Hot News
Loading...

Article On 23 March

بشير خان قريشي چيئرمين جيئي سنڌ قومي محاذ تاريخ23مارچ2012ع

جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي آزادي مارچ ۾ ڪيل تقرير جو مڪمل متن جسقم ميڊيا سيل سنڌو ديش مقدرآ، سائين جي ايم سيد رهبر آ ڀائرو، ڀينرو سنڌ جا وارثو............ جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيل سنڌ جا وارثو، آئون توهان کي سنڌ جي تاريخي تخت گاهه ۽ سنڌ جي دل ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿو. عمريست ڪه آوازان منصور ڪهن شد من از سرنو جلوه دهم دارو رسن را (عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري نئين سردارو رسن کي سينگارڻ گهران ٿو.) جيئي سنڌو ديش، جيئي سائين جي ايم سيد، تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ پاڪستان نالي ڪو ملڪ رهيو ئي ناهي جڏهن ته سنڌو ديش هن دنيا ۽ ڌرتيءَ جي گولي جو اهو ملڪ آهي جنهن کي قدرت هزارن ورهين کان زرخيز لائق آباد زمين ۽ سنڌو درياهه جي اڪيچار پاڻيءَ ۽ سمنڊ جي ڪناري سان پئي نوازيو آهي، جنهن ڪري هتي جي رهاڪن گهڻي وقت کان شهريت ۽ تهذيب جا درجا طئه ڪرڻ شروع ڪيا هئا. آثار قدميه جي کوٽائيءَ جي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته اٽڪل پنجن هزارن ورهين کان سنڌو ديش ملڪ قديم تهذيبن جهڙوڪ، مصر، سمير، اسيريا ۽ بابل وغيره ملڪن جي تهذيبن جي وقت کان وٺي تهذيب ۽ تمدن جون منزلون طئه ڪيون هيون ۽ گهڻي حد تائين ان وقت پنهنجي انهن هم عصر تهذيبن کان وڌيڪ سڌريل تهذيب ۽ تمندن رکندڙ هڪ ملڪ هو. سنڌ واسيو.! شروع کان سنڌو ديش جي رهاڪن هڪ طف امن ۾ رهي زرعي آبادي ۽ واپار جي ذريعي ترقيءَ جي راهه ۾ قدم پئي وڌايا ته ٻئي طرف سندن معاشري جي مسلسل ترقيءَ جي واڌ ۾ ڪيتريون رڪاوٽون پئي پيش آيون آهن، وقت بوقت ڌرتيءَ جو ڌٻڻ، سنڌو درياهه جي رخ بدلائڻ، درياهه جي ٻوڏن ۽ چوماسي هوائن جي تبديليءَ جي ڪري، هڪ طرف طاقتور ۽ جنگجو ڌارين سامراجي قوتن جي حملن ۾ سندن سياسي پست حالي اقتصادي استحصال ۽ مٿن ذهني تسلط ذريعي انهن جي فطري ۽ آزادانه ارتقا جي راهه ۾ رڪاوٽ پئي وڌي وئي آهي. سنڌ واسيو! جي چتائي نظر ڪجي ته سنڌو ديش ملڪ گهڻي وقت کان ڌارين سامراجي قوتن، ڦورن، لٽيرن ۽ هتان جي رهاڪن جي وچ ۾ ميدان جنگ رهيو آهي. ايراني شهنشاهنيت سنڌ تي قبضو ڪري ڪا به ڪسر نه ڇڏي پر جڏهن يونانين ايرانين کي شڪست ڏني تڏهن هنن(يونانين) سنڌو ديش جي خوشحالي جي هاڪ ٻڌي، سنڌ کي به پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو ڪجهه وقت کانپوءِ سنڌو ديش جي مقامي ماڻهن يونانين مان جان ڇڏائي پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏياري پاڻ ڀرو ٿيڻ کي ويجهو ٿيا ته وري ايران جي ساساني شهنشاهن اچي قبضو ڪيو. ان کان آزاد ٿيڻ بعد سنڌو ديش جا رهواسي عرب سامراج جي غلاميءَ جو شڪار ٿيا. