿان ناشتو ڪندو هئو.
در حقيقت هر گهڻ قومي رياست پنهنجي جوهر ۾ غير قومي رياست هوندي آهي ۽ هر غير قومي رياست غير فطري رياست هوندي آهي جيڪا پنهنجي حتمي نتيجي ۾ مظلوم ۽ محڪوم قومن جو قيد خانو هوندي آهي. ۽ هر قسم جو قومي قيدخانو قومن جو جبري الحاق هوندو آهي. جتي مٿي بيان ڪيل سازشي چالبازين ذريعي قومن کي زبردستي چنگل ۾ ڦاسايو ويندو آهي. ۽ انهن جو ڀرپور استحصال ڪرڻ لاءِ انهن جي تاريخي حيثيت جو انڪار ڪيو ويندو آهي.
ساڳيءَ طرح پنجاب سامراج پاڪستاني قومي قيد خاني ۾ مظلوم قومن جي نه صرف تاريخي حيثيت جي انحرافي ڪندو آيو آهي بلڪه قومي حقن گهرڻ تان قومن مٿان مسلسل فوجي چڙهائن ذريعي پنهنجو سامراجي تشدد به ڪندو آيو آهي، جنهنڪري پاڪستان جي پوريءَ تاريخ مظلوم قومن جي رت سان رنڱيل آهي 83 ع ۽ 86ع دوران ايم آرڊي جي دولاب ۾ هزارين سنڌي ماڻهن کي جيلن ۾ واڙي اذيت ناڪ سزائون ڏنيون ويون. اُنهن کي ٿاڻن تي ننگو ڪري سچو پترن ۽ ٻين ذلت آميز سزائن جو نشانو بڻايو ويو عورتن کي وارن کان پڪڙيٽرڪن ۾ ڦٽو ڪيو ويو ۽ انهن کي مختلف ٿاڻن ۾ آندو ويو ۽ انهن جي بيحرمتيءَ جي حد اها هئي جو انهن جي شلوارن ۾ ٻليون وڌيون ويون، هڪ ماءُ هڪ معصوم ٻار جي زندگيءَجي خيرات وٺڻ لاءِ جڏهن هنن درندن آڏو قرآن مجيد کڻي ٻار جي آڏو جهليو تڏهن پنجابي فوجين انهن تي رحم ڪرڻ بجاءِ ننڍي ٻار آڏو جهليل قرآن تي گوليون هلائي ٻارڙي کي شهيد ڪري ڇڏيو. هنن فوجي درندن احمد خان برهماڻي جي ڳوٺ تي هيليڪاپٽرن سان بمبارمينٽ ڪري پوري ڳوٺ کي دونهي جي ڌنڌ ۽ باهه جي شعلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جتان انساني سڙيل ماس جي بوءِ اچي رهي هئي. هنن چادر ۽ چوديواري جي تقدس کي پامال ڪري ڳوٺن ۽ گهرن جا لوڙها لتاڙيا ۽ سنڌ جي عوام تي سڌيون گوليون هلايون ويون. 17 آڪٽوبر1984ع تي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شاگردن تي ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ سڌيون گوليون هلايون ويون جنهن ۾ 5 شاگرد شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس آءِ اسان جي رهبر سائين جي ايم سيد کي 32 سال قيد ۽ نظر بند رکي 95 سالن جي عمر ۾ کيس نظربنديءَ دوران کيس لنڊن علاج لاءِ وڃڻ جي به اجازت نه ڏني جنهن ڪري هن پوليس جي پهري هيٺ اسپتال ۾ دم ڏنو. 1995ع ۾ 4 مارچ تي جيئي سنڌ متحده محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين شهيد سميع الله ڪلهوڙي کي ٽارچر ڪيمپ ۾ تشدد ڪري سندس ميت قومي تحريڪ کي تحفي ۾ ڏني،هنن شهيد ممتاز ڀٽي جي گهر تي هينڊ گرنيٽ ڦٽو ڪيو جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو ۽ ساڳيئي قسم جو ٻيو واقعو ڪري پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪولاچي کي پڻ شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته چند ئي ڏينهن کانپوءِ پارٽي جي هڪ نوجوان دانشور پروفيسر اعجاز سولنگي کي قتل ڪيو ويو ۽ اهڙائي ماورائي عدالت قتل 21 اپريل 2011ع تي جسمم جي ٻئي سينيئر وائيس چيئرمين شهيد سرائي قربان کهاوڙ، مرڪزي فنانس سيڪريٽري روپلو چولياڻي ۽ سندس ساٿي نورالله تنيو جي گاڏيءَ تي فائرن ڪرڻ کان پوءِ ڪيميڪل هاري سندن گاڏيءَ کي باهه ڏئي کين جيئرو ساڙيو ويو، جن مان نورالله تنيو اتفاق سان بچي نڪتو جنهنجو پڻ 80 سيڪڙو جسم سڙيل هيو. جنهن بي بي سي ورلڊ کي انٽرويو ڏيندي هن آءِ ايس آءِ جي خوفناڪ چهري تان پردو هٽايو، تنهن کانپوءِ هڪ سال جي عرصي ۾ ئي جسمم جي جنرل سيڪريٽري مظفر ڀٽو کي 29 مهينا ٽارچر سيل ۾ غيرانساني تشدد ڪري سندس جو تشدد ٿيل ۽ گولين سان پروڻ لاش 22 مئي 2012 ع تي حيدرآباد ڀرسان هٽڙي قبرستان لڳ اُڇلايو ويو. چوويھ اڪٽوبر ٻه هزار تيرهن تي جسمم جي ٻن قومي ڪارڪنن سجاد مرکنڊ ۽ عامر کهاوڙ کي ايس ايس پي لاڙڪاڻو پير محمد شاھ ۽ ايس ايڇ او جي ڪمان هيٺ سندن گھرن وٽان گرفتار ڪري کڻي ويا. 25 اپريل تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي ڪامياب جلسي جي ردعمل ۾ اڄي پاڪستاني رياست جي سفاڪ قاتلن جي هٿان چئن ڏينهن کان غير انساني تشدد هيٺ رهيا ۽ آخرڪار انهن جي چچريل لاشن کي خيرپور ناٿن شاھ باءِ پاس وٽ ڦٽو ڪيو ويو ۽ ان کان علاوه ڪيترن ئي قومي تحريڪ جي ڪارڪنن کي پاڪستان جي دهشتگرد خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ جي ٽارچر ڪئمپن ۾ واڙيو ويو آهي، سنڌين سان گڏ بلوچستان جا ڪيترائي حريت پسند ڪارڪن ۽ اڳواڻ نه صرف ٽارچر ڪئمپن ۾ واڙي گم ڪيا ويا آهن پر انهن جا روزانو چچريل لاش پڻ ملي رهيا آهن.