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ وري سنڌو ديش جي رهاڪن آزادي حاصل ڪري ترقي طرف وکون وڌائڻ شروع ڪيون ته وري ارغونن ۽ ترخانن جي وحشانا ۽ غاصبانا قبضي ۾ سنڌو ديش آزادي وڃائي غلاميءَ هيٺ اچي ويو، نيٺ دهليءَ جي مغل شهنشاهن سنڌو ديش تي قبضو ڪري پنهنجي سلطنتن سان ملائي ڇڏيو، دهلي ۾ مغل حڪمرانن جي ڪمزور ٿيڻ ڪري سنڌي ماڻهن وري سنڌو ديش آزاد ڪرائي پنهنجي قومي حڪومت قائم ڪئي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌين اڃا پوري طرح آزاد ۽ خودمختيار حڪومت بڻائڻ جي شروعات ئي مس ڪئي هئي ته انگريزن سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي انتظامي سهولتن لاءِ بمبئي پرڳڻي جو حصو بڻائي ڇڏيو، 1936ع ۾ سنڌ جي قومپرست اڳواڻن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن بمبئي پرڳڻي خلاف تحريڪون هلائي سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرايو. ياد رهي ته! سنڌ جي زرخيزي ۽ خوشحاليءَ جي ڪري ڌارين سامراجي قوتن کي سدائين حرص پئي رهيو آهي ته ان تي تسلط قائم ڪري ان جو استحصال ڪن. پيارا ڀائرو ۽ ڀينرو! سنڌ جي گذريل هزارن سالن جي تاريخ تي نظر پوندي ته معلوم ٿيندو ته ڌارين طاقتن جي تسلط ۽ قبضي جي ڪري هنن جي تهذيبي ۽ تمدني ترقيءَ جي راهه ۾ نه فقط رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون پئي پيدا ٿيون آهن پر اقتصادي طور پڻ بک ۽ بدحاليءَ وارو زندگي گذارن تي مجبور ٿيندا رهيا آهن. پر وري جڏهن سجاڳ ٿي آزادي حاصل ڪئي اٿن ته نه فقط تهذيبي ۽ تمدني ترقي طرف وکون وڌائڻ شروع ڪندا آهن پر اقتصادي طور خوشحالي طرف موٽي پروقار ۽ پر امن زندگي گذاريندا رهيا آهن. ڀائرو ۽ ڀينرو! قوي امڪان هو ته برطانيا هندستان کي آزادي ڏيڻ وقت سنڌو ديش کي هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ بحال ڪري ها. ڇاڪاڻ ته انگريزن سنڌو ديش کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ فتح ڪيو هو. ان جي ابتڙ ٿيو ائين ته انگريزن پنهنجي وفادار پنجاب کي هن خطي جو چوڌري بڻائي پاڪستان جي نالي ۾ ملڪ ٺاهي، مالڪ بڻائي سنڌ کي انجو حصو بڻائي ڇڏيو. ان جي ثبوت طور آئون فقط هڪ حوالو (سائين جي ايم سيد جي ڪتاب سنڌ ڳالهائي ٿي) مان ڏيڻ چاهيان ٿو ته “سرفيروز خان نون پاڪستان جي وزيراعظم پنهنجي آتم ڪٿا “چشم ديد” نالي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ڇا جي مسلم ليگ ڇا جي ڪانگريس. پاڪستان پنجابين کي پهرين مهاڀاري ۽ ٻين مهاڀاري لڙائي ۾ انگريزن جي خدمت عيوض تحفظي طور مليو آهي.” سنڌ ڌرتي جا وارثو! سائين جي ايم سيد جي دور انديش اک ٺهندڙ ان امڪاني پاڪستان کي ڏسي ورتو هو، تنهنڪري هن نهايت دانشمندي سان انگريزن طرفان ٺهندڙ ان ملڪ کي قومن جي رضاڪارانه، آزادانه ۽ برابري واري معاهدي ۾ تبديل ڪرايو. ياد رهي ته! 23 مارچ 1040ع ۾ لاهور ۾ اهڙي قسم جي گهر ڪندي اهو واضح ڪيو ويو ته اڪثريتي مسلمان علائقن ۾ جدا رياستون هونديون ۽ جتي قومي حڪومتون برپا ڪيون وينديون انهيءَ ڪري سائين جي ايم سيد 3 مارچ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙي قسم جو ٺهراءُ پيش ڪندي پاڪستان جي گهر ڪئي هئي. سنڌ جا وارثو! جيتوڻيڪ اڄ تائين پاڪستان جا حڪمران ۽ پنجاب 23 مارچ 1040ع واري ساڳي قراردات جو ڏينهن پڻ ملهائيندا آهن پر ان قرارداد تي هنن ڪڏهن به عمل ناهي ڪيو ويتر هنن پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي جي دهليءَ واري اجلاس ۾ 1940ع واري قرارداد جي ابتڙ پاڪستان کي هڪ مذهبي قومي اسٽيٽ جو درجو ڏئي ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جدا قومي حڪومتن جي تصور، خيال ۽ ٺهراءُ کي مڪمل رد ڪندي زوري ۽ ڏنڊي جي طاقت سان اسيمبلين ۾ اڪثريت جي باوجود سرحد ۽ سنڌ جي حڪومتن کي ختم ڪري انهن جي تاريخي ۽ قومي حيثيت کي مضبوط مرڪز جي نالي ۾ پنجاب جي تابع ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته انهن اسيمبلين پنهنجي پنهنجي وطني ۽ قومي مفادن جو تحفظ ڪرڻ پئي گهريو پر انهن کي برداشت نه ڪيو ويو، بلڪه هتان جي اصلوڪين، شاندار ۽ هزارها سالن جو وجود رکندڙ تاريخي ٻولين کي پوئتي ڌڪي ڌاري ٻوليءَ کي قومي ۽ سرڪاري زبان طور ٿاڦيو ويو. ياد رهي ته! سنڌو ديش جي اصلي رهاڪن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مذهبي فساد ڪرائي 13 لک سنڌي هندن کي زوري لڏائي سندن ملڪيتن ۽ شاندار گهرن سميت 25 لک ايڪڙ سنڌ جي زمين ڪوڙن ڪليمن ذريعي ڌارين حوالي ڪئي وئي. هتان جي نوڪرين تي ٻاهريان ماڻهو گهرائي رکيا ويا. اڳتي هلي 1954ع ۾ ون يونٽ نافذ ڪري سنڌ کي سابق سنڌ سڏڻ سان گڏ سنڌ جي سڀني وسيلن تي پنجاب جو قبضو ڪرايو ويو. نون بئراجن ڄامشورو ۽ گڊو بئراجن ٺهڻ کانپوءِ 35 لک ايڪڙ زمين پنجاب جي حوالي ڪئي وئي. نيٺ 1970ع جي اليڪشن کانپوءِ بنگالين جي اڪثريت کي تسليم نه ڪندي انهن تي فوجي آپريشن ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 1971ع ۾ بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ سان برصغير ۾ مسلمانن هڪ الڳ ۽ جدا قوم آهن جو فرسوده ۽ غير فطري(ٻه قومي نظريو) پنهنجي موت پاڻ مري ويو. ليڪن سنڌ تمام وڏي اوڙاهه قبضي ۽ شڪني ۾ ڦاسي پئي. ان قبضي ۽ استحصال کي بظاهر قانوني شڪل ڏيندي 1973ع جو نام نهاد آئين ٺاهي سنڌ جي الڳ وطني ۽ قومي وجود کان انڪار ڪندي پنجاب جي اڪثريت کي هميشه لاءِ سنڌ بلوچستان ۽ پختونستان مٿان ٿاڦيو ويو ۽ سنڌ کي 21 سيڪڙو نمائندگي ڏئي هميشه لاءِ اقليتي حيثيت ۾ تبديل ڪري ۽ سنڌ جا سڀ پيداواري وسيلا پاڪستان جي حوالي ڪيا ويا. ڀائرو ۽ ڀينرو! دنيا وارن کي معلوم هجي ته پاڪستان جي وفاقي بجيٽ جو 80 سيڪڙو سنڌ ڏئي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جو 69 سيڪڙو گيس ۽ 75 سيڪڙو تيل پڻ سنڌ پيدا ڪري ٿي، پاڪستاني حڪومت طرفان گئس ۽ تيل ڪڍڻ لاءِ قائم ٿيل او جي ڊي سي ايل جي هڪ جهلڪ سان آئون سنڌ ۽ دنيا وارن کي آگاهي ڏيندو هلان ته او جي ڊي سي ايل ۾ ڪل 13 ڊائريڪٽر آهن جن مان هڪ به سنڌي ناهي ڪيل 12 جنرل مئنيجر آهن جن مان هڪ به سنڌي ناهي، 10 مئنيجر آهن جن مان فقط 2 سنڌي آهن، ايڏي پيدوار جي باوجود موٽ ۾ سنڌ کي ڌارين ماڻهن جي لوڏ نصيب ٿي آهي ۽ اڃا وڌيڪ ڌارين ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ذوالفقار