پنجاب سامراج سنڌ جي قومي سرمائيدار کان اقتصادي منڊي کسڻ کانپوءِ 80ع جي ڏهاڪي تائين پنهنجي سامراجي تڪميل ماڻي ورتي پر اها ڪا سنڌي قوم ۽ ٻين مظلوم قومن جي خوشنصيبي آهي جو عالمي تاريخي حالتون سندن حق ۾ وڃي رهيون آهن جو90ع ڌاران آمريڪا سوويٽ يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ نيو ورلڊ آرڊر جو اعلان ڪيو. جيڪو درحقيقت سرمائي جي عالمگيريت ۽ دنيا ۾ قومي غلامين جي خاتمي لاءِ آزاد ۽ خودمختيارقومن جي بين الاقواميت جو اعلان نامو آهي. تڏهن ئي آمريڪن صدر باراڪ اوباما اِهوکليل اعلان ڪيو ته ڪا به هڪ قوم ٻي قوم کي غلام نٿي بڻائي سگهي. انهيءَ اعلان نامي جي پٺيان تاريخ جو اهو معروضي منطق سمويل آهي ته اڄ جي دور ۾ پهرين دنيا جي جنسِ تجارت ٽين دنيا ته، ٽين دنيا ، پر پنهنجي ئي مارڪيٽ ۾ مقابلي ڪرڻ جي اهل ناهي. ڇو جو پوري پهرين دنيا جا معاشرا سبسڊيز تي هلي رهيا آهن. اُتان جي ماڻهن کي چڱا خاصا بيروزگاري الائونسز،ميڊيڪل جون سهوليتون ۽ معياري تعليم مفت ۾ ملي وڃي ٿي. تنهنڪري پهرين دنيا ۾ هڪ ته قوتِ محنت انتهائي مهانگي ٿي وئي آهي، ٻيو جهازن،عملي ۽ تيل جا خرچ ۽ ٻيو گذر گاهن جا محصول ڀرڻ کانپوءِ پهرين دنيا جي ٺهندڙ جنس خود پهرين دنيا ۾ ئي چين جي ٺاهيل جنسن جو مقابلي ڪرڻ جي اهل نٿي رهي. ته اُها ٽين دنيا ۾ چين سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهندي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا پنهنجون 90 سيڪڙو انڊسٽريون چائنا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪري چڪوآهي. هاڻي پهرين دنيا کي ٽين دنيا ۾ پر امن منڊين جي تلاش آهي جيڪي پر امن منڊيون قومي سوالن جي حل کانسواءِ ناممڪن آهن. ڇو جو جيستائين ٽين دنيا اندر قومي رياستون وجود ۾ نٿيون اچن تيستائين سرمائي جو تحفظ ڪرڻ ناممڪن آهي انهيءَ ڪري پهرين دنيا ٽين دنيا جي اندر پر امن منڊين کي قائم ڪرڻ لاءِ نه صرف مظلوم قومن جي ڇوٽڪاري جو نعروهڻي رهي آهي پر ٽين دنيا جي قوتِ خريد جي دائري ڪار کي وڌائڻ لاءِ ٽين دنيا ۾ غربت جي خاتمي جو نعرو به هڻي رهي آهي.
تنهنڪري آءٌ هن صديءَ کي سرمائي جي عالمگيريت ۽ غلاميءَکان آزاد ۽ خودمختيار قومن جي بين الاقواميت جي صديءَ جو نالو ڏيان ٿو ۽ دنيا جي مظلوم قومن کي اِهو پيغام ڏيان ٿو ته جيڪا به قوم آزادي ماڻي ٿي اُها ٻين مظلوم قومن جي آزادين ڏانهن وڌڻ جو رستو صاف ڪري ٿي.
هي مختصر ڪيس بيان ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ڪس کي وڌيڪ تفصيلي طور سمجهڻ لاءِ مان ڪجهه ڪتابن ۽ مضمونن جا حوالا اوهان دوستن آڏو دستاويزي طور تي پيش ڪريان ٿو.
جيئي سنڌوديش جيئي دنياجي مظلوم قومن جي آزادي پسند جدوجهد
مهرباني
حوالا
سنڌڳالهائي ٿي، ڪتاب جي ايم سيد
سنڌوديشڇو ۽ ڇا لاءِ، ڪتاب جي ايم سيد
مظهرجمال جو مضمون هينئان مڃ نه هار، ساڃاهه رسالو.
شهيدديش ڀڳت شهيد ذوالفقار ڪولاچي، کاهوڙي رسالو
عالمي دهشتگردي جو سرتان پاڪستان هاڻي ٽٽڻ گهرجي: کاهوڙي رسالو
Blogger Comment
Facebook Comment