آباد جهڙا خطرناڪ منصوبا جوڙي سنڌي ماڻهن کي هميشه اقليت ۾ تبديل ڪري پنهنجي سرزمين سنڌ تان حق حاڪميت کسڻ گهرن ٿا ۽ سنڌ جا وسيلا جهڙوڪ ٿر ۾ 185 ارب ٽن ڪوئلو ڦٻائڻ جي چڪر ۾ به آهن، جنهن جي ماليت سنڌ حڪومت جي ساليانه بجيٽ جيڪا 460 اربن جي لڳ ڀڳ آهي، ڪوئلي جي پيداوار مان 1600 سالن تائين سنڌ جي بجيٽ ٺاهي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ ڳڻائجي تڏهن به هر هڪ فرد کي يا ماڻهوءَ کي الڳ الڳ هڪ ڪروڙ پنجويهه لک رپيا اچي سگهن ٿا. سنڌ جي اقتصادي وسيلن کي پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب هڪ طرف ڦريندڙ ۽ لٽيندو رهيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ کي پنجاب رياستي ظلم ۽ جبر جو نشانو بنائيندو رهيو آهي. رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد کي 32 سال قيد و بند ۾ رکيو ويو، سنڌ ۾ هلندڙ قومي ۽ جمهوري جدوجهد کي پاداش ۾ سنڌ جي ماڻهن تي گوليون ۽ بم وسائي هزارين ماڻهن کي ظلم جو نشانو بڻايو ويو، ٺوڙهي ڦاٽڪ واقعي ۾ سنڌ جي شاگردن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ قومي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي سانگهڙ ۾ باکوڙي وٽ گوليون هڻي بي درديءَ سان باهيون ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ قومي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هزارين نوجوانن کي ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏئي ڪن کي جيلن ۾ واڙيو ويو، ڪن کي گم ڪيو ويو ته ڪن کي شهيد ڪيو ويو. قومي اڳواڻن کي راهه تان هٽائڻ لاءِ انهن تي حملا ڪري انهن کي مارڻ جي سازش ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ شهيد عبدالقيوم منگي ۽ مشتاق خاصخيلي کي شهيد ڪيو ويو، اهڙا ڪيترائي ظلم جيڪي پنجاب طرفان ڪيا ويا آهن جن جو تفصيل ڏجي ته ظلمن جا داستان ٺهي ويندا. سنڌ واسيو.! سنڌ جا رهاڪو بين الااقوامي اصولن موجب وطن زبان ڪلچر ۽ تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي هڪ جدا قوم آهن ۽ عالمي طور مڃيل قومن جي حق آزادي واري اصول جي آڌار تي پنجاب سياسي اقتصادي، ڪلچرلي، خوشحالي ۽ ترقيءَ جا فيصلا ڪرڻ جا حقدار آهن. ٻي طرف تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ پاڪستان نالي سان نه ڪوئي ڪو ملڪ رهيو آهي نه اتي جي رهاڪن جي جديد قومي نظرئي مطابق نه هڪ ٻولي رهي آهي نه ئي هتي جملي رهاڪن جو ڪلچر هڪ رهيو آهي ۽ نه ئي سندن روايتون ساڳيون رهيون آهن، نه سندن سياسي، اقتصادي مفادن ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي سگهي آهي، تنهنڪري پاڪستان کي هڪ ملڪ ۽ هتي جي رهاڪن کي هڪ قوم سڏڻ ۽ سمجهڻ ڌوڪي ۽ فريب کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جڏهن ته سنڌو ديش هزارين ورهين جي هڪ جداگانه جاگرافيائي حدن واري وطن ۽ تاريخي روايتن جي آڌار تي هڪ جدا قوم، جدا ڪلچر، زبان، سياسي اقتصادي مفادن جو حامل سمجهي ان کي پاڪستان کان آزاد ڪرائڻ ضروري سمجهون ٿا. ساڳي طرح بلوچستان ۽ بلوچن کي به الڳ ملڪ ۽ قوم سمجهندي انهن جي آزادي کي لازم ۽ ضروري سمجهون ٿا. واضح هجي ته؛ پاڪستان مذهب جي غلط تشريح جي نالي ۾ نفرت ۽ نفاق جي وسيلي وجود ۾ آندو ويو آهي، جنهن ڪري هن جو وجود نه فقط سڄي دنيا لاءِ نفرت ۽ تباهيءَ جو سبب بڻجندو پيو وڃي پر پاڪستان جي هجڻ ڪري جنهن تي نه فقط اقتصادي طرح پرڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسي تي پڻ پنجاب جي هڪ هٽي قائم آهي. ان سبب ڪري مذهبي انتهاپسندي دهشتگردي واري سوچ کي هٿي ۽ همٿ افزائي ڪئي وڃي ٿي. جنهن جو شڪار نه فقط سڄي دنيا ۽ انسان ذات ٿي رهي آهي پر سنڌ جيڪا صدين کان مختلف مذهبن کي سانڍڻ جي باوجود مذهبي رواداري وارو رويو برقرار رکيو اچي.ان جي ماڻهن مذهبي شدت پسندي جي سوچ وڌائڻ کي پنجاب طرفان پٺڀرائي ڪرائي وڃي ٿي. مثال طور بغير مذهب کان متاثر ٿيڻ جي شادي جو بنياد بڻائي زوري سنڌي هندو نياڻين کي مسلمان بڻائي انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيا وڃن ٿا ته فقط ايترو قبيلائي جهيڙن ۽ جڳهڙن کي پڻ رياستي پٺڀرائي حاصل آهي. سنڌ جي هڪ يگاني شاعر چواڻي ته؛ ڪو آ رحمان جي پاسي ڪو آ ڀڳوان جي پاسي اسان جو سجدو انهيءَ کي آ جيڪو آ انسان جي پاسي. تنهنڪري پاڪستان جي وجود کي نه صرف سنڌ لاءِ پر جملي انسانذات لاءِ نقصانڪار سمجهندي ان جي جلد ختم ٿيڻ ۽ آزاد سنڌو ديش جي قائم ٿيڻ کي سنڌين سميت پوري انسانذات لاءِ باعث نجات سمجهون ٿا. سنڌ جا غيرت مند فرزندو! هتي آئون هڪ ڳالهه جي به واضح، چٽي، صاف وضاحت ڪرڻ گهران ٿو ته ورهاڱي بعد سنڌ ۾ خاص طور تي ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙن کي تاريخ حادثو سمجهندي انهن تي واضح ٿا ڪريون ته اسين انهن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ سنڌي قوم جو حصو سمجهون ٿا پر انهن کي به واضح ۽ چٽي طرح مسلم قوم جي ناڪاره ۽ دقيانوسي فلسفي ۽ ٻه قومي نظريي مان هٿ ڪڍي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو حصو بڻجڻو پوندو. واضح هجي ته؛ پاڪستان جي قائم رهڻ ڪري سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن جو تقدس ۽ احترام به سلامت نه آهي، جيتوڻيڪ هن وقت به موجود جاگرافيائي حدون سنڌين جي اختيار ۾ ناهن پر ان صورت ۾ به ڪا اهڙي روش، سازش، ڳالهه يا نيت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪا موجوده سنڌ جي جاگرافيائي قومي وحدت لاءِ نقصانڪار يا خلاف هجي، ان ڪري آئون خاص طور تي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي آگاهي ٿو ڏيان ته کين سنڌ جهڙي فراخ دل ماءُ جي صدوري سرزمين جي گود نصيب ٿي آهي جنهنڪري انهن تي فرض بڻجي ٿو ته سنڌي قوم جو حصو بڻجي ان جي آزادي جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏين ۽ کين خبردار ٿو ڪيان ته اهڙي ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿين جنهن سان سنڌ جي تاريخي قومي وحدت کي نقصان پوي، ڇو ته اردو ڳالهائيندڙن جو مستقبل پاڪستان سان نه پر سنڌين ۽ سنڌ سان جڙيل آهي. دنيا جي عالمي طاقتن خاص ڪري پنجن وڏين طاقتن آمريڪا، برطانيا، روس، چين ۽ فرانس کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ جي عدم تشدد واري آواز تي ڌيان ڏئي سنڌ جي آزادي ۾ مدد ۽ سهڪار ڪيووڃي. جيڪڏهن هن وقت دنيا جون عالمي طاقتون ۽ ڌريون دنيا توڙي هن خطي ۾ امن ڏسڻ چاهين ٿيون ته هو پاڪستان جي خاتمي ۽ سنڌو ديش جي آزادي جي حمايت ڪن، ڇاڪاڻ ته پاڪستان مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي علامت ٿي چڪو آهي ۽ جڏهن ته سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجي مزاج ۾ امن پسند مذهبي رواداري، باهمي سمجهوتي يعني جيو ۽ جيئڻ ڏيو. واري اصول جي پاسداري ڪندڙ محبت ۽ امن جي ڌرتي رهي آهي. آئون هن تاريخي موقعي تي پنهنجي رهبر سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ سڄي دنيا ۽ اقوام عالم آڏو هيٺيون ڳالهيون رکڻ چاهيان ٿو، عالمي اصولن تحت اسان سنڌي هڪ قوم آهيون، جڏهن ته مذهب جي بنياد تي قوم جو نظريو دنيا جي ڪنهن به عالمي اداري ۾ تسليم ٿيل ناهي، انڪري پاڪستان هڪ قوم ۽ ملڪ ناهي پر هتي جدا تاريخي وجود رکندڙ قومون آهن، جن کي پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ زبردستي غلام رکيو ويو آهي، انهي ڪري سنڌو ديش ۽ بلوچستان جي قومي حق آزادي تسليم ڪندي انهن کي آزاد ڪيو وڃي. پاڪستان مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي علامت بڻجي چڪو آهي، تنهنڪري ان جو خاتمو ڪري برصغير ڏکڻ ايشيا ۽ سڄي دنيا ۾ عالمي امن اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم جون راهون کوليون وڃن. عالمي طور تي تشدد ۽ دهشتگردي وارو رويو ترڪ ڪري عدم تشدد واري سوچ، رويو ۽ رستو اختيار ڪيو وڃي. باهمي رواداري، سمجهوتي، تعاون براءِ ترقي، سيڪيولر سوچ (سنڌي سوچ) سهپ ۽ درگذر وارو رويو اختيار ڪندي عالمي مسئلن کي نبيريو وڃي. تشدد واري واٽ ۽ طريقي ۾ ايتري طاقت ناهي جيتري طاقت پرامن عوام جي قومي ٻڌي، پرامن جدوجهد ۽ آزادي جي چٽي ۽ واضح گهر ۾ آهي، انهي ڪري هي سنڌ هن عظيم الشان ميڙ. سنڌ جي ماڻهن جي قومي سمنڊ جي معرفت گهر ٿو ڪري ته اسان هڪ معاهدي تحت يعني 23 مارچ 1040ع ۾ پاڪستان ۾ رضاڪارانه طور شامل ٿيا هئاسين، پر ان معاهدي کي خود پنجاب 65 سالن ۾ 65 کان وڌيڪ ڀيرا رد ڪري ٽوڙي ۽ لتاڙي ختم ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي پاڪستان جي رهڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ڪونهي، اسان سنڌي هاڻي 1940ع واري معاهدي کي الوداع چوندي رد ٿا ڪريون ۽ سنڌ جي آزادي جي واضح ۽ چٽي گهر ڪيون ٿا. اي دنيا جا آزاد انسانو، قومون، طاقتور ملڪو، اقوام متحده ۽ دنيا جا ٻيا عالمي ادارئو! هن پوري دنيا ۾ امن ۽ اتحاد ۽ ترقيءَ جا خواهان ملڪو! ڏسو......ڏسو.....ڏسو.....اڄ سنڌ ڇا ٿي گهري. سنڌ گهري ٿي آزادي......سنڌ گهري ٿي آزادي........سنڌ گهري ٿي آزاد
Share on Google Plus

About Powered by JSSF JSMM

All the Copy rights of this post is only concerned with a "JSSF (JSMM)" News portal
    Blogger Comment
    Facebook Comment